Home / ڪور افيئر / !نام نهاد قومي ميڊيا: ٻرنديءَ تي تيل
above article banner

!نام نهاد قومي ميڊيا: ٻرنديءَ تي تيل

انساني حقن جي عالمي ڪميشن جي ڪراچي بابت (فائينڊنگ ڪميشن) اڃا پنهنجي تفصيلي رپورٽ جاري نه ڪئي آهي. ڪميشن جي ذميوارن موجب جيترن به خاندانن جا بيان قلمبند ڪيا آهن. ان ۾ اهو تاثر مليو آهي ته ماڻهن کي سياسي بنيادن تي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان آچر ڏينهن (31 جولاءِ) ڪراچي پريس ڪلب ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙن لاءِ عوامي شنوائي رکي. بيان قلمبند ڪرائيندڙن ۾ مائرون، ڀينرون، ڀائر ۽ ونيون شامل هيون. گهٽ ۾ گهٽ چاليهه پنجاهه ڪٽنبن مائيڪ تي اچي پنهنجا پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. جن ۾ ليار،ي اورنگي ٽائون، قصبا ڪالوني، صدر گارڊن، گوليمار، لي مارڪيٽ ۾ رهندڙ نوجوانن جي وارثن ٻڌايو ته سندن پٽن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش اڇلايا ويا. عوامي شنوائي ۾ اردو ڳالهائيندڙ ڪٽنبن جي شرڪت نه هجڻ برابر هئي. شايد ان ڪري ئي بعد ۾ حنا جيلاني، زهره يوسف آءِ اي رکان ۽ ٻيا نائن زيرو تي ويا پر لياري ۽ اورنگي سان واسطو رکندڙ بلوچن، پشتونن، سنڌين ٻڌايو ته اڪثر نوجوانن کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪيو ويو. جيڪي به گهران نڪتا غائب ٿي ويا. پوليس کي اطلاع ڏنو ويو بعد ۾ ڪنهن ٻئي ٿاڻي کان اطلاع مليو ته لاش ايڌي سرد خاني ۾ سڃاڻپ لاءِ پيل آهن. اڪثر لاشن جا جسم چچريل آهن. ماڻهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڳترا ڳترا ڪري ٻوريءَ ۾ بند ڪري لاش لياري ندي يا ڪنهن ويران هنڌ تي رات جو بيگاهه وقت ۾ اڇلايا وڃن ٿا. ڏاڍي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته چاليهه پنجاهه ڪٽنبن پاران بيان ڪيل هي سڄي وارتا نام نهاد قومي پريس ۽ ميڊيا ۾ نمايان نه ٿي سگهي. ڊان اخبار هڪ تفصيلي خبر ڏني. هڪ اڌ اردو چينل لوپروفائل ۾ اسٽوري هلائي، سوال آهي ته ڇو؟

جواب: هن عوامي شنوائي ۾ اردو ڳالهائيندڙ شريڪ نه ٿيا ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن جي وفد جو نائن زيرو پهچڻ سان اندازو ٿي ويو ته اهي ان ڪري ڪو نه آيا جو کين سندن نمائنده جماعت روڪيو هوندو. اهوئي ڪارڻ آهي جو ميڊيا لاءِ بلوچن، پشتونن سنڌين جي مائرن، ڀينرن جا ڳوڙها ۽ اوڇنگارون معنيٰ ڪونه ٿيون رکن. مون ان پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جو به ڏاڍو افسوسناڪ رويو آهي. ميڊيا باهه لڳائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ سول سوسائٽي خود دهشتگردن کان ڊڄي ٿي يا سندن ڌر آهي. ڪراچي جي تازن واقعن ۾ ميڊيا جو ڪردار ڏاڍو ڀوائتو آهي. مون جنهن عوامي شنوائي جي ڳالهه ڪئي ان کي سنڌي ميڊيا جي وڏي گروپ جي ٽي وي ۽ اخبار ۾ جاءِ نه ملي. سا ڳالهه سنڌي ميڊيا جي ڪراچي بابت خوف جو اظهار آهي. ان ساڳي ڪراچي ۾ 1988ع ۽ ان کانپوءِ 1994ع کان 1996ع تائين دهشتگردي رهي پر سنڌي اخبارون ڏاڍي بهادري سان لکنديون هيون. اردو ميڊيا جو ڪردار هميشه عوام دشمن، جمهوريت دشمن ۽ انسان دشمن رهيو آهي.

اڄڪلهه اردو ميڊيا ڌر بڻيل آهي. اها هر سطح تي ڌر ٿي بيهڻ کي ئي اظهار جي آزادي سمجهي ٿي. اردو ميڊيا جو خيال آهي ته اردو ڳالهائيندڙن جي ڌر ٿي بيهڻ يا ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪرڻ ئي سندس اصل ڪم آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم چوي جمهوريت صحيح آهي ته پوءِ جمهوريت ٺيڪ آهي. ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ آهي ته ٺيڪ آهي. ايم ڪيو ايم شهري سرڪار ۾ آهي ته پوءِ اها ٺيڪ نه ته وڏا مسئلا بيان ڪبا. اظهار جي آزادي جي دعويدار اردو ميڊيا جا سمورا ٽي وي چينل سڌي نشريات ڏيکارڻ شروع ڪن ٿا. جڏهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ريلي سنڌ جي سينيئر وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهر ڏانهن وڌڻ شروع ڪري ٿي. سڄي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي احتجاج ۽ هڙتال لاءِ اردو ميڊيا “عوام جو احتجاج” لفظ استعمال ڪيو. ان دوران گاڏيون سڙيون، شهر بند ٿيو. ماڻهو قتل ٿيا. ان بابت خاموش، ساڳي ڏينهن تي لياري مان ٻه ٽي هزار ماڻهو ذوالفقار مرزا جي حمايت ۾ ريلي ڪڍن ٿا. ساڳي وقت، ساڳي مامري تي ٻه ريليون نڪرن ٿيون، پر لياري مان نڪرندڙ ماڻهو عوام نه هئا. ڪنهن به چينل اها ريلي نه ڏيکاري. پر ايم ڪيو ايم پاران صبح کان ذوالفقار مرزا خلاف شروع ٿيل احتجاج ۾ پتلا ساڙڻ کان وٺي سندس خلاف گٿا لفظ به براه راست هلي رهيا هئا. ٻيو ته ٺهيو پر ان شام اڪثر اردو چينلز روڊ شو ڪيا. جن ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن جا هن قسم جملا چئي رهيا هئا.

“همين ننگي ڀوڪي ڪهني والي سنڌيون ڪو اب هم ننگا ڀوڪا ڪرين گي، ڪراچي همارا هي” (سما ٽي وي جو لائيو پروگرام) ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي لفظن جو پلاند ميڊيا سڄي قوم کان وٺي رهي هئي. ذوالفقار مرزا جي بيان کان به ٽي چار ڏهاڙا اڳ ڪراچي ۾ سنڌ جي ورهاڱي ۽ مهاجر صوبي لاءِ نعرا لکيا ويا. جيڪي اڃا تائين ڪراچي جي ديوارن تي لکيل آهن. نام نهاد قومي ميڊيا ان تي خاموش، ڪنهن به چينل اهو ڪو نه ٻڌايو ته آخر نعرا لکڻ وارا ڪير هئا ۽ نه ڪنهن به رپورٽر اڄ تائين ايم ڪيو ايم جي ڪنهن اڳواڻ کان سوال ڪيو جيڪڏهن سوال ٿيو به هوندو ته ميڊيا ان کي دٻائي ڇڏيو هوندو. ذوالفقار مرزا جي رڪارڊ ٿيل معذرت کي ورائي ورائي هلايو ويو پر پير مظهرالحق جڏهن مطالبو ٿو ڪري ته اسان معافي ورتي پر فيصل سبزواري صدر آصف علي زرداري لاءِ جيڪي لفظ چيا انهن تي به معافي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو