Home / افيئر / !لاڙڪاڻو پئڪيج: کوڙيءَ کي گهمرو
above article banner

!لاڙڪاڻو پئڪيج: کوڙيءَ کي گهمرو

 

لاڙڪاڻي واسي جن کي پ پ پ جا ووٽر سمجهندي ۽ بينظير ڀٽو سان وابستگيءَ ڪري مسلم ليگ (ن) جي حڪومت، ضياءُ الحق جي حڪومت ۽ پوءِ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۾ ترقياتي پروگرامن ۾ بلڪل نظرانداز ڪيو ويو. اهي ان وقت ڏاڍا خوش ٿيا هئا جڏهن پ پ پ جي نامزد وزيراعظم يوسف رضا گيلاني اهو اعلان ڪيو ته لاڙڪاڻي ضلعي کي هڪ “ماڊل ضلعو” ٿيندو. پر اهي اعلان اڃا سوڌو ائين ڀاسندو آهي ته شايد اهڙيون ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿي سگهن. لاڙڪاڻي شهر ۾ NHA طرفان ٺاهيل روڊن جي سڀني کي خبر آهي، جن تي مينهن وارن ڏينهن ۾ پاڻي بيهي رهندو آهي ۽ اهي ڪيترن ئي جڳهن تان يا ويهجي ويا آهن يا وري اُڀ – ڪپرا ٿي ويا آهن ٻيو ته ٺهيو پر هي سڀ روڊ (شهر وارا) بنا ڪنسلٽنٽ جي ڪرايا ويا ۽ باوجود نشاندهي ڪرڻ جي ڪجهه به نه ٿيو شايد. ان جيان ته “رڍن اڳيان رباب ورڄائيندي ورهيه ٿيا” ۽ انڌي اڳيان “هٽيل ڄڻ ڇيڻو ٽنگيل”.

لاڙڪاڻي جي ڪينسر اسپتال (لاڙڪاڻو انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئرمنيڊسين ۽ ريڊيو ٿراپي)جي پاسي کان ۽ ڪمشنر آفيس سان لاڳاپيل روڊ تي هميشه پاڻي نڪري ايندو آهي ۽ سوني تي سهاڳو، ان روڊ ۾ ٺاهيل پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ هنيل پائيپ روڊ ليول کان مٿي آهن تنهن ڪري پاڻي جيڪو مينهن جو هجي يا ڪنن نالن ۽ نالين مان اٿلي نڪري ٿو. اهو ان روڊ تي بيٺل هوندو آهي. ميونسپل هاءِ اسڪول ڀرسان ٺاهيل روڊ جو ڪجهه ٽڪرو جڏهن اُکڙجي ويو ته ان کي چيتون هنيون ويو جيڪو NHA جي پت کي وائکي ڪري ٿو ۽ انتظامي لاپرواهي جو ثبوت آهي. NHA ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئرز شهر ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته هن کان اڳ لاڙڪاڻي کي ايترا فنڊ نه مليا آهن. پر ڳالهه اها نه آهي ته رقم ڪيتري آهي؟ پر مسئلو اهو آهي ته ڇا هٿ ۾ کنيل ڪم مڪمل به ٿين ٿا يا ٽـِڪِ ٽڪ پئي هلندي، وقت سان گڏ روڊن ۾ استعمال ٿيندڙ مڙئي شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. ٻيو ته ٺهيو پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ مزدورن جون مزدوريون ۽ ڏهاڙويون به وڌنديون ٿيون وڃن.

وفاقي حڪومت لاڙڪاڻي کي خيرپور ۽ ٻين علائقن سان ڳنڍڻ لاءِ هڪ پل سنڌو درياءَ تي ٺاهي جنهن لاءِ NHA کي اختيار ڏنا ويا. اُها ته خير سان ٺهي وئي ۽ ٻنهي پاسي کان آمدرفت به شروع ٿي وئي آهي پر ان جو خيرپور طرف ويندڙ _ ٽنڊومستي پورشن ڪافي جڳهن تان اکڙجي ويو آهي ۽ لڳاتار اکڙجي رهيو آهي. شايد سرڪار کي خبر هوندي به خبر ناهي.

NHA طرفان جاري ڪيل پراجيڪٽ جيڪو 7 جون 2011 تي اسلام آباد کان جاري ڪيل آهي ان ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ان پراجيڪيٽ جي ڪل لاڳت آهي (12023.580) ملين روپيا ۽ هن وقت تائين ان تي 8070.338 ملين روپيا خرچ ٿيا آهن ۽ باقي 3953.242 ملين روپيا گهرجن ته اُهو پراجيڪٽ ٻنهي طرفن کان مڪمل ٿي وڃي. هن وقت تائين ٺيڪيدار جون NHA ڏانهن 1517.44 ملين روپيا رهتون آهن. هڪ اطلاع مطابق پراجيڪٽ روڊن سوڌو مڪمل ٿي ويندا. ان ڪري هي پراجيڪٽ لنڪ روڊ سميت اڻ مڪمل آهن. سو ڳالهه پئي ڪئي سون ته لاڙڪاڻي پئڪيج ۾ ٻيون ڪهڙيون اسڪيمون شامل آهن، انهن جو وچور هن ريت آهي.

لکي-لاڙڪاڻو-نئون ديرو روڊ، لاڙڪاڻو- موهن جو دڙو روڊ، رتوديرو-نئون ديرو روڊ، لاڙڪاڻو-قمبر روڊ، قمبر-شهدادڪوٽ روڊ، لاڙڪاڻو-نصيرآباد روڊ.

هاڻي اچو ته ڏسون ته ڇا هي سڀ ڊولپمينٽ اسڪيمون مڪمل به ٿيون آهن يا واري ابتو عوام لاءِ عذاب ثابت ٿي رهيون آهن ۽ ان کانسواءِ سرڪاري خزاني تي وڌيڪ بار ٿي رهيون آهن.

NHA جي هڪ اهم ڪاغذ مطابق لکي-نئون ديرو لاڙڪاڻو روڊ جي اسڪيم جي ڪٿيل رقم 166.097 ملين روپيا گهربل آهن جنهن ۾ ٺيڪيدار جون رهتون 367.00 ملين روپيا آهن ۽ هڪ اطلاع مطابق هن اسڪيم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 533.10 ملين روپيا گهرجن ۽ هيل تائين هن اسڪيم تي ڪل 85 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيو آهي.

لاڙڪاڻو-موهن جو دڙو روڊ جيڪو 1,267.76 ملين روپيا لاڙڪاڻو-موهن جو دڙو روڊ هڪ اهم شاهراهه آهي، جنهن تي ڪم ڪيتري عرصي کان بند پيو آهي. ۽ اها ورتا انهن ماڻهن کان پڇو جيڪي انهن روڊن ڀرسان ڳوٺن ۾ رهن ٿا يا وري هن روڊ تي قائم ايئرپورٽ، موهن جو دڙو، ڪيڊٽ ڪاليج، انجنيئرنگ ڪاليج ۽ زيڊ اي ڀٽو ايگريڪلچرل ڪاليج سان لاڳاپيل ماڻهن کان هن روڊ تي پٿر وڇائي ان کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو آهي ۽ ان روڊ تي سفر ڪرڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آهي. خدانه ڪري اهڙو ڪو واقعو ٿئي جو اتي هڪدم پوليس نه پهچي سگهي. هاڻ ته هن روڊ تي پيل پٿر به اکڙي رهيو آهي. آخر هتان جي ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جن کي خبر ناهي ته ڪهڙي جي سزا ملي رهي آهي.

اهڙون خبرون به عام آهن ته هن پراجيڪٽ سان لاڳاپيل انجنيئر ڪافي عرصي تائين هيڊ ڪواٽر تي ڪو نه هوندا آهن ڇو ته انهن کي وري قرضي پٽيندا آهن ۽ وري وجهه وٺي ميٽنگ جو بهانو ڪري ڪڏهن اسلام آباد ۽ ڪڏهن ڪراچي هليا ويندا آهن. چيو ٿو وڃي ته وفاقي سرڪار طرفان NHA کي گهربل رقم مهيا نه ڪئي وئي تنهن ڪري هي ڪم اڌ ۾ رهجي ويو آهي. پ پ پ جي اعليٰ ترين قيادت هڪ گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تمام جلد گهربل رقم مهيا ڪئي ويندي. پر ان جي پس منظر ۾ صرف ٺيڪيدارن کي 70 ملين روپيا ڏنا ويا پر ڪم شروع نه ڪيو آهي. هن پئڪيج جو هڪ ٻيو اهم پراجيڪٽ آهي. رتوديرو-نئون ديرو روڊ جنهن جي ٺهڻ لاءِ NHA جو ڪاٿو آهي 794.320 ملين روپيا جنهن تي هن وقت تائين صرف 431.686 ملين روپيا خرچ ٿي چڪا آهن ۽ ان جو ڪل ڪم 65 سيڪڙو ٿي سگهيو آهي. هن پراجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ NHA کي 458.63 ملين روپيا گهربل آهن. جنهن ۾ صرف ٺيڪيدار جون رهتون 96.00 ملين روپيا آهن. هي ڪم به ٻين ڪمن جيان رولڙي جو شڪار آهي. افسوس جو هن روڊ تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو به اچي ٿو جتي جهموريت جا چار شهيد ابدي آرامي آهن.

لاڙڪاڻي پئڪيج ۾ تمام گهڻو اهميت جو پراجيڪٽ آهي لاڙڪاڻو – قمبر روڊ جنهن لاءِ ڪاٿو لڳايو ويو ته ان لاءِ 829.108 ملين روپيا گهرجن. هن اسڪيم تي هن وقت تائين 137.441 ملين روپيا خرچ ٿي وڃڻ جي باوجود NHA کي ان پراجڪيٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 750.37 ملين روپيا کپن جنهن ۾ ٺيڪيدار جون رهتون 85.70 ملين به شامل آهن. افسوس ان ڳالهه جو آهي جو اڄ سوڌو هن ڪم تي صرف 21 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي. ان مان ان جي سست رفتاري ۽ سرڪار جي دلچسپي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اهو ته ڪو قمبر جي ماڻهن کان پڇي جيڪي هن عذاب کان بچڻ لاءِ هڪ ٻيو روٽ جيڪو پير ڳو کان ٿيندو قمبر وڃي ٿو ۽ اهو هڪ ننڍو روڊ آهي. هي ساڳيو ئي روڊ آهي جيڪو ماڻهو شهدادڪوٽ ويندي به استعمال ڪندا آهن. حال ته انهن کان پڇو جيڪي انهن روڊن سان پوندڙ ڳوٺن ۾ رهن ٿا ۽ هي عذاب خبر ناهي ڪڏهن کان نه ڇا پيا به برداشت ڪن.

قمبر کان شهدادڪوٽ ويندڙ روڊ جنهن تي هن وقت تائين NHA مطابق صرف 71 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي. ان لاءِ ڪاٿو هيو ته ان تي 1043.000 ملين روپيا خرچ ايندو ان تي هن وقت تائين ڪل 60 ملين روپيا خرچ آيو آهي، هن مان اندازو ڪريو ته هن اسڪيم تي هن وقت تائين سرڪار هڪ پئسو به رليز نه ڪيو آهي، ته پوءِ ڪيئن اميد ڪجي ته اهو وقت سر مڪمل ٿيندو.

اهو دورو سنڌ جي وزيراعليٰ جو ان ڳالهه کان خالي نه آهي ته ڪو پ پ پ وارن ۽ واپارين اهو مطالبو ڪيو هجي ته لاڙڪاڻو-نصيرآباد روڊ جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. پر ڳالهه اتي جو اتي آهي. هن روڊ سان سفر ڪندي گاڏيون جونءَ پير هلنديون آهن ۽ منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو آهي. هن پراجيڪٽ ۾ ڪٿيل رقم هئي 1363.809 ملين. جنهن مان هن وقت تائين 227.300 ملين روپيا خرچ ٿيا آهن ۽ ڪم صرف 22 سيڪڙو مڪمل ٿيو آهي.

تازن اطلاعن مطابق ته هن وقت به NHA کي مٿين مڙني پراجيڪٽس لاءِ ڪل 10,894.35 ملين ررپيا گهربل آهن جنهن ۾ ٺيڪيدار جون رهتون 2410.656 ملين رپيا آهن. سوال اهو آهي ته حڪومت پنهنجي سر ته نيت سان اهي سڀ اسڪيمون لاڙڪاڻي پئڪيجز تحت لاڙڪاڻي ۽ قمبر واسين کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر افسوس ته ايئن بلڪل نه پيو ٿئي جيئن ماڻهن سمجهيو پئي.

هن وقت تائين سڄي ساري پئڪيج جو هڪ به پراجيڪٽ مڪمل نه ٿيو آهي ۽ اهڙي صورتحال حڪومت لاءِ ڪا چڱي خبر نه کڻي ايندي ۽ ايندڙ وقت پ پ پ مطابق اليڪشن جو آهي ته پوءِ ڀلا حڪمران عوام کي ڪهڙو جواب ڏيندا. ٺلها سرڪاري هينڊ آئوٽ آخر ڪيستائين اها ڳالهه سمجهائي سگهندا ته سرڪار ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ بينظير ڀٽو جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ مڪمل ڪمٽيڊ آهي.

بينظير ڀٽو جي شهر ۽ تڪ ۾ شروع ڪيل جڏهن ترقياتي اسڪيمن جو اهو حال آهي ته پوءِ ٻين هنڌن تي ڇا ٿيندو. ان جو اندازو هر باشعور ماڻهو چڱي طرح لڳائي سگهي ٿو. باقي هروڀرو حڪومت هيڏا وڏا پئڪيج ڏئي اهو داٻو نه ڪري ته ان سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن پ پ پ جي گهر واري ضلعي جو حال اهو آهي ته ٻئي هنڌ ڇا ٿيندو؟ اهو هڪ اهو سوال آهي ته جنهن تي حڪومت کي تمام سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. نه ته عوام عوام آهي ۽ چونڊون مٿان آهن.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو