Home / افيئر / !سنڌي دانشورن جو بي وقتائتو موت ۽ رهجي ويل سوال
above article banner

!سنڌي دانشورن جو بي وقتائتو موت ۽ رهجي ويل سوال

وڌندڙ سراسري عمر ڪنهن سماج جي صحت مند هجڻ کي ظاهري ڪري ٿي. اِها ظاهر ڪري ٿي ته ان سماج جا ماڻهو پنهنجي صحت بابت ڪيترا نه حساس آهن ۽ ماڻهن کي کاڌ خوراڪ بهتر ملڻ لڳي آهي، بيماري ۾ اُنهن جو علاج وقت سر ٿيڻ لڳو آهي، اسپتالون علاج جون سهولتون بهتر پهچائڻ لڳيون آهن ۽ بيمار پنهنجي بيماري جو علاج مرض جي پيچيده ٿيڻ کان اڳ ئي ڪرائڻ لڳا آهن. هتي آءُ هڪ دلچسپ حقيقت شيئر ڪندو هلان ته پوسٽ ماسٽرس (M.S) ٽريننگ لاءِ پنهنجي اداري طرفان يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ موڪليو ويس. فرانس اُنهن مان هڪ هيو. هڪ ڏينهن شام جو مان اسپتال ۾ اُتان جي هڪ ڊاڪٽر سان ڊيوٽي تي هُيس ته هڪ نوجوان آيو ۽ ڊاڪٽر کي چيائين ته مون کي ٿوري دير اڳ اوچتو محسوس ٿيو ته منهنجي پيشاب جو رنگ تبديل ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه گلابي ٿو لڳي. اُن نوجوان کي ٻي ڪا به تڪليف نه هُئي. ڊاڪٽر اُن جي چڪاس ڪئي، پيشاب ۽ رت جا ٽيسٽ ورتا ۽ مون کي چيائين ته هِن کي سو سيڪڙو ڪجهه به ڪونهي پر اسان جو عوام صحت جي معاملي ۾ ايترو ته حساس آهي جو ٿوري ئي مسئلي ۾ اسپتال پهچيو وڃي ۽ اِهو سمجهندي به ته هِن کي ڪجهه ڪونهي. اِها منهنجي ذميواري آهي ته مان هِن جي سموري چڪاس ڪريان ۽ سمورا ٽيسٽ ڪرايان. ڪلاڪ جي جاکوڙ کانپوءِ ڊاڪٽر اُن نوجوان کي تسلي ڏني ۽ چيائين ته تنهنجو الٽراسائونڊ، پيشاب ۽ رت جا ٽيسٽ بلڪل ٺيڪ آهن پر تنهن هوندي به تون اسان جي ڪلينڪ ۾ ضرور اچجان، اسان تنهنجا ڪجهه ٻيا ٽيسٽ به ڪنداسون. هاڻ اندازو لڳايو ته ان سماج جا ماڻهو ڪيئن نه صحت مند رهندا ۽ 80 کان 100 سال جيئندا. مون اتي 80 سال جا پوڙها ڏاڍا چست ڏٺا. پڇڻ تي خبر پوندي هُئي ته اڳ به ٻه ٽي آپريشن ڪرائي چڪا آهن ۽ هاڻ وري ڪنهن ٻي بيماري جي سلسلي ۾ داخل آهن. چوڻ جو مقصد اِهو آهي ته ماڻهن جي سراسري عمر وڌي سگهي ٿي. اسان سڀني کي خبر آهي ته مَڌپيئڻ جو رواج اِنهن ملڪن ۾ عام آهي سردي گهڻي هجڻ به هڪ سبب ٿي سگهي ٿو. پر يورپ جي سڀني مُلڪن ۾ اِهو قانون آهي ته مَڌ پيئڻ کانپوءِ توهان گاڏي نه ٿا هلائي سگهو. پوليس وارا روڊ تي مَڌ پيئڻ جي چڪاس جا وازار کڻي گهمندا آهن جيڪڏهن اِهو ثابت ٿي ويو ته همراهه مَڌ پي گاڏي ٿو هلائي ته اُن جو لائيسنس ختم ٿي ويندو. تنهن ڪري ماڻهو اِن ڳالهه جو خيال رکندا آهن ته جيڪڏهن هڪ ئي گاڏي ۾ هڪ کان وڏيڪ ماڻهو آهن ۽ ڪنهن پارٽي تي وڃڻو اٿن ۽ واپس گهر اچڻو اٿن ته انهن مان هڪ مَڌ نه واپرائيندو ڇاڪاڻ ته ان کي گاڏي هلائڻي آهي.

مان نئين سال جي وقت ۾ جرمني ۾ ٽريننگ لاءِ ويل هيس اُتي مون کي هڪ پاڪستاني دوست ٻڌايو ته اڄ سڄي رات سرڪاري بسون، انڊرگرائونڊ ٽرينون مفت هلنديون ڇاڪاڻ ته هي همراهه اڄ خوب پيئندا ۽ گاڏي هلائڻ جي قابل نه هوندا، تنهن ڪري سرڪار اِها سهولت مهيا ڪئي آهي ته ڀلي پيئو پر پنهنجي گاڏي نه هلايو ۽ مفت ۾ سرڪاري بسن ۽ ٽرامُن جا سير ڪريو.عوام دوست حڪومتون پنهنجي رعيت جو اِئين ئي خيال رکنديون آهن ۽ اُنهن کي بي موت مرڻ نه ڏينديون آهن.اسان وٽ پنهنجي جان جو قدر گهٽ آهي. مون کي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اديب دوست فون ڪيو ته ٻه ٽي دفعا پيشاب ۾ رت آيو آهي ۽ اِهو به چيائين ته جيڪڏهن اِيئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته رت ۾ پيشاب آيو آهي. چيو مانس ته فوراََ اچ ۽ چڪاس ڪراءِ. يار مهينو کن لڳائي ڇڏيو، هينئر دوستن يارن جي منٿ ميڙ تي آيو. هاڻ اسان جا پڙهيل، سمجهدار ۽ دانشور پنهنجي صحت جو خيال نه رکندا ته پوءِ ڪير رکندو. اسان جي صوبي ۾ پٿري جي بيماري عام آهي ۽ پٿري جي ڪري ڪيترائي گُردا ضايع به ٿيو ٿا وڃن. اسان جو خيال آهي ته اٻوجهائپ، غربت به ان جا خاص سبب آهن. مٿئين دوست واري مثال کي ڇا چئجي؟ لاپرواهي يا اڻڄاڻائي. ذڪر ڪيل اديب دوست اهو به ٻڌايو ته مَڌ پيئڻ کانپوءِ پيشاب ۾ رت ٿواچي، چيومانس مَڌ جي پچر ڇڏ خبر ناهي ته ان تي يار ڪيترو عمل ڪيو.

اسان جو دانشور، اديب، سياستدان مَڌ جي محبت ۾ ايترو ته مبتلا ٿي ويو آهي جو هاڻ اِهو ڄڻ اُنهن جي روزمره جي معمول جو حصو بڻجي ويوآهي. ان جا ڪيترائي نقصان آهن خاص ڪري جگر جي تباهي جو اِهو وڏو سبب آهي. هر شيءِ ڪنهن حد ۽ دائري ۾ ٿيڻ گهرجي. اسان کي تمام گهڻي ضرورت آهي، اُنهن جون عُمريون دراز هجڻ گهرجن. اسان جا ڪيترائي نوجوان دوست، اديب، شاعر ۽ صحافي ننڍي ڄمار ۾ ئي اِن خوني شوق جي ور چڙهي ويا. مون ڪجهه ڏينهن اڳ نيٽ تي يورپ ۾ صحت متعلق پڙهيوته يورپ ۾ سراسري عمر 2000 مردن ۾ 77.5 سال، ۽ عورتن ۾ 81.1 سال هئي. هاڻ اڃا به بهتر ٿي هوندي. سوئيڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ بزرگ آهن ۽ هر پنجون ماڻهو 65 سالن کان وڏي ڄمار جو آهي. اِهو اُنهن صحت جون سهولتون مهيا ڪري حاصل ڪيو آهي ۽ اُنهن جو عوام اُنهن سهولتن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اتاولو به آهي. هَو فوراََ اسپتال پهچيو وڃن. اتان جو ماڻهو قانون جي پاسداري به ڪري ٿو ۽ مَڌ واپرائي گاڏي ڪونه ٿو هلائي ۽ نتيجي ۾ موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي وڃي ٿو. اسان جي مُلڪ ۾ به ڏينهون ڏينهن صورتحال بهتر ٿئي پئي اسان جي سراسري عُمر35 سالن کان وڌي وڃي 55 سالن تائين پهتي آهي پر دانشورن ۽ اديبن کي وڌيڪ جيئڻ کپي ڇاڪاڻ ته اهي سماج جو سمجهدار طبقو آهن. اسان جي حڪومت کي به پنهنجا قانون سخت ڪرڻ کپن ۽ مَڌ پي گاڏي هلائڻ تي پابندي مڙهڻ گهرجي. جيستائين قانون جي حڪمراني قائم نه ڪبي تيستائين جانيون نه بچائي سگهبيون. پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن کي به پنهنجي صحت متعلق سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي جان جو دُشمن نه بڻجڻ گهرجي.

يورپ جي مُلڪن ۾ ناروي جي صحت بجيٽ GDP جو 9 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي ۽ پوري يورپ جي صحت جي سراسري بجيٽ 8 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ڪٿي اسان جي صحت جي بجيٽ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ (%0.51) ۽ ڪٿي 10 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ. صحت متعلق اسين ڪيترا نه حساس آهيون، جو اسان جو هڪ ٻيو اديب دوست Diabetic آهي منهنجو مضمون پڙهي ڊنو ۽ ٽيسٽ ڪرائڻ آيو پر شگر جي خراب صورتحال جو علاج ڪرائڻ نه اچي سگهيو ۽ چيائين وقت نه مليو. اِهو آهي حال اسان جي سُڄاڻ دوستن جو. مونکي ڏک مان هي مضمون لکڻو پيو ۽ اِن مضمون لکڻ لاءِ مونکي دوست همسفر گاڏهي به همٿايو ۽ ڏکوئيندڙ آواز ۾ چيائين ته ڊاڪٽر ڪيتري نه ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان جا نوجوان اديب، دانشور ۽ سياستدان ننڍي ئي عُمر م مَڌ جي چڪر ۾ جگر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي مريو وڃن ۽ ڪُجهه مَڌ جا متوالا ٿي ڪار حادثن ۾ اسان کان جُدا ٿي ويا. “واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو” هن مضمون کي ذاتي انداز سان دل تي وٺڻ جي ضرورت ڪونهي ۽ نه ئي ڪا تنقيد ڪرڻ مقصد آهي. اسين پنهنجي سُڄاڻ طبقي جا گهڻا گهرا آهيون ۽ انهن جي حياتي ڊگهي، ڏسڻ ٿا چاهيون هي مضمون اُن سوچ تحت پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي ته تندرستي هزار نعمت آهي.


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو