Home / افيئر / !سنڌ ٻوڙيندڙ خانگي زمينداري بند
above article banner

!سنڌ ٻوڙيندڙ خانگي زمينداري بند

 

خانگي زمينداري بند، جيڪي سياستدانن ۽ وڏيرن جي ڪچي ۾ موجود جاگيرن جي حفاظت لاءِ سالن کان ڏنل آهن، انهن بندن جي سندن جاگيرن ۾ مالڪ وڏيرن کي فائدن ۽ ٻي مخلوق کي ملندڙ نقصانن بابت ڳالهه تڏهن عام ٿيڻ شروع ٿي جڏهن گذريل ٻوڏ سنڌ کي ازالو نه ٿيڻ جوڳي نقصانن جي سيريز ڏني.

ان ئي ٻوڏ دوران جڏهن ميڊيا ۾ اهو رپورٽ ٿيو ته دادو_ مورو پل وٽ پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ ڪري سنڌ حڪومت نوشهرو فيورز جي جتوئي ڀائرن کي درخواست ڪئي ته اهي پنهنجي “ڪيٽي” جي زمينداري بند کي ڪٽ ڏيڻ ته جيئن دادو ۽ موري کي بچائي سگهجي. جتوئي ڀائر معاملي کي ڪافي ڏينهن تائين اينگهائيندار رهيا ۽ نيٺ ملڪ جي “ستارن واري سرڪار” جو هڪ همراهه پني عاقل مان اچي جتوئي ڀائرن کي سندن زمينداري بند ۾ ڪٽ هڻڻ تي مجبور ڪيو.

جتوئي ڀائرن وري به معمولي ڪٽ هڻي اها سياست کيڏي ته اسان مورو واسين کي بچائڻ لاءِ ڪيٽي جي قرباني ڏني آهي. ان معاملي کانپوءِ عام ماڻهن ۾ زمينداري بندن بابت شناسائي وڌڻ شروع ٿي.

گذريل ٻوڏ دوران سنڌ جي “وڏين گاڏين واري سرڪار” اهو پڪو پهه ڪيو ۽ ميڊيا جي آڏو باربار اچي چيو ته اسان سنڌ صوبي ۾ سمورا زمينداري بند ختم ڪرائينداسين ته جيئن ٻوڏ جو پاڻي ڪچي جي علائقن مان ڦيرو کائي شهرن جو رخ نه ڪري. پر اهي زمينداري بند اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن.

آبپاشي کاتي جي هڪ اعليٰ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته، گذريل ٻوڏ دوران جيتوڻيڪ ٻيا به ڪيترائي سبب هئا پر اهم ۽ بنيادي سبب سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ موجود زمينداري بند به هئا جن جي پاڻي جو رخ تبديل ٿيو پاڻي ۽ شهرن ڏي ڪاهي پيو جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ستارن واري سرڪار جون پنو عاقل ۾ موجود اثاثن ۽ تيل ۽ گئس فيلڊ توڙي کوهن ۽ جيڪب آباد ۾ موجود “وائٽ هائوس” جي مامرن کي بچائڻ لاءِ به جيڪب آباد شهر، خيرپور ناٿن شاهه ٻين شهرن توڙي پڪي تي موجود هڪ پراڻن ڳوٺن جي قرباني ڏني وئي.

آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب گذريل ٻوڏ کانپوءِ سنڌ ۾ موجود زمينداري بندن کي ختم ڪرڻ يا انهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر کي گهٽائڻ لاءِ آبپاشي کاتي طرفان متلق وڏيرن/ سياستدانن سان گڏجاڻيون به ٿيون پر انهن جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو.

ٻيلي کاتي جي هڪ سينئر آفيسر نالي نه لکڻ جي شرط تي “افيئر” کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪپ تي موجود ڪچي واري ايراضي لڳ ڀڳ 20 لک ايڪڙ آهي،جنهن مان لڳ ڀڳ 6 لک ايڪڙ زمين ٻيلي کاتي جي ڪنٽرول هيٺ اچي ٿي. باقي لڳ ڀڳ 14 لک ايڪڙ زمين مختلف وڏيرن ۽ عام ماڻهن جي ذاتي زمين آهي جنهن تي هزارين ڳوٺ به آباد آهن ته ٻيلا به توڙي جو ٻيلن جي اها پوزيشن نه رهي آهي جيڪا 60ع 70ع واري ڏهاڪي ۾ هوندي هئي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته عام طور تي ٿيندو ايئن رهيو آهي جو ٻوڏ جي صورتحال ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڪچي جي ايراضي کي سيراب ڪندو رهيو آهي جيڪو هڪ سنوڻ طور ياد ڪيو ويندو آهي پر گذريل 20 سالن جي اندر سياستدانن/ وڏيرن بند جي زمين جي ڀرسان موجود ٻيلي کاتي جي زمين 99ع سالن لاءِ ليز ڪرائي ۽ ڪجهه تي وري سياسي زور تي قبضو ڪري انهن ۾ ذاتي ڪيٽيون ٺاهي ڇڏيون آهي.

هن ٻڌايو ته انهن ڪيٽن جي اندر شڪار گاهون، سوئمنگ پول، فار م هائوسز ۽ مختلف ٻيا عياشي جا ذريعا ڪيا ويا آهن گڏوگڏ هزارين ايڪڙن تي انهن ڪيٽين ۾ مختلف قسم جا فصل به پچي تيار ٿين ٿا جن جي آمدني به لکين ۽ ڪروڙين روپيا ٿئي ٿي ان ڪري ڪيٽي مالڪن پنهنجين انهن نام نهاد جاگيرن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ انهن جي چوڌاري وڏا، ڊگها ۽ ويڪرا زمينداري بند به ڏياري ڇڏيا آهن.

سو اهي ماڻهو چريا آهن ڇا جو عوام کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ڪروڙن جي جاگيرن جي تحفط لاءِ جوڙايل زمينداري بند ڊاهين يا انهن جي مضبوطي ختم ڪن، هن وڌيڪ ٻڌايو. ٻيلي کاتي جي مذڪوره آفيسر جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي آبپاشي کاتي جي هڪ سينئر آفيسر “افيئر” سان اهو انڪشاف ڪيو ته زمينداري بند Irrigation Act جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهن پر اهي ساڳيا ماڻهو حڪومت ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ڀاڱي ڀائيوار آهن سو آبپاشي کاتي وٽ ايتري رقم ڪٿي آهي جو اسان چار آفيسر هلي وڃي زمينداري بند ٽوڙايو….!!

ان سلسلي ۾ “افيئر” طرفان گڏ ڪيل معلومات موجب ٺٽي ضلعي جي سياسي ڀوتارن “شيرازي ڀائرن” جي به هڪ ڪيٽي آهي جيڪا هزارين ايڪڙن تي مشتمل آهي، پرويز مشرف جي دور ۾ ته ٻيلي کاتي جو قلمدان به ان ئي خاندان جي هڪ فرد وٽ هو ۽ ٻيلي کاتي جي با اعتماد ذريعن موجب لڳ ڀڳ 2500 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين هنن ڀوتارن پنهنجي لاءِ ليز تي ورتي آهي ۽ سندن سموري زمين کي زمينداري بند ڏنل آهي.

اهڙي طرح مٽياري جي ڄاموٽن جي ڪچي ۾ موجود هزارين ايڪڙ زمين تي به زمينداري بند ڏنل آهي جڏهن مٽياري جي ئي “سمن” جي ڪچي جي جاگير کي به هڪ شاندار ۽ مضبوط بند ڏنل آهي. جڏهن ته نوشهرو فيروز جي “جتوئين” جو پاڻ ته اڳ ئي ذڪر ڪري آيا آهيون. جتوئي فيملي جي اها ڪيٽي ته جڳ مشهور آهي جنهن کي نه رڳو مقامي ۽ قومي پر عالمي ميڊيا به رپورٽ ڪري چڪي آهي خاص طور تي جڏهن “چيني انجنيئرن” جي اغوا وارو معاملوٿي ٿيوهو.ان سان گڏو گڏ خير پور ميرس ضلعي ۾ پير پاڳاري ۽ پ پ ايم اين اي نعيم کرل ۽ ٻين جون ڪيٽيون به ڏاڍيون مشهور آهن ٻيو ته ٺهيو پر اڳوڻي وفاقي وزير ۽ اڄڪلهه نئين پارٽي لاءِ ڪوششون ڪندڙ همايون اختر خان جي خيرپور ميرس ضلعي ۾ موجود ڪچي جي زمين کي به زمينداي بند ڏنل آهي. ساڳي طرح گهوٽڪي ضلعي ۾ مخدومن جي ڪيٽي کي به ٺاهوڪو زمينداري بند آهي.

لاڙڪاڻي جي ته ڳالهه نه ڪيو سنڌ جي “ڏهيسر” سردار ممتاز ڀٽي جي ڪيٽي ته سنڌ جي سمورين ڪيٽين کان وڏي آهي جنهن لاءِ ته اهو به مشهور آهي ته جيڪا به “شيءِ” ان ممتاز ڪيٽي ۾ پهتي ڄڻ ته اها شي ٺهي يا وري پيدا ئي نه ٿي هئي. ڪيٽي کي آيل زمينداري بند جي ان علائقي جي ٻچي ٻچي کي خبر آهن.

لاڙڪاڻي ۾ “سيالن” جي ڪيٽي “کهڙن جي ڪيٽي” به ڪنهن کان ڳجهي ناهي.ساڳي طرح جڏهن لاڙڪاڻي ۽ دادو جي حدن ۾ گهڙبو ته لياقت جتوئي جي ڪيٽين ۽ ذوالفقار مرزا طرفان لڳ ڀڳ 2500 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين جتوئي ڀائرن کان کسي قمبر جي چانڊين کي ڏيڻ کانپوءِ سردار احمد خان چانڊيو جي ڪيٽي کي به زمينداري بند ڏنل آهي.

اهڙي طرح سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ ننڍا توڙي وڏا زمينداري بند موجود آهن. ان سڄي صورتحال مان هڪ ڳالهه واضح آهي ته سنڌ جي ڪچي کي جڏهن اوهان پنهنجي ابي ڏاڏي جي “جاگير” سمجهندي زمينداري بندن جي “ڪوڙڪي” ۾ بند ڪندو ته ظاهر آهي سنڌو بادشاهه ڪاڏي ويندو. ٻوڏ جو پاڻي ڪاڏي ويندو…؟؟ ظاهر آهي ته اهو پڪي جو رخ ڪندو ۽ پوءِ ٻوڏ ۾ ڪو نه ڪو ٽوڙي بند ٽوڙايو ويندو ۽ ڪو نه ڪو ڳڙهي خيرو ۽ خير پور ناٿن شاهه ٻوڙايو ويندو. اهي ئي ڪيٽيون وري ٻوڏ جي امداد واري سامان سان ڀرجي وينديون ۽ وڏيرو سنڌ جي معصوم ماڻهن سان سياست کيڏندو رهندو. ڇاڪاڻ ته ان ئي آبپاشي آفيسر جي چواڻي ته ڪيٽيون “ستارن واري سرڪار” جي راضپي سان ٺهيون آهن جتي وڏا وڏا اچي جانورن ۽ خوبصورت هرڻين جو شڪار اچي ڪندا آهن سو ڪنهن کي طاقت آهي جو انهن ننڍين توڙي وڏين ڪيٽين کي يا نجي زمينداري بند ڊهرائي…؟؟؟

ليکڪ انگريزي اخبار “روزاني بزنس رڪارڊر” ۾ اسٽاف رپورٽر آهي.


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو