Home / افيئر / سنڌ جي ترقي: بد انتظامي جو ذميوار ڪير؟
above article banner

سنڌ جي ترقي: بد انتظامي جو ذميوار ڪير؟

 

رٿابندي ۽ ترقي واري اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته گذريل سال جي ترقياتي پروگرام لاءِ نظرثاني ٿيل 77 ارب رپين واري رقم مان 26 ارب ۽ 135 اربن جي ٻوڏ کان اڳ رکيل سالياني ترقياتي پروگرام مان 69 ارب رپيا رقمون کاتن جي نااهلي ۽ دير سان جاري ٿيڻ سبب خرچ نه ٿي سگهيا آهن.

سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ترقياتي پروگرام جي اهڙي رٿابندي ٿي رهي آهي جنهن سنڌ کي ترقي ته ڇا پر ان ويترصوبي جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن،جن رٿائن لاءِ رقمون رکيون پيون وڃن اهي استعمال نه ٿيڻ سبب واپس ٿيو وڃن،اڳوڻي رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي ذميوران کان جڏهن اها ڳالهه پڇي وڃي ٿي ته انهن جوچوڻ آهي ته صوبي ۾ آيل مها ٻوڏ سڄي ترقياتي پروگرام کي به پاڻ سان گڏ لوڙهي ڇڏيو ۽ رٿابندي کاتي جا ذميوار ٻڌائين پيا ته گذريل مالي سال 11_2010ع جي ترقياتي پروگرام لاءِ رکيل 135 ارب رپين مان 69 ارب 53ڪروڙ45لک رپيا ان ڪري ئي خرچ نه ٿي سگهيا،هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن ٻوڏ آئي ان گهڻي تباهي آندي ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي پراهو ڪهڙو منطق آهي ته سڄي ترقياتي پروگرام مان 53 سيڪڙو رقمون خرچ ئي نه ٿي سگهن،ان کي سنڌ جا ڪامورا ۽ سياستدان پنهنجي نااهلي هاڻي ٻوڏ ۾ لڪائي رهيا آهن جيڪو سراسر غلط آهي،مالي سال 10_2009ع ۾ترقياتي پروگرام لاءِ 75 ارب رکيا ويا جن مان 13 ارب رپيا خرچ نه ٿي سگهيا ،سنڌ حڪومت ڪڏهن پنهنجي بد انتظامي ختم ڪري اهليت جو ثبوت ڏيندي؟

گذريل مالي سال ۾ ترقياتي پروگرام ۾ ڪل رٿائون 1767 رکيون ويون هيون جن ۾1268 هلندڙ ۽ 499 نيون رٿائون شامل ڪيون ويون هيون، انهن ۾ هلندڙ رٿائن جي لاڳت 73 ارب 20 ڪروڙ 93لک49 هزار ۽نين رٿائن لاءِ 41 ارب 79 ڪروڙ 6لک 51 هزار رين جو ڪاٿو لڳايو ويو هو جنهن جي ڪل لاڳت 115 ارب رپيا آهي انهن مان کاتن لاءِ رکيل اڻ منظور ٿيل تقريبن 400 سو رٿائون منظور ئي نه ڪرائي سگهيا آهن جن ۾ تمام اهم رٿائون به شامل آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون، 99 ڪروڙ جي لاڳت سان لائيو اسٽاڪ اسپيشل اڪنامڪ زون،99 ڪروڙ جي لاڳت سان فشريز اسپيشل اڪنامڪ زون،20 ڪروڙ جي لاڳت سان جاپان اڪنامڪ زون جو اڀياس ڪرائڻ،16 ڪروڙ جي لاڳت سان ماربل سٽي جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري بورڊ جي انتظاميا پنهجون 6 اهم رٿائون سڄو سال رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي کان منظور نه ڪرائي سگهيا ۽ نيٺ انهن لاءِ آيل سمورا پئسا ليپس ٿي ويا جڏهن ته سيرپڪاري بورڊ جاڪل 2ارب 53 ڪوڙ کان وڌيڪ فنڊ ليپس ٿيا آهن،ٿرڪول ڊولپمنٽ بورڊ لاءِ مالي سال 10_2009ع ۾ 3 ارب 42 ڪروڙ 21 لک 10هزار رپين مان 2 ارب 57 ڪروڙ 36 لک 63 هزار رپيا جاري ڪيا ويا پر انهن مان رپيو به خرچ نه ٿي سگهيو،مالي سال 11_2010ع ۾ ٿرڪول جي مقامي ڪوئلي لاءِ 14 ارب 68 ڪروڙ 95 لک52 هزار رپيا رکيا ويا هئا جنهن مان 5ارب 98 ڪروڙ جاري ٿيا پر انهن مان به 2ارب 66ڪروڙ رپيا خرچ نه ٿيا يعني مجموعي طور تي 11ارب 36 ڪروڙ کام وڌيڪ رقم خرچ نه ٿي سگهي،لاکڙا پاور پلانٽ تي اڀياس لاءِ آيل 20 لک رپيا واپس،صوبي جي ٽائونن کي گئس جي فراهمي لاءِ آيل 5 ارب رپين مان رڳو هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا،ڪئنالن،ڍنڍون ۽ واهن تي ننڍا بجلي گهر لڳائڻ لاءِ اڀياس جي تياري۽ جاين جي نشاندهي لاءِ تقريبن 5 ڪروڙ مان صرف 50 لک رپيا خرچ ٿيا۽ ڪراچي جي قديي وسندين کي بجلي جي فراهمي لاءِ آيل 10 ڪروڙ رپيا به واپس ٿيا،آبپاشي کاتي کي ترقياتي پروگرام لاءِ مليل 21 ارب 33 ڪروڙ رپين مان صرف 5ارب 10 ڪروڙ خرچ ٿيا ۽ منڇر ڍنڍ جي اڀياس لاءِ آيل هڪ ڪروڙ رپيا به خرچ نه ٿيڻ سبب واپس ٿي ويا آهن.

صوبائي کاتن ۾ نان ڪيڊر جي آفيسر اهڙي ته تباهي ڪري ڇڏي آهي جنهن جو اثر ايندڙ نسل تي به پوندو ۽ انهن اهڙا ته مختلف پروگرام شروع ڪرايا آهن جيڪي اٽي مٿان چٽي بڻيل آهن،رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي ۾ اڪثر نان ٽيڪنيڪل ماڻهو ويٺل آهن جن کي رٿابندي واري لفظ جي به خبر نه آهي جيڪي کاتي جا پراڻا ماڻهو هئا انهن کي ترقيون نه ملڻ سبب اهي آهستي آهستي رٽائرڊ ٿيندا پيا وڃن،انهن ۾ ايگريڪلچر،انرجي،ايپرا،فارين ايڊ،سائينس آيڊ ٽيڪنالاجي،ڊيرا ۽ ڪوآرڊينيشن کاتن جي سيڪشن جا چيف رٽائرڊ ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي جاءِ کي اڃا تائين ڀريو نه ويو آهي جڏهن ته رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي ڪنسلٽنٽ جي جاءِ به خالي پيل آهي ان جاءِ تي پهريان ڊاڪٽر قيصر بنگالي طرفان پنهنجي دوست قاضي مسعود کي مقرر ڪيو هو پر بعد ۾ ان کي چيف اڪنامسٽ مقرر ڪيو هو جيڪو به 15 جون کان رٽائرڊ ٿي چڪو آهي پر ان اڃا تائين چارج نه ڇڏي آهي جيڪو سرڪاري آفيس ۽ گاڏي به استعمال ڪري رهيو آهي اهو سفارشي آفيسر 2لک 70 هزار رپيا پگهارکڻي رهيو آهي جيڪڏهن ان جي جاءِ تي ڪو سنڌ جو نوجوان مقرر ڪيو وڃي ها ته ڪيترو نه ڀلو ٿئي ها!

سنڌ حڪومت کي جيڪڏهن صوبي ۾ گڊگورننس قائم ڪرڻي آهي ته ان کي پهريون ڪم نان ڪيڊر آفيسرن کي واپس پنهنجن کاتن ۾ موڪلڻو پوندو،سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي ۾ گهٽجي ويندڙ فني ماهرن کي بچائڻ لاءِ انهن کي فوري طور تي ترقي ڏني وڃي ۽ انهن جي خالي ٿي ويندڙ جاين تي نوجوانن کي ڀرتي ڪيو وڃي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار مالي سال 12_2011ع ۾ خارج ڪيل 341 رٿائن کي فوري طور تي ٻيهر ترقياتي پروگرام ۾ شامل ڪري ڇو ته انهن تي 15 ارب رپيا خرچ ٿي چڪو آهي جيڪو عوام جو پئسو آهي ان ڪري انهن کي رٿائن ئي 100 سيڪڙو فنڊنگ ڪري سنڌ واسين تي احسان ڪيو وڃي!

هاڻي هلندڙ سال سنڌ حڪومت طرفان ترقياتي پروگرام ۾ 493 رٿائون وري ٻيهر به اڻ منظور ٿيل شامل ڪيون ويون آهن جن جي لاڳت 47 ارب 16 ڪروڙ کان وڌيڪ لڳائي وئي آهي،اهو هڪ تمام بهتر ڪم آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ سرڪار انهن رٿائن سان به گذريل مالي سال جهڙو ڪندي،ڇا اهي هن سال منظور به ٿي سگهنديون؟

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو