Home / شوبز / سلمان ۽ قطرينا وچ ۾ ڪير؟؟؟
above article banner

سلمان ۽ قطرينا وچ ۾ ڪير؟؟؟

بالي ووڊ جي شيلا، قطرينا ڪيف جو نالو سلمان خان سان وڏي عرصي کان ڳنڍيل آهي، پر سلمان خان جي ٽرڙي طبيعت ۽ وڏي عمر سبب هاڻ قطرينا ڪيف به کانئس ڇڊي ٿيندي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو قطرينا ڪيف جو نالو بالي ووڊ جي بازار ۾ رنبير ڪپور سان جڙي ويو آهي. چوڻ وارا ته گهڻو ڪجهه ٿا چون ، پر حقيقت ڇا آهي، اهو ڄاڻڻ لاءِ اڃا شايد ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو، جيتوڻيڪ قطرينا ڪيف سلمان خان سان پرڻو ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي، پر پوءِ به ڦري گري رنبير ڪپور ٻنهي جي وچ ۾ اچيو وڃي. تازو ئي قطرينا ڪيف پنهنجو 28هون جنم ڏهاڙو ملهايو، ان ئي ڏينهن تي هوءَ پنهنجي نئين فلم “زندگي ملي نه دوباره” جي پروموشن جي سلسلي ۾ ممبئي جي هڪ سينيما ۾ رٿيل تقريب ۾ شريڪ ٿي، ان ئي سينيما ۾ رنبير ڪپور به موجود هو، هاڻ شوبز جا صحافي ان کوجنا ۾ رڌل آهن ته رنبير ڪپور ان سينما ۾ ان ئي ڏينهن ڇو ويو؟ ڇا هو قطرينا ڪيف کي سندس سالگرهه جون واڌايون ۽ گفٽ ڏيڻ پهتو هو؟ ٻئي پاسي قطرينا ڪيف جو چوڻ هو ته “مون 2 سال اڳ پنهنجي سالگرهه تقريب ۾ سلمان خان ۽ شاهه رخ خان وچ ۾ ٿيل جهيڙي کانپوءِ سالگرهه جون تقريبون ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنيون آهن.” قطرينا ڪيف وڌيڪ چيو ته “ان ڏينهن مان پنهنجي نئين فلم جي مشهوريءَ جي سلسلي ۾ سينيما ۾ موجود هيس، مون کي خبر نه هئي ته رنبير به ان وقت اتي موجود هو، باقي هو مون کي سالگرهه جون واڌايون ڏيڻ نه آيو هو.” قطرينا ڪيف ڳالهه کُٽائي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو