Home / ويندي ويندي / !مرڊوڪ مصيبت ۾
above article banner

!مرڊوڪ مصيبت ۾

فاڪس Fox ٽي وي جون ”ڇرڪائيندڙ” خبرون اسان نائين اليون جي واقعي کان پوءِ ٻڌيون. ان کان ڏهه سال اڳ عراق واري جنگ يا Gulf War ڀيري پهريون پهريون دفعي اسان ڪيبل نيوز نيٽ ورڪ يا سي اين اين کي اکين سان ڏٺو. کڻي جو سي اين اين يا بي بي سي مسيت جو ڪک ڪو نه هيون پر Fox ٽي وي جيڪو تجزين ۽ تبصرن جي نالي تي تبلو وڄايو تنهن اسان جي دل ۾ سي اين اين جي عزت وڌرائي ڇڏي. جمعدار جاڙي خان جي قلم مان نڪتل ڇرڪائيندڙ انڪشاف جهڙيون خبرون ڏسڻ لاءِ Fox ٽي وي کولبو هئو. ۽ اتي جيڪا سنسني هوندي هئي سا ڏسي وائڙا ٿي ويندا هئاسين ته هڪ آمريڪي ميڊيا به ايتري هلڪڙي ۽ ٽرڙي ٿي سگهي ٿي ڇا؟

پر گهڻو پوءِ خبر پئي ته Fox ٽي وي ۽ اهڙا ڪيئي ميڊيا جا ادارا هڪ کرب پتي شخص روپرٽ مرڊوڪ جا آهن جنهن جي ايجنڊا دنيا ۾ ساڄي ڌر جي نظرئي جو کلم کلا پر چار آهي. هو ميڊيا ۾ اڻ ڌرئي رهڻ جي تصور جو انڪاري آهي. کيس دنيا جي هڪ ڊزن با اثر ترين ماڻهن ۾ شامل هجن جو اعزاز آهي. وال اسٽريٽ جرنل جهڙي معتبر اخبار ۽ برطانيه جي Times ۽ Sunday Times جهڙيون اخبارون، هن صاحب جي راڄ جو حصو آهن. پر رپرٽ جي ڦٽي جو برطانيه ۾ هن جي هڪ هفتيوار اخبار News Of The World جيڪا سوا سو سال پراڻي آهي ۽ جنهن جون اسي لک ڪاپيون وڪرو ٿينديون آهن سا گذريل هفتي ان الزام هيٺ آئي ته اها اخبار اهم شخصيتن جا فون ٽيپ ڪري ٿي. ڳالهه ڇا ڦاٽي، وڏو ممڻ مچي ويو ته هي ڇا؟ ڪنهن اخبار جي مجال آهي ته اها ڪنهن به ماڻهوءَ جو فون ٽيپ ڪري؟

ڳالهه ڦاٽڻ کانپوءِ گذريل هفتي اخبار کي بند ڪرڻو پيو. ڇاڪاڻ ته روپرٽ مرڊوڪ ساڄي ڌر جي خيالن جو مالڪ آهي. آمريڪا ۾ بش برادري ۽ برطانيا ۾ ٿيچر برادري سان سندس نينهن جون ڳنڍون آهن، ان ڪري برطانيا جي ٿيچر برادري جي حڪمران جماعت جي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جي حڪومت ان اسڪينڊل کان پوءِ لوڏن ۾ اچي وئي آهي. روپرٽ مردوڪ جي سنگت ڪيمرون کي ڳچي ۾ پئجي وئي آهي.

1974ع ۾ آمريڪا جي صدر رچرڊ نڪسن کي ان ڳالهه تي استعيفيٰ ڏيڻي پيئي هئي ته هو پنهنجي مخالفن جا فون ٽيپ ڪري رهيو آهي يا جاسوسي اوزارن جي مدد سان سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي. کيس مرڳو ٽيپ پئي آهي، پر پوءِ کيس صدارتي معافي رستي بچائي ورتائون.

هاڻ اوهان اهو سوچيندا هوندا ته اسان توهان کي اهي ٻڌل ڳالهيون ڇو ٿا ٻڌايون؟ ادا ڀاءُ، ڳالهه هي آهي ته دنيا جي سڌريل سماجن ۾ ڪنهن به ماڻهو جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت ڪرڻ، سندن ڳالهيون ٻڌڻ يا تصويرون ڪڍڻ وڏو ڏوهه آهي. اسان جي ته ڳالهه ئي اور آهي. اسان وٽ ايجنسيون ٻيو ته ٺهيو صدرن ۽ وزيرن کان ڪو نه ٿيون مڙن. نواز شريف وزيراعظم هجڻ دوران خاص ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پرائيم منسٽر هائوس جي لان تي نڪري ايندو هو. خبر ناهي ته اتي سندس ڳالهيون ٻڌبيون هيون يا نه.

پر اسان توهان کي رڳو اها ڳالهه نه پئي ٻڌائڻ چاهي، ته فون ٽيپ ڪرڻ ڪيترو برو ڪم آهي. دراصل روپرٽ مرڊوڪ ميڊيا ۾ سياسي ايجنڊا کڻي گهڙي پيو هو. سندن خيال هو ته هو حڪومتون ٺاهي ۽ هلائي به سگهي ٿو ته ڊاهي به. آسٽريليا، آمريڪا ۽ برطانيا جو سياسي نظام سندس نشاني تي هئا. هن نهايت طاقتور نموني سان انهن ٽنهي ملڪن جي سياسي سيٽ اپ تي اثر وڌا. ڪنهن کي پٽڪو پارائڻو آهي ڪنهن جو لاهڻو آهي، ان جو ته کيس لائسنس مليل هو. اوهان جيڪي پاپارازي فوٽوگرافر ۽ صحافي ٻڌو ٿا سي ته سون جي تعداد ۾ سندس پگهار تي هئا. ڪو عجب ناهي ته برطانيا جي شاهي خاندان ڊيانا مان جند ڇڏائڻ لاءِ روپرٽ مرڊوڪ جي مدد حاصل ڪئي هجي، جنهن جي بڇايل پاپارازي جن، ڊيانا جي جان ورتي.

اسان وٽ روپرٽ مرڊوڪ جو بدروح ته گهڻين ئي نظامين، رحمانن ۽ قاضين ۾واسو ڪري ويٺل آهي، جيڪي سمجهندا رهيا آهن ته حڪومتون يا ته سندن صلاحن تي هلن يا هلي پون. هاڻ ڏسجي ته روپرٽ جي بت ڪرڻ سان متان کين اصل اوقات جي خبر پئجي وڃي ته ميڊيا جو ڪم حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ناهي.

News of the World

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو