Home / ويندي ويندي / !خچرن ۽ گڏهن پالڻ جي تهذيب
above article banner

!خچرن ۽ گڏهن پالڻ جي تهذيب

 

1948ع ۾ جڏهن وزيراعطم لياقت علي خان جون سنڌين سان ارهه زورايون وڌي ويون هيون تڏهن اُهي سنڌي مسلم ليگي جن پاڪستان ٺهڻ کي جيئري بهشت ۾ وڃڻ برابر ٿي سمجهيو تن هڪ وفد ٺاهي لياقت علي خان سان ملاقات ڪئي. اڪبر علي شاهه، ميهڙ واري جي سرواڻي ۾ ان وفد لياقت علي خان کي سنڌ سان ٿيندڙ بي واجبين جا مثال ٻڌائي آخر ۾ کيس سنڌ جي عاليشان تهذيبي پس منظر جا واسطا پئي وڌا، تنهن تي لياقت علي خان حقارت مان کيس چيو ته، “ڪهڙي تهذيب؟ گڏهن ۽ خچر چارڻ جي تهذيب؟” ۽ سنڌ جي زمين جي معاوضي جي مطالبي تي سيد سڳوري کي لياقت علي خان فرمايو ته فتح ٿيل علائقن جا به معاوضا ٿيندا آهن ڇا؟ لياقت علي خان کي ڌڻي جنت نصيب فرمائي، جيستائين جيئرو رهيو سنڌين کان ڀڳت ڪنور جي بيگناهه رت وهائڻ، هزارن سالن کان سنڌ ۾ آباد سنڌي هندن کي غير سمجهي سندن مقابلي ۾ يو پي، سي پي جي مسلمانن جي نينهن ۾ گرفتار ٿيڻ، 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حق ۾ ٺاهه پاس ڪرائي ملڪ ٺهرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪرڻ جي “گناهه” جو هڪ هڪ ڪري حساب ڪتاب وٺندو رهيو. اهو ته سنڌين تي پنجابين جو ٿورو ٿيو جن 1951ع ۾ کيس راولپنڊي گهرائي، ٽڪائي، مانيون کارائي هڪ پروفيشنل قاتل هٿان مارائي ڇڏيو. ڇو ته سنڌين کي کائي لياقت علي پنجابين کي ڪُترڻ لڳو هو. غلام محمد اينڊ ڪمپني کيس پنڊي جي ڪمپني باغ، جيڪو سندس شهيد ملت ٿيڻ کانپوءِ لياقت باغ بڻيو، ۾ ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو. پر لياقت علي خان جي سنڌين تي چٿر جو سنڌين تي ڪجهه به اثر نه پيو. ايوب کهڙي جڏهن لياقت علي جي چوڻ تي ڪراچي مان هٿ نه ڪڍيا ته کيس سياست مان نااهل قرار ڏئي سندس جاءِ تي پير الاهي بخش کي سنڌ جو وزيراعليٰ بڻائي ساڳيو ڪم ورتو ويو. پير صاحب مهاجرن جي سنڌ ۾ آبادڪاري تن ۽ من سان ڪئي. سندس ان ڪارنامي جي پٺيان ڪراچي ۾ اڄ به پي آءِ بي، يا پير الاهي بخش ڪالوني آهي. سندس پوٽي ۽ سنڌ جي سينيئر وزير، پير مظهرالحق لاءِ اڄ به نائين زيرو وارن جي دل ۾ خاص مقام آهي.

لياقت علي خان ته سنڌين کي گڏهن ۽ خچرن چارڻ وارو ڪوٺيو، جڏهن هجرت ڪري ايندڙ باقي ڀائي سنڌين کي اهو اُٿندي ويهندي ياد ڏياريندا رهيا ته “اسان جو ٿورو ڇٽو؟ اسان اچي اوهان کي واڻين جي غلامي مان نجات ڏياري، اسان جي نه اچون ها ۽ ملڪ نه ٺاهيون ها ته اوهان اڃا تائين ويٺا واڻين جون کٽون واڻيو ها!” ۽ واقعي به 1947ع ۾ سنڌي مسلمان ڇا هو؟ ڪي ٻه اڍائي سئو سنڌي زميندار هيا، ايترا ڪي وڏيرا، هزار کن ڪامورا، باقي سنڌي هاري هئا يا ڪوري ۽ موچي يا مال وند. اسان جنهن کي سنڌي قوم چئون ٿا ان ۾ ته سنڌي هندو به هو ته سنڌي مسلمان به. هاڻ اها ته تاريخ جي ڪرڻي ڀرڻي چئبي جو سنڌي مسلمان مسلم قوميت جي فلسفي هيٺ مذهب جي بنياد تي الڳ وطن جي گهر ڪئي ۽ ان الڳ وطن ملڻ کان پوءِ کيس اقتدار اعليٰ ۾ ڪمداري جي به نوڪري نه ملي. مٿان پڙهيل لکيل وچولو ڪلاس، جن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور کي ورهاڱي کان اڳ لندن، نيويارڪ ۽ پيرس بڻايو تن کي هتان لڏڻو پيو. اڄ سنڌي مسلمان کي هندن جي ڇڏيل شهرن ۾ واپس پهچڻ ۽ مڊل ڪلاس پيدا ڪرڻ ۾ سٺ سال کان مٿي جو وقت لڳو آهي. اسان کي لياقت علي خان، ويندي ويندي ان لاءِ ياد پيو جو تنهن ڏينهن لال قلعي جي گرائونڊ تي ايم ڪيو ايم جي قائد تحريڪ جيڪا تقرير ڪئي تنهن ۾ هن سنڌين کي واڻين جي غلامي مان آزاد ڪرائڻ جو احسان وري ياد ڏياريو.

پر ڇا اسان مان ڪو ئي اهرو ڪونهي جو کيس مولانا ابوالڪلام آزاد جي 1947ع ۾ دهلي جي لال قلعي ڀرسان جامع مسجد ۾ ڪيل اها تقرير ياد ڏياري ته “لال قلعي جون ڀتيون ۽ جامع مسجد جا مينار توهان هجرت ڪندرن کان سوال ڪن ٿا ته هجرت جي نالي تي انڪار وطن ڪڏهن کان سکيا آهيو؟ آخر ڪاڏي وڃي رهيا آهيو ۽ ڇو وڃي رهيا آهيو؟”

اڄ سنڌ ۾ ڪو ابوالڪلام به ڪونهي جيڪو پنهنجي هم زبانن کان انڪارِ سنڌ تي ساڳيو سوال ڪرڻ جي حجت ڪري ۽ کين سنڌ کان پري ٿيندڙ مهاجر سڃاڻپ تي ساڳيو انڪارِ وطن وارو سوال ڪري.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو