Home / شوبز / !پونم پانڊي کي واعدو ڳچيءَ ۾ پئجي ويو
above article banner

!پونم پانڊي کي واعدو ڳچيءَ ۾ پئجي ويو

ڀارت پاران ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ جي صورت ۾ “جسماني نماءُ” ڪرڻ واري اعلان ۽ ان اعلان تي عمل نه ڪرڻ کانپوءِ تڪراري بڻيل ڀارتي ماڊل پونم پانڊي ملهه مهانگي ٿي وئي آهي. پونم پانڊي مقبوليت ماڻڻ لاءِ هڻي وڃي هنڌ ڪيو، هن ڪاميابي ماڻڻ لاءِ هر حد پار ڪئي ۽ نيٺ هاڻ کيس دولت ۽ شهرت حاصل ٿي وئي آهي. جڳ مشهور شو “بگ سو” وارن کيس سيزن 5 جي شو ۾ شرڪت ڪرڻ عيوض 2 ڪروڙ رپين جا آڇ ڪئي آهي، پر پونم پانڊي کي مليل شهرت سندس دماغ جاءِ تان هٽائي ڇڏيو آهي، ان ئي ڪري ڪروڙين رپين جي هن آڇ کي قبولڻ بدران هوءَ “بگ باس” جي آرگنائيزر کي گهر جا چڪر ڪاٽرائي رهي آهي. ٻئي پاسي اهي به خبرون آهن ته پونم پانڊي “بگ باس” ۾ شرڪت ڪرڻ کان ان ڪري به لنوائي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ان شو ۾ کيس هڪ اڳوڻي ڪرڪيٽر سان ڪم ڪرڻو پوندو. کيس خدشو آهي ته اهو ڪرڪيٽر مٿس ورلڊ ڪپ جي موقعي تي ڪيل پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ زور ڀري سگهي ٿو. پونم پانڊي جا هونئن به اڄ ڪلهه ڀاڳ کلي پيا آهن، جو کيس “خطرون ڪي کلاڙي 4” سان گڏ ٻين پروجيڪٽس ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو گهر ويٺي ملي ويو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو