Home / افيئر / !ڏکڻ سوڊان نيٺ آزاد ٿي ويو
above article banner

!ڏکڻ سوڊان نيٺ آزاد ٿي ويو

 

ايراضي ۽ آبادي جي لحاظ کان آفريڪا کنڊ جو سڀ کان وڏو ملڪ سوڊان گذريل هفتي باضابظه طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ مسلم اڪثريت واري اترئين حصي کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ “ڏکڻ سوڊان” دنيا جو سڀ کان نئون آزاد ملڪ بڻجي ويو آهي. ڏکڻ سوڊان جي آزادي جي سرڪاري تقريب 9 جولاءِ تي نئين ملڪ جي راڄڌاني جوبا ۾ منعقد ٿي،

جنهن ۾ گڏيل قومن جي سربراهه بان ڪي مون ۽ سوڊان جي صدر عمر البشير سميت سڄي دنيا کان ايندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.واضح رهي ته تيل جي دولت سان مالا مال عيسائي اڪثريت واري سوڊان جي ڏاکڻين حصن جنوري ۾ گڏيل قومن جي نگراني ۾ ٿيل ريفرينڊم ۾ اتر سوڊان کان علحيدگي جي حق ۾ ووٽ پيا. ٻن ڏهاڪن کان هلندڙ خوني ويڙهه ۾ 15 لک ماڻهو موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته تيل جي دولت باوجود ڏکڻ سوڊان دنيا جو گهٽ ترقي يافته ملڪ آهي.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو