Home / پروفائيل / !منصور ملڪ؛ مٽي اَول، مٽي آخر
above article banner

!منصور ملڪ؛ مٽي اَول، مٽي آخر

سنڌي اديب ۽ شاعري جو هڪ اهم نالو منصور ملڪ وقت کان اڳ اسان کان جدا ٿي ويو. هو وقت کان اڳ پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ته وقت کان اڳ پنهنجي زندگي تان به هٿ کنيائين!شايد کيس ڪجهه وڌيڪ تڪڙ هئي!.

سنڌ جي اڻ ڳڻين ڳوٺن ۾ ڄاول ۽ پوءِ شهري بڻجي ويلن جيان ڊاڪٽر عبدالقيوم “منصور ملڪ” کي به پنهنجي ڄمڻ جي اصلي تاريخ جي خبر نه هئي، جيتوڻيڪ سندس والد محمد بچل ملڪ هڪ پڙهيل لکيل ۽ سنڌي جو استاد هيو، پوءِ به منصور ملڪ پنهنجي ڄم جي تاريخ کان اڻواقف رهيو ۽ پنهنجي زندگي جا سمورا پل هو ان تاريخ جي تلاش ۾ رهيو جيڪا هن جي ڄم جي اصل تاريخ هئي. نيٺ ان تلاش ۾ هن کي جيڪا به تاريخ سٺي لڳي. ان کي هن پنهنجي جنم جي تاريخ ڪري ڇڏيو. اها تاريخ هئي 25 مارچ 1952ع ۽ سندس ڄمڻ جو هنڌ آهي سنڌونديءَ جي کاٻي پاسي تي اڏيل ننڍڙي شهر جو ڏيک ڏيندڙ هڪ وڏو ڳوٺ “ملڪ” تعلقو مورو ضلعو نوشهروفيروز(اڳوڻو نواب شاهه) جنهن کانپوءِ سندس والد سدائين لاءِ پڊعيدن اچي رهيو ۽ پڊعيدن واسي ٿي ويو ۽ پوءِ منصور ملڪ جتي به رهيو، پڊعيدن جو ٿي رهيو ۽ آخر ۾ پڊعيدن جي مٽيءَ سان ملي پڊعيدن جوئي ٿي ويو.

آيو موت ته روح اُڏي ويو، جسم ٿيو آزاد

مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زندهه آباد. (اياز)

سندس چواڻي هن نه لکڻ جهڙو لکڻ هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ پڙهڻ دوران شروع ڪيو. سندس شروعاتي ادبي دوستن ۾ راشد مورائي، عظيم سنڌي، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، ۽ عدنان بهڻ وغيره آهن. هو پڊعيدن، مٺياڻي، سڪرنڊ، نوابشاهه، ڄامشورو ۽ تاشقند(اڳوڻو سوويت يونين) ۾ پڙهيو ۽ قاضي احمد، سڪرنڊ، نوابشاهه ۽ ڪراچي ۾ ملازمت ڪيائين. جڏهن هو شهپريل جوان هئو ته سنڌي ماستر هئو ۽ جڏهن ڊاڪٽر بڻيو ته هن ڏاڙهي سان گڏ پنهنجي شهپرن کي نه بخشيو!

زندگي جي سفر ۾ هـُن ڪيترو ئي پنڌ ڪيو پر پنهنجي پيرن جا نشان ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ڪو نه ڇڏيائين، سواءِ روس ۾ پڙهڻ دوران دوستن کي لکيل انهن خطن جي جيڪي به گهڻي ڀاڱي انهن دوستن وٽ ئي رهيا، يا انهن کانپوءِ منصور ملڪ جڏهن پاڻ کي سهيڙڻ چاهيو ۽ نئين سري کان لکڻ شروع ڪيائين ته انهن خطن جو ڪجهه حصو کيس مليو به هئو. جيڪو ڪنهن به حالت ۾ هن ڇپائڻ نٿي چاهيو، ڇاڪاڻ ته اهي سمورا خط هن جي زندگي جي ان دور جا هئا ۽ انهن ۾ اهي تجربا هئا، جيڪي تجربا هن تاشقند(اڳوڻي سوويت يونين) ۾ پڙهڻ وقت ۽ موڪلن ۾ يورپ جا ملڪ گهمڻ وقت پرايا هئا!. جيڪي سندس هاڻوڪي گذرندڙ زندگيءَ جي بنهه ابتڙ هئا.

جيتوڻيڪ ان ڳالهه ۽ ان سوچ تي منهنجو ساڻس سدائين اختلاف رهيو.ڇاڪاڻ ته (1) اهي خط اهڙا هئا، جيڪي سندس ذهني، نظرياتي، اوسر کي ثابت ڪن ها ۽ کيس سمجهڻ ۾ مدد ملي ها.

(2) سندس اهي خط پهرئين شايع ٿين ها ته شايد سندس هاڻوڪي زندگي بابت گهڻي ڄاڻ نه ملي ها.

(3) اهي خط ان ڳالهه کي واضح ڪن ها ته سندس خيال اڄ کان اڳ ڪيئن هئا ۽ اهي ڪهڙا محرڪ هئا جن هن ۾ ايڏي وڏي تبديلي آندي، ڇالاءِ ته اهي خط ڇپجڻ لاءِ يا اهڙي ڪنهن به منشا لاءِ نه لکيا ويا هئا، ان ڪري اهي پنهنجي دور جي لکندڙ جي دل ۽ دماغ جو آئينو هئا.

(4)انهن خطن مان ادبي حوالي ۾ سندس ارتقا جو اندازو ٿئي ها خاص طور آئيڊيا ۽ ٻوليءَ جي حوالي ۾ .

(5) اهي خط سندس سچو پچو ۽ ڪنهن به مضنوعيت کان آجو اظهار هئا. ان ڪري انهن کي هن شعوري طور ۽ مصلحت کان ڪم وٺندي، پنهنجي هاڻوڪي زندگي کان الڳ رکڻ چاهيو.

ها! هو هاڻوڪي زندگي ۾ پنهنجي ڪٽنب اندر ايتري ذهني دٻاءُ جو شڪار هو جو هو پنهنجا اهي خط ڇپائڻ افورڊ نه ڪري سگها ها!. سبب اهو آهي ته 1998ع کانپوءِ (جڏهن هن کي پهريون دل جو دورو پيو) هو پنهنجي دوستن، ساٿين سان گهڻي حد تائين ملڻ جلڻ ڇڏي چڪو هو. هيءُ هن جو نئون تعارف هئو ۽ نون ماڻهن، دوستن، ساٿين سان هئو.

1998ع کانپوءِ ساڻس بيحد ويجهڙائي ۾ رهندي مون کي اها ڄاڻ پيئي ته هو ٽيهارو سال ادب کان بنهه ڪٽيل رهيو ۽ هاڻ هن لاءِ جيئڻ ۽ خوش رهڻ جو وسيلو فقط ادب، شاعري هئي. سچ اهو آهي ته 1998ع کانپوءِ هو جيڪو به عرصو زندهه رهيو اهو عرصو هن کي جيڪڏهن ڪا شيءِ زندهه رکي سگهي ته اها فقط هن جي لکڻ پڙهڻ واري عادت هئي. هن جيڪي به ڪتاب ڇپرايا ۽ انهن تي جيڪو به خرچ ڪيو، ان کان ڏهوڻو خرچ به ٻيءَ طرح هو پنهنجي صحت تي ڪري ها،تڏهن به هو ايترو عرصو زنده نه رهي سگهي ها.

ٿوري عرصي ۾ گهڻي پذيرائي ماڻيندڙن مان منصور ملڪ هڪ اهم ۽ ڀاڳن وارو شخص هئو. هن پنهنجو گهڻي کان گهڻو وقت پنهنجي ڪتابن لکڻ ۽ ڇپائڻ کي ڏنو. ڇو ته کيس اها سڌ هئي ته سنڌ جي اديبن جي وڏي حصي وانگر سندس وڃڻ کانپوءِ سندس سمورا اڻڇپيل ڪتاب ڇپجي ڪو نه سگهندا. ان ڪري هو پنهنجا سڀ ڪتاب پڻ ڇپرائي ويو.

اڄ سندس زندگي جي سفر بابت هيءُ اکر لکندي نارائڻ شيام جون هيءُ سٽون ياد اچي رهيون آهن.

پهتاسين ڪهڙي ماڳ تي سو ڇا پڇي ڪندين!

هيءُ پڇ ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان؟.

۽ جڏهن انهن “ڪٿان ڪٿان” لفظن جو پيرو کڻان ٿو ته هن جي زندگيءَ جي ڪجهه اهڙن پلن تي به نظر پويم ٿي جن ۾ هو پاڻ کي بنهه اڪيلو محسوس ڪندو هئو. هن جي سفيد ننڍڙي ڏاڙهي ۾ سندس چهري تي تري آيل اڪيلائي، ڏک ۽ غصي جون لڪيرون لڪي وينديون هيون ۽ هو وڏو ٽهڪ ڏيئي، ڄڻ انهن ڪيفيتن کي پاڻ کان دور ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هئو. نه رڳو ايترو پر هو ان احساس کي مٽائڻ لاءِ ڪي اهڙا يوٽو پيائي، منصوباپڻ جوڙي وٺندو هئو، ان احساس کي مٽائڻ لاءِ ڏسڻ، ناممڪن نه تڏهن به مشڪل ضرور هئو . اهي احساس ۽ خيال هن پنهنجي نثري ڪتاب ۾ اظهاريا آهن. انهن خيالن کي مختلف حوالن ۾ به جاچي سگهجي ٿو، پر مان جيڪڏهن ايمانداري سان چوان ته ائين چوڻ چاهيندس ته هيءُ چوڏهن ڪتابن جو ليکڪ پنهنجي ڪتابن سان بيحد پيار ڪندڙ شخص تڪڙو وڃي، اسان سڀني کي اهو محسوس ڪرائي ويو آهي ته اسين سڀ پنهنجي پنهنجي ڪم کي تڪڙي نموني ترتيب ڏيئي وٺون ڇو ته مٿان کان ٿيندڙ ازلي سڏ کي اسين سڀ ڪڏهن به لنوائي نه ٿا سگهون. اهو سڏ اسان کي هڪ منٽ جي به مهلت نه ڏيندو. ڇو ته ڪڏهن به ڪنهن سان هن اهڙي رعايت نه ڪئي آهي.

اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ کي ٺڳڻ جو به هڪ رومانس ٿئي ٿو، جنهن رومانس تي تخليقڪار ڪڏهن ڪڏهن سموري سچائيءَ ۽ وقت جي تيز رفتاريءَ کي قربان ڪري ڇڏيندو آهي. جيئن اسان جي هن دوست منصور ملڪ ڪيو!

سچ ته مونکي ڪڏهن ڪڏهن انتهائي گهڻو ڊپ لڳندو هئو ته اسان جي هن ودست پنهنجي ٻاهران تصورن جو جيڪو خوبصورت، پوپٽ جي پرن جهڙو رنگين ۽ نفيس ڄار اڻيو آهي. اهو ڪنهن به سچ سان مهان منهن ٿي نه سگهندو ۽ نه ئي ان جي سختگيريءَ جي سٽ جهلي سگهندو ۽ پوءِ منصور ملڪ ان سان ڪئين آمهون سامهون ٿيندو؟

ها شايد اظهار ڪرڻ کانسواءِ هن اهڙي امڪان کي محسوس ڪري ورتو هئو، جنهن سبب هن مذهب ۾ پناهه وٺڻ شروع ڪئي هئي، جيڪو وري هڪ ٻيو ڄار هئو، دراصل هن پوئين ڄار ڏانهن هن کي اچڻو ئي هئو ڇاڪاڻ ته هن جون پهريون رستو به خيالي هئو ۽ ٻيون رستو به خيالي هئو، سندس اهڙي نموني واري زندگي کي سچ پچ بلا شاهه خوبصورت نموني اظهاريو آهي ته!

مين تان ايڪ خيال ها،

ملسان نال خيال دي.

۽ جڏهن خيال سان خيال وڃي ملي ٿو، تڏهن پوئتي ڪجهه باقي نه ٿو رهي، ها جيڪو ڪجهه رهجي وڃي ٿو، اهو ان ويندڙ شخص جي خيال جو پڙاڏو ئي آهي جيڪو سندس ڪتابن، لکڻين ۾ رهجي ويندو آهي. جيڪو ئي هن ڪائنات ۾ سدائين رهڻو آهي جيڪڏهن ان ۾ ڏينهن، هفتن، مهينن، سالن ۽ صدين تائين زندهه رهڻ جي سگهه آهي ته!! ۽ شخص جي حوالي ۾ به شاهه سائين جي هن سٽ وانگر ته-

دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واسُ

شاهه سائينءَ جو ڪمال اهو آهي ته هن “واس” لفظ کي ايتري وڏي ۽ جامع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي جو حيرت جي حد ۾ رهجي ٿو وڃجي.

دنيا ۾ پويان ڇڏيل “واس” ئي هن شخص جي سڃاڻپ طو ر رهجي وڃي ٿو “واس” ۾ ان شخص جي بوءِ هجي ٿي. پوءِ اها “خوش” هجي يا “بد” هجي. اهو ان شخص تي مدار آهي ته جو پوئتي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ ڇا ڇڏي ٿو.

هن پنهنجي آخري سفر کان اڳ هڪ سفر نامو به لکيو ، جيڪو سندس آخري ڪتاب آهي، هيءُ ڪتاب ان سفر جي ڪٿا آهي، جيڪو سفر هن هڪ جذبي هيٺ ٽيويهن سالن کانپوءِ پنهنجي صحت جي سخت ناچاقي باوجود ڪيميرووُ تائين ڪيو. جنهن کي هن نالو ڏنو “ڪراچي کان ڪيميرووُ تائين” جيتوڻيڪ هن دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهميا، پر هن ڪو به سفر نامو نه لکيو. ان سفر جو به نه، جيڪو هن هڪ اديب جي ناتي، انڊيا جو ڪيو هئو. هو دهليءَ ۾ سنڌي نثري نظم(نئين ڪوتا)جي نهايت اهم شاعر، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته سنڌي ترائيل جو پهريون ڪتاب سنڌي ادب کي ڏيندڙ شاعر هريڪانت جيٺواڻيءَ وٽ رهيو هئو ۽ اتان پوءِ موهن ڪلپنا سان ملڻ لاءِ مدد علي سنڌي جي خط سان گڏ روانو ٿيو هئو. ممبئي ڀرسان اڏيل سنڌين جي وسنديءَ الهاس نگر! اهو سندس دلچسپ ۽ ادبي سفر نامو بڻجي ها، جيڪڏهن هو لکي ها ته!!

۽ جيڪو سفر نامو هن لکيو، ان کيس پنهنجي شاعري کان وڌيڪ مڃتا ڏني. سنڌ توڻي هند ۾. جنهن ڪتاب بابت ڪيترائي خط سندس وٽ به آيل هئا ته مون وٽ به، جن مان ڪجهه “تو لکيو مون پڙهيو” نالي سان ڪتاب ۾ به محفوظ آهن.

هن جي جنهن ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي نهايت اعلي اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ لکيو، خوش نصيبيءَ سان ان ڪتاب جي مهورت به ڊاڪٽر صاحب جي هٿان ڪراچي ۾ ٿي. جنهن کيس وڌيڪ لکڻ لاءِ اُتساهه ڏنو. پر سچ ته هيءُ آهي ته هو اتساهه وٺڻ کان وڌيڪ اتساهه ڏيندڙ شخص هئو. شخصي طور هو پنهنجي مٽن مائٽن، دوستن، دوستن جي اولاد وغيره جي پنهنجي هڙان وڙان هر ڏکي سکي گهڙي ۾ مدد ڪندو رهندو هئو. سندس گهر انهيءَ ڪري گهڻي ڀاڱي مائٽن مٽن ۽ مهمانن سان ڀريل رهندو هئو. هڪ ڊاڪٽر هجڻ جي ناتي هو ڪيترن ئي دوستن جي تڪليفن وقت ساڻن گڏ گڏ رهيو، جنهن ۾ هن اهو به نه سوچيو هوندو ته هو هڪ ڊاڪٽر سان گڏ هڪ دل جو مريض به آهي. آخري سالن ۾ هن ترقي پسنديءَ کي الوداع چئي، تصوف وارو رستو ورتو هئو، جيڪو مونکي تصوف کان وڌيڪ مذهب جي ويجهو لڳندو هئو. هن مذهب ڏانهن موٽڻ وقت تڪڙو ڪم اهو ڪيو جو ٻڍڙي والد کي پاڻ سان گڏ حج ڪرايو. جنهن بعد هن گهڻو وقت پنهنجي ٻڍڙي پيءُ جي خدمت ۾ گذاريو. جنهن جي وفات کانپوءِ هڪ وڌيڪ عمرو ڪيو. سندس اهو عقيدو تصوف وارو نه پر مذهب وارو هئو. نه رڳو ايترو پر آخري ڏينهن ۾ هن هڪ تبليغي گروپ سان پڻ واسطو رکيو. جيتوڻيڪ تبليغين سان گڏجڻ سندس هيءُ پهريون ڀيرو ڪو نه ٿيو هئو. هن کان اڳ به هو الڳ الڳ وقتن تي ساڻن گڏ رائيونڊ وغير جا چڪر هڻي چڪو هئو. منهنجو خيال آهي ته هو جڏهن به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هئو ته مذهب ئي سندس پناهه گاهه بڻيو هئو. ڇو ته هن باقي سڀ دروازا پاڻ لاءِ بند ڪري ڇڏيا هئا. خود تصوف وارو دروازو به!!

صوفي سڏائڻ لاءِ يا هجڻ لاءِ هن وٽ ڪو خاص سبب نه بچيو هئو. هن لاءِ فقط هڪ آٿت هئو. جيڪو هئو، ڪنور ڀڳت جو هڪ عاشق ۽ اسان جو برهمچاري دوست اشوڪ اروڙ!… ڌڻي ان کي وڏي ڄمار ڏئي اشوڪ اروڙا ڄڻ ته هن جو تمر فقير هئو.

“منصور جو منشور” سندس شاعراڻو ڪليات آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي اڳواٽ جوڙيل پروگرام تحت 25 مارچ 2011ع تي پنهنجي جنم ڏينهن تي ڇپايائين. جنهن جي ڪاپي مون کي ان وقت ڏنائين جنهن وقت پاڻ منهنجي پٽ دانش کان جناح اسپتال ۾ پڇڻ آيو. هيءُ پهريون ۽ شايد آخري ڪتاب هئو، جيڪو هن پنهنجي آٽو گراف کانسواءِ مونکي ڏنو هئو. اتفاق سان ان وقت نه مون وٽ پين هئي ۽ هن وٽ پين هئي.

“منصور جو منشور” ڪتاب جي جلد ۾ پهريون سفيد پنو اڄ تائين هن جي آٽو گراف لاءِ واجهائي رهيو آهي. مان جڏهن هن سفيد پني کي ڏسان ٿو، جنهن تي هن جو آٽو گراف نه آهي ته اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون.


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو