Home / افيئر / !ايل بي او ڊي جي ري ڊزائن: اڳيون نور به چٽ
above article banner

!ايل بي او ڊي جي ري ڊزائن: اڳيون نور به چٽ

سنڌ ۾ ورلڊ بئنڪ جي مالي سهڪار سان جوڙيل ايل بي او ڊي، آر بي ڊي، ۽ نيشنل ڊرينج پروگرام (اين ڊي پي) جي ترقي جي ميگا پراجيڪٽن جي بري طرح سان ناڪامي ۽ ڀيانڪ تباهه ڪارين کانپوءِ هاڻ گذريل ڪجهه سالن کان وري سنڌ ۾ عالمي بئنڪ جي اربين ڊالرن جي لاڳت سان سنڌو درياهه جي کاٻي طرف کان ٻوڏن واري پاڻي جي نيڪالي ۽ آبپاشي جي ترقي جو ليفٽ بئنڪ ريجنل ماسٽر پلان جي نالي سان هڪ وڌيڪ ميگا پراجيڪٽ جوڙڻ لاءِ واٽر سيڪٽر اِمپرومينٽ پراجيڪٽ (وسپ) جون سرگرميون شروع آهن. لاڙ کي سامونڊي کاري پاڻي سان ٻوڙي غرق ڪري ڀيانڪ جاني، مالي، ماحولياتي تباهي مچائيندڙ ايل بي او ڊي جو ناڪام ٿيل اٽڪل 60 ارب روپين جو ميگا پراجيڪٽ جيڪو آمر ضياءَ الحق جي راڄ ۾ 80 واري ڏهاڪي کان شروع ٿيو. 1995ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ فقط ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ جون 1998ع ۾ ڀيانڪ سامونڊي طوفان سائڪلون A_2 جي اچڻ کان هڪ سال اڳ سامونڊي ويرن جي سٽ نه سهي ٽائيڊل لنڪ روڊ ۽ ڪولري ويئر جي تباهي سان مڪمل طور تي تباهه ۽ ناڪام ٿي ويو.

1998 کان اڄ ڏينهن تائين گذريل 13 ورهين جي ڊگهي عرصي ۾ ورلڊ بئنڪ، واپڊا، سيڊا، وفاقي توڙي سنڌ حڪومت بدين واسين لاءِ ميگا ڊزاسٽر بڻجي ويل ايل بي او ڊي جي ان خونخوار آفت جو ڪو به متبادل حل تلاش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. شاهه سمابو ڪريڪ وٽان سمنڊ سان غير فطري طور تي ڳنڍيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين جيڪا خوفناڪ سامونڊي ويرن جي چڙهڻ ۽ لهڻ واري عمل سبب سوين فوٽ اونهي ۽ ٻه کان ٽي ڪلوميٽر ويڪري ٿي. لکين ڪيوسڪ سامونڊي پاڻي سان تار ٿي هڪ وڏي درياهه جي صورت ۾ ابتو بدين جي انساني ۽ زرعي آبادي طرف وهي رهي آهي ۽ سامونڊي ويرون ساحلي پٽي جا ڪيترائي ڳوٺ کاري پاڻي سان ٻوڙي تباهي مچائي رهيون آهن. جنهنجي روڪٿام، سامونڊي پاڻي جي ابتي وهڪري کي مستقل طور تي بند ڪرڻ، ايل او ڊي جي سم نالي اسپائينل ڊرين رستي مٿين ٽن ضلعن نواب شاهه، سانگهڙ ۽ ميرپور خاص جي برساتي ٻوڏن ۽ بدين ضلعي جي پاڻي جي قديم قدرتي وهڪرن وٽان ڪوري ڪريڪ رستي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به منصوبي تي عمل نه ڪيو ويو آهي. ايل بي ڊي او جي متبادل ڇوڙ ۽ تباهه ٿيل ٽائيڊل لنڪ روڊ ڊرين سمنڊ وٽان بند ڪري سمنڊ کي اڳتي خشڪي طرف وڌڻ کان روڪڻ لاءِ واپڊا وفاقي حڪومت جي اٽڪل ساڍا ڏهه ارب روپين جي ايل بي او ڊي ري ڊزائين جي هڪ منصوبي تي عمل ڪرائڻ لاءِ سال 2008 کان اڳ ان جو اڀياس لاهور جي هڪ نيم فوجي ڪنسلٽنٽ ڪمپني نيسپاڪ کان ڪرائڻ لاءِ ان ڪمپني کي ان جو ٺيڪو واپڊا وارن 4 ڪروڙ روپين ۾ ڏنو. ڪمپني مذڪوره ميگا پراجيڪٽ جي فزيبلٽي ٺاهڻ ۽ پراجيڪٽ جي مختلف شعبن جي اڀياس لاءِ گهڻا ماهر پڻ لاهور ۽ صوبي پنجاب جي ٻين شهرن مان وڏين پگهارن تي گهرايا جن پهرين چند مهينن تائين سيڊا آبپاشي کاتي سنڌ حڪومت سان گڏجي حيدر آباد ۽ ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ خانه پوري خاطر سيمينار ورڪشاپ ۽ اي سي آفيس ۾ ويهي، اصل متاثرن بدين واسين کان لڪي هڪ هاڃيڪار فزبيلٽي رپورٽ تيار ڪري ورتي. اهڙي کڙڪ پوڻ تي بدين واسين سخت احتجاج ڪيو جنهن ۾ سندن موقف هو ته ايل بي او ڊي جو هاڃيڪار منصوبو بدين واسين جي مشاورت کان سواءِ زبردستي ٺاهيو ويو جيڪو ناڪام ٿي تباهي مچائي رهيو آهي ۽ هاڻ ايل بي او ڊي جي ري ڊزائين جو منصوبو پڻ بدين واسين جي شرڪت کانسواءِ لاهوري ماهرن کان ‎ٺهرايو پيو وڃي جن کي علائقي جي جاگرافي ۽ پاڻي جي ڇوڙ وارن قديم قدرتي وهڪرن جي رستن جي ڪابه بنيادي ڄاڻ نه آهي. بدين واسين جي ڪيل سخت احتجاج بعد، نيسپاڪ ڪنسلٽنٽ ڪمپني آبپاشي ۽ سيڊا جي اهلڪارن اينٽي ايل بي او ڊي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ بدين جي آبادگارن ۽ علائقي جي جاگرافي جي ڄاڻ رکندڙ ماهرن ۽ سماجي اڳواڻن تي مشتمل هڪ اسٽيڪ هولڊر ڪمپني جي ان وقت جي آبپاشي سيڪريٽري جي هدايت تي چونڊ ڪري ان کي اڀياس ۾ شامل ڪيو ويو جن بدين جي اسٽيڪ هولڊر ڪميٽي جي ميمبرن جڏهن نيسپاڪ جي لاهوري ماهرن کي گڏيل مختلف فيلڊ وزٽون ونگو پتڻ ۽ شڪور ڍنڍ کان وٺي ٻيڙين رستي ڪي پي او ڊي جي زيرو پوائنٽ کان شاهه سمابو ڪريڪ تائين ڪرايون تڏهن وڃي سيڊا، آبپاشي کاتي ۽ لاهوري ماهرن جي ڪنن جا ڪپاٽ ۽ انهن جون اکيون کليون ته هي هڪ درياهه جيئان ابتو وهندڙ ٽائيڊل لنڪ ڊرين کي سمنڊ وٽان بند ڪرڻ اسانجي وس جي ڳالهه ناهي. ان بعد اٽڪل هڪ سال جي جاکوڙ بعد 2009ع ۾ بدين جي اسٽيڪ هولڊرن جي ئي مشورن سان نيسپاڪ ڪمپني ايل بي او ڊي ري ڊزائين جي منصوبي جي فزيبلٽي ڪيترين ئي تبديلين بعد وڃي فائنل ڪئي. جنهنجي پي سي ون پڻ 2009ع ۾ ٺهي ويئي پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ان منصوبي تي 2011 تائين به عمل ٿي نه سگهيو اڃا ان منصوبي تي ڪم جي شروعات ئي نه ٿي ته ساڳئي قسم جو ايل بي او ڊي، جي ڊزائين جو هڪ نئون ميگا پراجيڪٽ کڻي وسپ وارا ميدان تي اچي ويا آهن جن گذريل سال کان ساڳي قسم جي سيمينارن ۽ ورڪشاپن جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

مزي واري ڳالهه اها آهي ته وسپ وارا پڻ اهڙي ميگا پراجيڪٽ جي تياري لاءِ اربين روپين جي خرچ سان لاهور جي ئي هڪ پرڏيهي ڪمپني لوئس برجر کي ٺيڪو ڏيئي ڇڏيو آهي.لاهور جي ڪنسلٽنٽ ڪمپني پنهنجا گهڻا ماهر لاهور ۽ صوبي پنجاب جي ٻين شهرن کان وٺي اچي رهي آهي ۽ پرڏيهي ڪمپني لوئس برجر پنهنجا پرڏيهي گورا ماهر وٺي آئي آهي جنهن ۾ ولايتي ماهر ڊرا جيڪا ويزي لينو وڪ ۽ ڪار لوس اِيِ جئنڊاريلاس گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ايل بي او ڊي، جي ري ڊزائين ۽ ليفٽ بئنڪ ريجنل ماسٽر پلان جي مختلف منصوبن جي تياري لاءِ ميگا پراجيڪٽ جي اڀياس ۽ ٻين مختلف شعبن جي فزيبلٽي رپورٽ جي تياري لاءِ گهربل خانه پوري وارن شعبن ۽ اِسمن تي ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ سيمينار ورڪشاپ ۽ ڪاغذي ڪم شامل آهي. حيرت ناڪ ڳالهه اها آهي ته ايل بي او ڊي جي ميگا پراجيڪٽ جي ڊزائين برطانيه جي هڪ پرڏيهي ڪمپني ڊونالڊ تيار ڪئي هئي جنهن منصوبي ايڏي تباهي مچائي ۽ هاڻ وري خود ايل بي او ڊي جي ري ڊزائين توڙي وسپ جي سڄي ماسٽر پلان منصوبي جي اڀياس ۽ ان جي فزيبلٽي جو ڪم هڪ ٻي پرڏيهي ڪمپني ۽ لاهور جي هڪ اهڙي ڪمپني جي ماهرن جي حوالي ڪيو ويو آهي جن جو لاڙ ۽ سنڌ جي جاگرافي قديم دريائي وهڪرن، ٻوڏن وارن پاڻين جي قديم قدرتي ڇوڙ،ٻوڏن ۽ ڏڪارن جي تاريخن، موسمن، آبپاشي جي قديم ۽ موجودهه نظام، سنڌي ماڻهن جي رسم رواجن ۽ ماحوليات جي ڪا به بنيادي ڄاڻ نه آهي. اهي مقامي سنڌي ٻولي کان به اڻ ڄاڻ آهن. اهڙيون ڪنسلٽنٽ ڪمپنيون ۽ انهن جا اهڙا پرڏيهي ۽ سنڌ کان ٻاهر جا ماهر گهرائي ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي، اين ڊي پي ۽ ريجنل ماسٽر پلان وغيره جهڙا هاڃيڪار ميگا پراجيڪٽ جوڙائيندا ته اهڙا غير فطري غلط منصوبا ناڪام ٿي ايل بي او ڊي جهڙي تباهي نه مچائيندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟

سنڌ ۾ اربين روپين جي ميگا پراجيڪٽن جي ناڪامي ۽ انهن جي تباهڪارين جو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به حڪومت ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي. ايل بي او ڊي جي تباهڪارين جي ڪا به سرڪاري ۽ عدالتي تحقيقات اڄ ڏينهن تائين ٿي نه سگهي آهي. ڪنهن به ذميوار کي ڪا به سزا نه آئي آهي. ترقي جي نالي ۾ هاڃيڪار منصوبا جوڙي هڪ غريب ملڪ ۽ ان جي مسڪين عوام جو اربين روپين جو ناڻو برباد ڪري ناڪام منصوبي جو ورجاءُ ڪيو پيو وڃي. جنهن جو مک ڪارڻ اهڙن ميگا پراجيڪٽن ۾ ٿيندڙ اربين جي ڪرپشن آهي. جنهنجو ڪو به تدارڪ ۽ ازالو نٿو ٿئي. تازو 5 جولاءِ تي بدين ۾ وسپ جي ڪنسلٽنٽ ڪمپني انڊس ايسوسيئيشن طرفان فيز 2 جي سلسلي ۾ ايل بي او ڊي جي ري ڊزائين اڀياس ڪرڻ لاءِ بدين ضلعي جي اسٽيڪ هولڊرن جو هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ درٻار هال بدين م منعقد ٿيو جنهن ۾ جيتوڻيڪ ايل بي او ڊي جي تباهڪارين ۽ انجي متبادل ڇوڙ ۽ علائقي جي جاگرافي جي گهري ڄاڻ رکندڙ آبپاشي ماهرسيد ظفر علي شاهه جي عدم موجودگي سواليه نشان بڻيل هئي. ان جي باوجود هن رپورٽر، خادم ٽالپر، غفار کوسي ۽ حاجي محمد نواز ميمڻ جي، ايل بي او ڊي، جي ري ڊزائين بابت پڇيل اهم فني سوالن جا درست جواب مذڪوره ڪنسلٽنٽ ڪمپني جا ميزبان ماهر ڏيئي نه سگهيا. جيتوڻيڪ ڪمپني جا اهي ماهر ورڪشاپ جي ابتدا ۾ اهو چئي رهيا هئا ته اسان بدين جي اسٽيڪ هولڊرن جو اهو بدين ۾ ٻيو ورڪشاپ ان لاءِ ڪرايو آهي ته اسين اوهان کان پڇي اوهانجي ئي مشاورت سان رٿا لاءِ فزيبلٽي رپورٽ ٺاهيون پر مذڪوره ورڪشاپ ۾ ايل بي او ڊي جي متبادل ڇوڙ ۽ان جي ري ڊزائين جو هٿ ٺوڪيو اڻ مڪمل پروپوزل ٺاهي، بورڊ تي ان جي بريفنگ ڏيندڙ ماهر ڊاڪٽرن جي آر ڪيريو کان وضاحتي سوال پڇڻ کان به بدين جي اسٽيڪ هولڊرن کي روڪيو ويو صاحب پنهنجي بريفنگ ۾ اسپائيلن ڊرين جي برساتي ٻوڏن جي پاڻي کي ٿر ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ واري پنهنجي ناقابل عمل تجويز بابت پڇيل سوال جو ڪو به معقول جواب ڏيئي نه سگهيو. ايتري قدر جو پنهنجي ئي ٺاهيل رپورٽ ۾ کيس سري سان اها خبر ئي نه هئي ته ان سم نالي جو نالو ڇا آهي ۽ ڪهڙي آر ڊي وٽان اهو پاڻي ٿر ڏانهن ڇوڙ ڪيو ويندو. اهڙي طرح ان ورڪشاپ ۾ ڪمپني جي گهڻن ماهرن بابت معلوم ٿيو ته انهن کي ايل بي او ڊي جي ميگا پراجيڪٽ بابت ڪا به پيرائتي ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي انهن مان سواءِ پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح سومري جي ٻئي ڪنهن به ماهر اڃا تائين اڳوڻي واپڊا جي نيسپاڪ ڪنسلٽنٽ ڪمپني جي پنجن ڳرن واليومن ۾ تيار ڪيل ايل بي او ڊي جي ري ڊزائين واري منصوبي جي رپورٽ پڙهڻ جي تڪليف ڪئي آهي. ايل بي او ڊي جي ري ڊزائين جي ڊزائينگ ڪرڻ لاءِ ان ٺيڪيدار ڪمپني هڪ عورت ماهر ڊاڪٽر ضيغم حبيب کي لاهور مان گهرايو آهي جنهن پڻ ان ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي. اهڙي طرح وسپ جو اٽڪل 4 ارب ڊالرن جو اهو سنڌ جو ميگا پروجيڪٽ ان قسم جا ماهر تيار ڪري رهيا آهن، جيڪو يقينن ناڪام ٿيندو ۽ بدين ضلعو سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو

 

 

الهه بچايو جمالي

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو