Home / پروفائيل / !نيلسن منڊيلا جي سامهون
above article banner

!نيلسن منڊيلا جي سامهون

 

انسانيت جي ڀلي ڪاڻ ڪم سرانجام ڏيڻ ۽ غيررواجي ارڏائپ جو ڏيک ڏيڻ تي هن مهل تائين پنج ڏُٻرن کي جگ جا ٻه وڏي ۾ وڏا ايوارڊ پيش ڪيا ويا آهن. نوبيل ۽ ڪانگريس جي مڃتا. هونءَ نه ته، مهان ڪارنامو پورو ڪرڻ تي ٻنهي مان ڪا به هڪڙي سَند عطا ٿيندي آهي. گذريل ستر سالن ۾، اڌ ڏهاڪو چونڊ اهڙا منش به اتهاس جو ڀاڱو ٿيا جن جا گُڻ ايئن غير معمولي هئا جو هنن سامهون فقط نوبيل يا ڪانگريس پاران آڇيل مانُ تڇ ٿي لڳو. نه رڳو ايترو پر گڏيل طور اهي ٻئي ايوارڊ ۽ جهان مان اعلانيل انيڪ تمغا پڻ سندن آڏو شرمائيندي نهارجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن مشق بلڪل يگاني هجي ٿي. ڪِرت، انوکي.

گوليءَ جو بَکُ ٿيندڙ مارٽن لوٿر ۽ هولوڪاسٽ مان بچي نڪرندڙ ايلي ويزل بابت ضرور ڄاڻڻ کپي. سائبر زمانو آهي. سڀ معلومات ملي ٿي وڃي. باقي ٽن جِيوَن جو سڌو اڻ سڌو تعلق اسان جي ننڍي کنڊ سان به آهي.مدر ٽيريسا ته هئي ئي هتي، سندس اڻکٽ ممتا پوري انسانذات لاءِ هئي. اوهان وڏڙن کان ديسي ڪڻڪ جي باري ۾ ٻُڌو هوندو. ذائقي ۽ تازگيءَ جو مثال. پنجاهه ۽ سٺ وارن ڏهاڪن ڌرتيءَ تي خوراڪ جو ڏڪار آندو. في ايڪڙ گهٽ اُپت ڏيندڙ اناج جي پُراڻي جنس خلق جي بُک اجهائڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿي ته آمريڪي رياستن مان زرعي ڏاهو اُٿيو. ڪڻڪ جو نئون قسم اُپايائين. ننڍو سَلوَ ۽ ڊگها سنگ. واڌاري ڪڻا. ميڪسيڪو ۾ پوک ڪرائي قحط سٽيل ملڪن ڏانهن جهاز ڀري وڃي رسيو. پاڪستان ۽ انڊيا ۾ پڻ. ڪراچي بندر شاهد آهي ته ڪيئن سندس محنت اُتي سڙي ڳري وئي جڏهن ايوب سرڪار کيس ٻج لاهڻ نه ٿي ڏنو. ڀُل نه ٿئي ته نالو ڊاڪٽر نارمن هئس ۽ 2006ع ڌاري فوت ٿيو. ميڪسي يا ٽيڊي ڪڻڪ جا اڄ اسين کائون ٿا، سا سندس ئي دان ٿيل آهي. پئداوار ۾ ايتري جو گُنديون ڀري ٿا رکئون.

مهاتما گانڌيءَ جي ڪانگريس ۽ اهنسا، هندستان کي گڏ رکڻ ۾ ناڪام ٿيون. ڌرمي تعصب جي کَٽَ ٿي. عقيدي جي بنياد تي ورهاڱو. ٻه قومي نظريو ۽ مذهبي لحاظ کان هڪ قوم چورائيندڙ مسلمان پنجويهه ورهين اندر ورهائجي ويا. بنگلاديش ٺهي چڪو. ننڍي کنڊ ۾ وِيرون وڌنديون ويون. ساڳيا پڙاڏا هاڻ به سڻجڻ ٿا. بَاپُوءَ جي فڪر کان متاثر ٿي ڏُور ڏکڻ آفريڪا ۾ هڪ شخص اُٿيو. ڪارن ۽ گورن وچ ۾ وڇو ٽيون ختم ڪرڻ لاءِ انڊين نيشنل ڪانگريس جي طرز تي آفريڪن نيشنل ڪانگريس جوڙيائين. پهريائين اهنسا ۽ پوءِ لاچار ٿي مختصر وقت لاءِ نهايت مشروط تشدد جي واٽ ورتائين. تنهن کي به هتي وانگر سول نافرمانيءَ جو نانءُ ڏنائين. ورهاڱو سندس مقدر نه ٿيو. ڄاڻو ٿا ته کيس نيلسن منڊيلا ڪوٺجي ٿو. پنجون شخص جنهن وٽ انساني سيوا جي بدلي ۾ ڌرتيءَ جون ٻه وڏي ۾ وڏيون مڃتائون موجود آهن.

منڊيلا کي مٿئين پس منظر ۾ به نهارڻ کپي ڇا لاءِ ته، اهڙي ڪنهن ڇهين منش جي پئدائش پري ٿيندي پئي وڃي. ڊيٽا ۽ سوشل سائنس جي دور ۾ رهون ٿا. ارپنا جتي هاڻ، جدول جو ڀاڱو نه آهي. دلائي لاما، ٻُڌ وانگر پسيا کان سرس سفارتي چرپر جاري رکڻ کي اوليت ڏيندو. دنيا کي تياڳڻ جو پاٺ پڙهندڙ ٻوڌي، ريپبلڪ گهرن ٿا. خبر ناهي ته ڪيترو گوتم کي ٿا مڃين ۽ وري ڪيترو تبت کي ٿا پوڄين. مطلب چين جي پاسي بيهڻ نه آهي. تاريخ جي ڪيفيتي اظهار تي ويچارڻ آهي. هر پاسي تجريد پسجي ٿي. پِنَ جي ڏوڪڙن تي ٿيوريز گهڙجي رهيون آهن. اين جي اوز، آزادي ۽ جمهوريت لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن! آدرش، بازار ۾ وکر طور پيا آهن. شيطان جو آڇيل بَڪَرُ خدا جي ابهم مخلوق جي فلاح جي نالي ۾ ڪتب آڻجي_ سا ڪرت آهي جا سموري ڏتڙيل دنيا ۾ هلي پئي. تڏهن ذڪر ڪيل پنج انسانن ۽ خاص طور تي نيلسن منڊيلا سان ڪيئن مُنهن سامهون ٿبو؟ سندس ڪشٽ. لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا جيل. ويران ٻيٽ تي قيد. پوءِ به، ڀائيچاري جو ورد. هاڻوڪي ساڃاهه منڊيلا جي آتم ڪٿا پڙهڻ پسند ڪندي؟ سڌو سنئون سنڌ جي سمجهه سان مخاطب ٿجي ته اُها هتان جي تضادن جو حل منڊيلا جي جدو جهد جي روشنيءَ ۾ تلاش ڪرڻ چاهيندي؟

جولاءِ ۾ سندس جنم ڏڻ سڄي جهان ۾ ملهايو ويو. هو ٿورڙي فرق سان هڪ صديءَ جو ماڻهو آهي. دنيا جي پنج انسانن ۾ شمار ٿئي ٿو جن روبرو سموري ماڻهوءَ ذات کي ڪنڌ نمائي بيهڻو پوندو. شرمساري جُدا مامرو آهي. اها اسان پارن جِيوَن جي ڳچيءَ جو طوق آهي، ٻيائي، جن جي مَنَ ۾ گهر ڪيو ويٺي آهي. منڊيلا جو نانءُ ٻڌندي ئي لڄ مري پئون ته به ٺيڪ آهي.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو