Home / افيئر / !روميءَ سان رهاڻ
above article banner

!روميءَ سان رهاڻ

فارسي ادب جي عظيم شهپاري ”مثنوي رومي“ جو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو. جنهن جو ڳاڻيٽو دنيا جي عظيم ڪلاسيڪي ادب ۾ ٿئي ٿو. توڙي جو هن غير معمولي تصنيف جي خالق مولانا جلال الدين روميءَ کي دنيا ڇڏئي اٺ صديون ٿي ويون آهن، پوءِ به سندس تخليق پڙهندڙن ۽ متاثر ٿيندڙن جو انگ وڌندو ئي رهي ٿو ۽ اڄوڪي دنيا جنهن ۾ سائنس جو سج نصف النهار ٿيو آهي، پوءِ به رومي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو ۽ سندس تمثيل، حڪايت روحاني رمزن ۽ ڏاهپ ڀريل نڪتن توڙي عشق ۽وجدان جي ڪيفيتن ۾ پڙهندڙ پنهنجي وجود جي سار به وساري ويهي ٿو. ڄڻ قونيه جي رقص درويشان ۾ شريڪ هجي.

مثنوي روميءَ جو ترجمو تقريبن دنيا جي هر مهذب ٻوليءَ ۾ ٿي چڪو آهي ۽ سموري دنيا جا حق ۽ سچ جا ڳولائو کيس پنهنجي سيرانديءَ کان رکن ٿا.

اها اسانجي ٻوليءَ جي خوشبختي چئبي جو ان ۾ مثنوي روميءَ جو مڪمل ترجمو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جنهن ۾ مثنوي رومي جا سمورا شعر جن جو انگ 26،6666 آهي شامل آهن ۽ اهو پهاڙ جيڏو ڪم مولوي محمد رمضان مهيري ڪيو آهي ۽ سنڌ جي معتبر اداري سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.

مولانا جلال الدين رومي 1207ع ۾ ايران جي شهر بلخ ۾ وقت جي وڏي عالم شيخ بهاءُ الدين ولد جي گهر پيدا ٿيوهو. جنهن جي ان دور ۾ اهميت، عزت ۽ مرتبي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس ناماچاريءَ کان ڊڄي ايران جي بادشاهه محمد خوارزم پنهنجي خاص ماڻهوءَ هٿان محلات جون چاٻيون کيس موڪليون هيون ۽ نياپو موڪليو هو ته ”هاڻي اسان وٽ رڳو اهي بچيون آهن. اهي چاٻيون به پاڻ وٽ رکو“ ۽ وقت جي نزاڪت کي سمجهي بهاءُ الدين سمرقند ڏانهن سفر تي نڪري پيو. ان وقت رومي جي ڄمار فقط ڇهه سال هئي. اهو ئي خوارزم هو جيڪو چنگيز خان جي ڊپ کان ڀڄي اچي سنڌ جي شهر ٺٽي جي آس پاس پناهه ورتي هئي.

هوهڪ سال ئي سمرقند ۾ سڪون سان گذاري سگهيا، وري ان شهر تي خوارزم شاهه حملو ڪيو ۽ سڄي شهر کي تاراج ڪري ڇڏيو. مجبوريءَ ۾ وري ٻيهر شيخ بهاءُ الدين پنهنجي اڪيلي پٽ جيڪو کيس پيريءَ ۾ پيدا ٿيو هو. کي ساڻ ڪري پنهنجي خاندان سوڌو وري اچي بلخ پهتو، جتان پوءِ ترڪيءَ جي شهر قونيه ڏانهن اسهيو ۽ اتي مستقل رهائش اختيار ڪئي.

مولانا جلال الدين رومي ننڍي ڄمار ۾ ئي ذهين ۽ هوشيار هو. هو اڃا ٻارهن تيرهن سالن جو هو ته عظيم صوفي بزرگ شيخ فرالدين عطار بلخ آيو هو ۽ رومي کي ڏسندي ئي سمجهي ويو هو ته هن ٻالڪ ۾ ڪا غيرمعمولي مڻيا آهي جو سندس والد کي چيو هئائين ته ”پنهنجي پٽ ۾ ڇپيل جو هر کان ڪڏهن به غافل نه ٿج“ ۽ ان سان گڏ ئي پنهنجي مثنوي “اسرار نامو” پڙهڻ لاءِ کيس ڏنو.

مولانا رومي پنهنجي دور جي شريعت جو پابند تمام وڏو عالم دين هو. جنهن جا هزارين معتقد ۽ شاگرد هوندا هئا. جيڪو قونيه جي شاندار مسجد ۾ جڏهن خطبو ڏيندو هو ته وقت جا عالم، ڏاها ۽ دانشور ۽ ٻوليءَ جا ماهر کيس ٻڌڻ ايندا هئا. اهو جڏهن 36 سالن جو ٿيو ته ان جي زندگي ۾ هڪ اهڙو غيرمعمولي واقعو ٿيو، جنهن ان جي زندگي ئي تبديل ڪري ڇڏي.

ٿيو ايئن جو هو هڪ ڀيري روزمرهه جي مصروفيت وانگر خطبو ڏئي رهيو هو ته هڪ درويش جنهن کي ڪاري چادر اوڍيل هئي. سندس ڏاڙهي ٻڦي ۽ مٽيءَ سان ڀريل هئي، اچي ويٺو ۽ اتي رکيل ڪتاب کڻي ڏسڻ لڳو ۽ مولانا روميءَ کيس ترش لهجي ۾ چيو ته ”اهو تنهنجي سمجهه ۾ نه ايندو“ ان درويش خاموشيءَ سان اهو ڪتاب رکي ڇڏيو“ اوچتو نوڪرياڻي اچي رومي کي ڪجهه چيو، هو خاموشيءَ سان گهر ڏانهن هليو ويو ته اتي موجود عقيدت مند ۽ شاگرد به اٿي هليا ويا. پوءِ ان درويش بي باڪيءَ سان مولانا روميءَ جا سمورا ڪتاب، مسودا ۽ خط کڻي پاڻي جي حوض ۾ وجهڻ شروع ڪيا. مولانا رومي جيئن ئي واپس آيو ته هن هڪ ڪتاب به فرش تي پيل نه ڏٺو ۽ درويش کي ڏسي ڪاوڙ ۾ چيائين ” اي شخص! اهو تو ڇا ڪري ڇڏيو“ ان درويش سندس ڪاوڙ ڏسي ڪتاب وري ٻيهر پاڻي مان ڪڍڻ شروع ڪيا ته مولانا رومي چيو ”هاڻي ڪهڙو فائدو، سمورا اکر ڊهي ويا هوندا ۽ ڪاغذ به ڳري ويا هوندا“.

”پاڻ ڏسي وٺ“ درويش کيس چيو. مولانا رومي جڏهن حوض مان نڪتل ڪتاب، مسودا ۽ خط ڏٺا ته سمورا پوري طرح سلامت هئا، ته ان حيرت مان ان درويش کي چيو”اي شخص اهو سڀ ڇا آهي؟ “اها ڳالهه” تنهنجي سمجهه ۾ نه ايندي“ ان درويش مولانا روميءَ کي چيو ۽ پوءِ مولانا ان جي پيرن ۾ ڪري پيو ۽ سندس هٿ تي بعيت ڪئي ۽ ان کي پنهنجو مرشد مڃيو. اهو درويش پنهنجي وقت جو عظيم صوفي بزرگ شمس تبريز هو، جنهن جي عشق ۽ صحبت ۾ مولانا رومي ”ديوان جامع“ ۽ مثنوي معنوي جهڙا عظيم شاهڪار تخليق ڪيا.جيڪي وقت ۽ هر دور جي ڏاهپ کان مٿڀرا ٿي اڄ به لازمي پڙهڻ جهڙن ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا.

مولانا جلال الدين رومي جو مرشد شمس تبريز جڏهن هڪ سال کان پوءِ اوچتو گم ٿي ويو ته ان وڇوڙي سبب مولانا جي طبيعت ۾ ديوانگي جي ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳي ۽ ان ئي ڪيفيت ۾ هو شاعري ڏانهن مائل ٿيو. سندس ان تبديل ٿيل دنيا بابت جڳ مشهور اسڪالر ڊاڪٽر اينيمري شمل لکيو آهي ته ”شمس تبريز جي پهرين گمشدگي جي نتيجي ۾ ئي مولانا رومي شاعري ڏانهن مائل ٿيو. هو شاعر ٿي ويو. موسيقي ٻڌڻ لڳو. رقص ڪرڻ لڳو ۽ شعر ڳائڻ لڳو.

”مثنوي رومي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها لکرائڻ ۾ سندس لائق مريد حسام الدين چلپي جو هٿ هو. ان هڪ ڀيري مولانا روميءَ کي عرض ڪيو ته خواجه عطار جي ”منتطق الطير“ جي طرز تي هڪ مثنوي لکي وڃي. ياد رهي ته ان ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ”پکين جي پارليامينٽ“ جي نالي سان ڇپيل آهي. مولانا رومي، چلپي جو عرض ٻڌي فوري طور وراڻيو ”مون کي به رات اهوئي خيال آيو ۽ ان وقت ڪجهه شعر موزون ٿيا” ۽ هن پنهنجي دستار مان مثنوي رومي جا شروعاتي 18 شعر ڪڍي چلپيءَ جي تريءَ تي رکيا ۽ پوءِ اها مثنوي جنهن کي مولانا جامي ”فارسي زبان ۾ قرآن ڪوٺيو آهي.مولانا روميءَ جو شاگرد ۽ مريد ٻارنهن سالن تائين لکندو رهيو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي رات به مولانا رومي تي آمد ٿيندي هئي ۽ سندس شاگرد چلپي لکندو ويندو هو. ان کانپوءِ مولانا رومي ان تي هڪ سرسري نگاهه وجهندو هو. ايئن مثنوي روميءَ جا ڇهه دفتر لکجي پورا ٿيا جيڪي 800 سال گذرڻ کانپوءِ به ڏاهپ جو درياهه آهن ۽ روح جي راحت پڻ.

هي اها ئي مثنوي آهي جنهن لاءِ اسان ننڍپڻ ۾ پڙهيو هو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي پاڻ سان قرآن مجيد ۽ مثنوي رومي هميشه گڏ رکندو هو. اردو ۽ فارسي جو عظيم شاعر علامه اقبال به پنهنجي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ چيو هو ته ”مون ڪيتري وقت کان ڪتابن جو مطالعو ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن پڙهان ٿو ته صرف قرآن مجيد ۽ مثنوي رومي“.

 

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو