Home / افيئر / !لومڙن جي پارليامينٽ ۾
above article banner

!لومڙن جي پارليامينٽ ۾

 

مـُردي پرست ۽ وهمي سماج ۾ ڪنهن جيئري انسان کي، گهربل مان مرتبو آڇيندي ڊڄ ٿو ٿئي. پنهنجي اندر ۾ هڪ سگهارو قنوطي پاليندي پيا گهمئون. ايئن جيئن ڌرم کان پاسائتو بيهڻ جو ڏيکاءُ ڏيندي. هردئه منجهه هڪ ملو ويهاري ويٺا آهيون. مهانڊو ڪلين شيو پر جي ڇاتي کولي ڏيکاربي ته لڪايل ڊگهي سونهاري. اها ڪيفيت شايد صدين جي تنگ نظري جو نتيجو آهي. شاباش انهن وڏن ماڻهن کي جن وقت جي ڊگهي بـَرَ ۾، هن ڌرتيءَ تي سيڪيولر پرچار ڪيو. گهاڻي ۾ پيڙيا ويا. سر نِوائي، رت جو ريج ساڻيهه کي آڇيائون. تن عظيم ارواحن جي ئي ڪشالن ڪارڻي اڄ اسان جي مـَنَ ۾ ويٺل مت ڀيد جو ڪوڏيو بگهڙ ڪجهه ضابطي ۾ آهي. نه ته آسپاس جاري رتوڇاڻ جون ڪسيون پاڻ وٽ به وهن ها—عجب نه لڳي.

هائو سائين! اسين مهان گڻن بابت گفتگو ڪندي نه ٿڪبا آهيون ۽ ٻي گهڙيءَ انهن جي لتاڙ ڪندي لڄ ناهي ايندي. هرهڪ، آخري يا مطلق سچ فقط وٽس ئي هجڻ جو دعويدار ڏسبو ۽ پهر سوا پوءِ دولاب جي ديويءَ سامهون گوڏا کوڙيل نهاربو. وات مان ڪني ڌپ اوڳاڇيندڙ لوڪ جن کي ڪوٺجي سي پاڻ ئي آهيون. ٻيو ڪير شايد به نه. ٻيائي، اسان جي دل ۽ دماغ کي ناسور وانگر چـُهٽيل آهي ۽ اهو مرض وچولي طبقي جي نالي ۾ نهال ساڃاهه وندن جي سڃاڻپ طور اڀري رهيو آهي. ڳالهيون هڪڙي طرح ڪبيون ۽ عمل ٻيءَ ريت. شخصي ايجنڊا،انسانيت جي نفيءَ جهڙي ڪڌائپ تي پوري ڪبي ۽ پوءِ ڪنا ڏند ڪڍي شيطاني کل کلبي. سڀ ايئن ئي ٿا ڪن_ بي حيائيءَ سان چئبو. ڄڻ ان قسم جي روش سچ پچ ڪو آفاقي قاعدو هجي.

ڳالهه جيڪڏهن ڪائناتي مـَتَن جي نڪتي آهي ته ماڻهپي جا بکيا اُڊيڙڻ هر لحاظ کان نهايت ڪرڀ ڏياريندڙ ڪرت آهي. جيڪا وري سنڌي سماج ۾ هڪ قدر طور کوڙ جڳهه والاريندي پئي وڃي. ٽِه-پتائي مڊل ڪلاس، ورهاڱي کان بعد جي سوکڙي. چار اکر پڙهيل ۽ پنج گفتا ڳالهائڻ جي صلاحيت رکندڙ. اخلاقيات گفتگو جو حصو ڪبي. ڪوڙي ۽ بي بنياد اميد پرستي جو ڏيک ڏبو. ماروئڙن، سانگيئڙن، جهانگيئڙن جي ڏتڙيل حال تي مانگر مڇ وارا ڳوڙها ڳاڙبا. قومي جبر، ڏاڍ ۽ رياستي تشدد تي موتي هاربا. سائين جي ايم سيد ۽ چاچي حفيظ قريشيءَ کي سلام ڪبو. ٻئي لمحي !؟… ساڳي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مجموعي وجود ۾ ڄور وانگر چڪ پائبو. پونءِ اچي، رت هجي- وڏا ڍڪ ڀري پيئبو. هاءِ ڙي ڌرتي! اصولي طور ٻيائي، ڊگهي انساني فڪر جي نتيجي ۾ اڀري آيل آفاقي قائدن جي، ڪريهه نفي آهي_ اوهان مڃو نه مڃو.

سو اهڙي ماحول ۾ پساهه کڻندڙ شخص لاءِ احترام پلئه پائي دان ڪندي ڊپ مرجي ٿو ته ساڻس ڪهڙو حشر ڪيو ويندو. ٺڙڪ ٺڳيءَ سهاري، پلي، لاسي کودن مثل تاتيل، ٽيهن چاليهن ورهين جا پاڻ هرتو دانشور، غريب سان ڪيئن پيش ايندا. سو چي خوف ٿو ٿئي. قومي فڪر جي لڏي مان مٿئين ۽ هيٺئين ٻنهي طبقن جي غيرموجودگيءَ سبب موقعي پرستي ۽ دلالپ جا رويا مکيه حيثيت والاري چڪا آهن. اهو پڻ هڪ الميو آهي ته سنڌ جي ڏاهپ لاچار آهي ته ڄاڻايل مرضن جي شڪار وچولي ڪلاسن سان ويچار ونڊ ڪري. چالاڪ ۽ حرفتي لومڙن جي پارليامينٽ ۾ پاڻ کي پيش ڪري ڪنهن انسان سان اهي جناور ڪيئن پيش اچي سگهن ٿا. رڳو تصور ڪرڻ سان ئي لڱ ڏڪي وڃن ٿا.

تنهن شامڙيءَ سندس لاءِ اڻکٽ احترام ڀانيم، سنڌ بابت هن جا خيال اختلاف جوڳا آهن. ريڊيڪل قوم پرست لڳندو آهي. گهٽ ۾ گهٽ منهنجو اهو خيال آهي. پر عطا محمد شاهاڻيءَ جي شخصي ايمانداري تي ذرو به شڪ نه اٿم. سوچيندڙ ۽ پاڻ پتوڙيندڙ منش، ناياب جنس. “اڄ جي نوجوان کي ڪهڙي صلاح ڏيندئو؟”. کائنس پڇيم. اڌڙوٽ پر معصوم شاهاڻي نراڙ تي هٿ رکي ڪا دير گڙپ ٿي ويو.

اسان وحشي، درندن جو سماج آهيون. سيڪيولر، سمجهاڻين سبب پٺاڻ ۽ پنجابين وانگر مذهب جي علم هيٺ ڪاهه ڪرڻ ۽ رت جا درياءَ وهائڻ مزاج وٽان نه اٿئون. تڏهن پڻ هڪٻئي جو مـَاسُ روڙي رهيا آهيون. اوهان ان طرح جي خونخوار جانورن وچ ۾ هجو ته ڇا محسوس ڪندا؟ خوف. ڊاءُ، ڏانهن وڌڻ کان روڪيندو. کين ڀاڪر ۾ وٺڻ نه ڏيندو، ڪڏهن ڪنهن رڇ جي ويجهو ويا آهيو؟ ڊپ تي قابو پائي وڃجي پوءِ به هڪ ٻئي سبب سندس هنج ۾ ويهي نه سگهبو. ڌپ، هائو، هردرندي جي چوڌاري بدبوءِ جو گهيرو هوندو آهي. ڪيترو به چاهيو اوهان ڪرڀ لڪائي نه سگهندئو ۽ هن جي بغل جي قريب نڪ آڻڻ ممڪن نه هوندو. اهڙي نوع جي جيئرن جاڳندن انسانن جي وچ ۾ هجي ته پوءِ؟ ساهه منجهندو، اورٽ ايندا. هنن کي گلي لڳائي ڪين سگهبو. ان طرح جي ڪيفيت ۾ هتان جو هر هڪ معصوم رهي ٿو. گهٽ انگ ۾ سهي پر پاڻ وٽ ابهم ارواح اڃا ڪجهه آهن ۽ هوريان هوريان ختم ٿي رهيا آهن. ٻوساٽ جيترو سماج کي ٻاهران وڪوڙيندو ٿو وڃي. اوترو ئي منجهانئس اندر کان پئدا ٿي رهيو آهي. تنهن وايو منڊل ۾ عطا محمد شاهاڻي نوجوانن کي هيٺين صلاح ڏئي ٿو.

“نوجوان پنهنجا رستا پاڻ ٺاهين. ايمانداري اپنائين ۽ جدا پر سندي بيهڪ جو مظاهرو ڪن”. اي ڪاش ته هن مرضيل معاشري جي نئين ٽهي ڄاڻايل لفظن منجهه موجود حڪمت پروڙي سگهي. ڄاڻي وڃي ته هو جنهن حال ۾ جي رهي آهي ان ۾ تبديلي ممڪن آهي. اوس ۽ سندس هٿان ئي اچڻي آهي. ڪٽڻپي جي راهه کيس ماڻهپي جي منصب ڏانهن وٺي نه ويندي، ڪشالا ڪڍندو پر صالح ماڻهو هڪ سانجهيءَ منزل تي رَسي ويندو. ڇوٽڪارو اوسيئڙي ۾ ڏسندو.

مون، قنوطي جـِيوَ، ڪاڻ ڪهڙو به ڪڌو لفظ ڪتب آڻيو. پر آءُ پنهنجي لاءِ محدود آزاديءَ جو فائدو وٺندي هاڻوڪي نئين پود جي گهڻائي کي اوباش سڏيان ٿو. اوهان چوندئو ائين ناهي، مٿو ڦريو اٿئي. غلط ٿو چوين. دليل ڏئي ڳالهائيندوء ته لـُچائپ دراصل منهنجي کوپڙِي ۾ آهي. نوجوانن جي اڪثريت اُتساهه ڀريل ۽ سکڻ لاءِ آتي آهي. ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي ۽ رستا به چونڊي ورتا اٿائين. سچي لگن رکي ٿي ۽ ڪوڙ کان نفرت سانڍيندڙ آهي. جدا ۽ يگاني بيهڪ حاصل ڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪا نه لڳندس. آءُ هارائجي ويندس پر خوش هوندس ته عطا محمد جهڙي نيڪ نيت انسان جي آشاپوري ٿي رهي هوندي. سنڌي ماڻهو سڌاري جي واٽ تي هوندو. معاشرو لومڙن جي پارليامينٽ نه پر گل گلزار ڏسبو. سک جا سانگيئڙا موٽي ملندا. انسانيت جو سڪو رائج ٿي ويندو. شاهاڻيءَ جهڙا ارواح پريان ڪٿان مسڪرائي رهيا هوندا. مون پارن جو ڪنڌ هيٺ جـُهڪيل ڏسبو_ بي معنيٰ اميد ۽ بي وسي گڏ گڏ هلي رهيون آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو