Home / افيئر / !فلپائين صدر ساک بچائڻ لاءِ مهانگي ڪار وڪڻي ڇڏي
above article banner

!فلپائين صدر ساک بچائڻ لاءِ مهانگي ڪار وڪڻي ڇڏي

فلپائين جي صدر پينڪوا ڪيو پنهنجي ڪرندڙ ساک بچائڻ خاطر پنهنجي نهايت قيمتي ڪار پورشي (Porsche) وڪڻي ڇڏي آهي. ذڪر ڪيل ڪار پئٽرول جي دشمن نمبر وَن آهي. ٻئي طرف صدر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صدر پنهنجي ڪار ساڍا چار ملين پيسو (مقامي ڪرنسي) ۾ نفعو ڪمائڻ لاءِ ناهي وڪرو ڪئي بلڪه هو پنهنجي ڪار وڪڻندي سيڪيورٽي جي حوالي سان به سوچي رهيو هو. صدر تي اهو الزام هو ته کيس اها ڪار ڪنهن بزنس مين سوکڙي طور ڏني هئي ان کانپوءِ صدارتي ترجمان طرفان اها وضاحت ڪئي وئي هئي ته هن اها ڪار پنهنجي ذاتي دولت مان خريد ڪئي آهي. تنقيد نگارن جو چوڻ آهي ته ايڏي مهانگي ڪار صدر لاءِ ان ڪري به ٺيڪ نه هئي جو سندس حامين جي وڏي اڪثريت نهايت غريب آهي، ليڪن سندس طرفان اها ڪار لڳاتار استعمال ڪرڻ سبب سندس مقبوليت ۾ تمام گهٽتائي آئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو