Home / افيئر / !تيل جي بدلي سنڌ جي زرخيز زمين
above article banner

!تيل جي بدلي سنڌ جي زرخيز زمين

 

دنيا اندر قدرتي ۽ مالي وسيلا ڏينهون ڏينهن ختم ٿيدا پيا وڃن. قدرتي توڙي هٿرادو سبب ۽ آفتن ڪري وسيلن جي آڻآٺ وڌندي پئي وڃي. نتيجي ۾ دنيا ويجهي مستقبل ۾ وڏن بحرانن جي ور چڙهي سگهي ٿي. ڏينهون ڏينهن خطرناڪ حد تائين وڌندڙ آبادي، معاشي ۽ اقتصادي بهتري جي عالمي آرڊر جي ناڪامي جي نتيجي ۾ دنيا جا سرمائيدار ملڪ انساني جياپي جي اهم ترين قدرتي وسيلن پاڻي ۽ ان مان ڦٽندڙ اناج مٿان قابض ٿيڻ گهرن ٿا.

ڪارپوريٽ فارمنگ ان قبضي جو جديد تصور آهي، جنهن هيٺ سرمائيداري ۽ امير ملڪ ۽ حڪومتون پنهنجي سماجن تي کاڌ خوارڪ بهتر رکڻ لاءِ انهن غريب ملڪن مان پاڻي ۽ خوراڪ جا وسيلا قبضي هيٺ رکڻ ٿا گهرن، جتي آمريتون آهن. عوام دشمن جمهوري آمريتون آهن يا بادشاهتون آهن.

اڄوڪي عالمي مالياتي بحران جي ور چڙهيل دنيا ۾ سرمائيدار ملڪ هڪ اهڙو استحصالي معاشي نظام لاڳو ڪرڻ گهرن ٿا. جتي عوام جي معاشي ۽ سماجي آزادي کي ڦريو وڃي ٿو.

پاڪستان اهڙي استحصال لاءِ آئيڊيل جڳهه آهي ۽ اسان جي بهترين دوست ملڪ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، بحرين، ڪويت وغيره پاڪستان اندر ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي ملڪ جا رهيل وسيلا به ڦرڻ جا سانباهه ڪري رهيا آهن.

پاڪستان ۾ هن وقت 79 ملين ايڪڙ (هڪ ايڪڙ تقريبا اڍائي ايڪڙ ٿئي ٿو) زرعي زمين موجود آهي. تازو 57 ملين هيڪڙ زمني جي سروي کانپوءِ خوراڪ ۽ زراعت جي وفاقي وزارت ۽ ٻين لاڳايپل ادانر جو چوڻ آهي ته هن وقت اپت هيٺ رڳو 23 ملين ايڪڙ زمين ان لاءِ هيٺيان وسيلا موجود ناهن.

1- پاڻي جي اڻاٺ

2- هارين ۽ آبادگارن لاءِ زرعي سبسڊي ۽ وسلين جي اڻاٺ.

3- انرجي جو بحران ۽ ٻيا سبب

4- هارين وٽ زمين جا حق نه هجڻ وغيره.

هن وقت ملڪ جي ڪل زرعي زمين جو 65 سيڪڙو رڳو 19 سيڪڙو زميندار وٽ آهي، جڏهن ته باقي رهيل 35 سيڪڙو 81 سيڪڙو ننڊن آبادگارن ۽ وڏن زميندارن وٽ آهي.

1-سنڌ تي نظر وججهي ته ڊاڪٽر رجب ميمڻ صاحب جي هن تحقيق موجب .

2-سنڌ ۾ اڍائي ڪروڙ ايڪڙ زمين (25 ميلن) قابل ڪاشت آهي.

3-ڏيڍ لک زرعي زمين اپت هيٺ آهي.

4-سيڪڙو زمين (12 ايڪڙن جي مالڪي تائين) هارين ۽ ننڊن آبادگارن وٽ آهي.

5- 13کان 100 ايڪڙ تائين-12 ايڪڙ زمين جي وچين درجي جي آبادگار ۽ زميندار وٽ آهي.

6- جڏهن ته 58 سيڪڙو زرعي زمين چند گهراڻن وٽ آهي.

ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ اندر زرعي زمين جي مالڪي جي ڇا صورتحال هي. موجوده حڪومت ۾ زرعي زمين جي کڻت ۽ سنڌ جي ڪچي، ٻيلن، ڍنڍن ڍورن، ڀڏن ۽ ٻين خالي زمين تي حڪومتي ڌر جي وڏيري جي قبضي کان پوءِ صورتحال اڃا خراب ٿي آهي.

جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت جي زمين هارين کي زمين لاءِ ڇهن ايڪڙن کان ويهه ايڪڙ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پر ٻئي پاس پاڻي جي آڻاٺ، پاڻي جي کوٽ، سم ۽ ڪلر، امن امان جي صورتحال، ٻوڏ، غربت ۽ ٻين سببن ڪري ننڍا آبادگار زمينون وڪڻي رهيا آهن ۽ سنڌ اندر بي زمين هارين جو تعداد وڌي رهيو آهي. جيڪو سنڌ کي هڪ ٽئين جاگيرداڻي نظام ڏانهن ڌڪي رهي آهي.

اهڙي صورتحال ۾ سنڌ اندر ڪارپوريٽ فارمنگ جي تصور کي قابل عمل فارمولو سمجهيو پئي وڃي جو سنڌ ٻين صوبن جي نسبت امن وارو فڪرآهي.

سنڌ اندر متعارف ٿيندڙ ڪارپوريٽ فارمنگ جي تصور جي سياسي رخن کي سمجهڻ بي حد ضروري آهي.

جڏهن ته فوجي آمر پرويز مشرف کي عرب رياستن بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي ملڪ کان ٻاهر رکڻ جي سازش ۾ مدد ڪئي ۽ جواب ۾ رشوت طور پرويز مشرف انهن عرب رياستن کي ملڪ اندر زمين آڇڻ جو اعلان ڪيو.

2002ع ۾ جنرل پرويز مشرف هڪ آرڊيننس ذريعي ڪارپوريٽ فارمنگ جو نئون ترقياتي منصوبو متعارف ڪرايو. 2007ع ۾ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ تقريبا 20 لک زمين مارڪ ڪئي وئي ڳولهي وئي.

جنرل پرويز مشرف ڪارپوريٽ فارمنگ جيڪي سهولتون ڏنيون انهن جي تفصيل پڙهي اوهان کي (چوڏهن ) جي رپورٽ جي بادشاهن ۽ ڪلسائن جي اختيارين جا داستان وسري ويندا.

ان قانون هيٺ سيڙپڪار کي هيٺيون سهولتون فراهم ڪيون ويون.

1-گهٽ ۾ گهٽ (زرعي زمين تي) 1000 ايڪڙ هوندي.

2- مالڪي جا سمورا اختيار سيڙپڪار وٽ هوندا.

3- ٽيڪس کان آجي سيڙپڪاري هوندي (گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن لاءِ)

4- پاڪستان جي ليبر جا قانون لاڳو نه ٿيندا سرمائيڪاري تي.

5- ڪا به سيلز يا ڪسٽم ڊيوٽي نه هوندي، ڪنهن به قسم جي نه وري مشينري، دوا پاڻ يا ٻيو ڪجهه ٻاهران گهرائڻي.

6-سرڪاري زمين 50 سالن لاءِ ليز ڪبي ۽ پوءِ وري 49 سالن لاءِ وڌائي سگهجي ٿي.

7-هر بئنڪ ۽ مالياتي ادارو قرض ڏيڻ لاءِ پابند هوندو.

اڃا ملڪ اندر اهو بحث جاري هو ته هڪ زرعي سماج ۾ پنهنجي هارين ۽ آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ مقامي وسلين کي ڀرپور بڻائين بدارن ملڪ جو اقتصادي ترقي جو اهم شعبو عرب رياستن کي وڪڻڻ نه رڳو زرعي سماج کي برباد ڪرڻ اهي پر ملڪ جي جغرافيائي سالميت ۽ () کي به نقصان آهي.

اڃا هڪ آمر تي اهو لانتاڻو جاري هو ته موجوده نام نهاد جمهوري حڪومت 2000 واري تيل جي بحران ۾ land for تيل جو تصور ايجاد ڪري سعودي عرب ۽ ٻين رياستن کان 6 ملين آمريڪي ڊالرزجي تيل به ملڪ جي ٽين وال ڪري ڇڏيو.دبئي ۾ وڏو روڊ شو ڪيو.

اسان جي چونڊيل وزيراعظم يڳ ٽري عرب رياستن ڏانهن ويو ۽ تيل بدران زمين جو فارموليشن ڪري آيو. نتيجي ۾ قطر، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، ڪويت سميت ٻين سنڌ، بلوچستان، ۽ پنجاب ۾ هيٺان معاهدا ڪيا.

گڏيل عرب امارات بلوچستان سان 370657 ايڪڙ زمين جو معاهدو ڪيو. اها زمين (ميرائي) ڊيم سان گڏ آهي ۽ بلوچستان ۾ عرب رياستن جي سياسي مفادن ۽ دلچسپي جي پاسي کي رهن ٿا رکڻ ( ) آهي.

سنڌ حڪومت سان انهن رياستن تقريبا هڪ لک ايڪڙ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

قطر پنجاب ۾ اڳ ۾ ئي 800،621 (اٺ لک ايڪڙ) (ميانوالي، خوشاب، سرگوڌا، جهنگ وغيره) ۾ وٺي چڪو آهي.

هت اها ڳالهه سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي ته عرب جاگيردارن جي اڀرڻ جا سبب ڪهڙا آهن.

هڪڙا سبب اقتصادي آهن.

ايندڙ پنجن سالن کان ڏهن سالن اندر انهن عرب ملڪن جي آبادي 50 ملين ٿي ويندي.

عرب رياستن ۾ دريائي پاڻي ناهي ۽ هو سمنڊ جي پاڻي کي ايڏي وڏي آبادي لاءِ خاص طور تي زرعي اپت لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهن.

انهن رياستن جو زير زمين پاڻي کارو آهي. جيڪو ايندڙ 0 2 کان 50 سالن تائين بلڪل ختم ٿي ويندو.

اهي رياستون پنهنجي 40 کان 60 سڪڙو کاڌ خوراڪ امپورٽ ڪن ٿيون ۽ انهن ملڪن ۾ 40 کان 60 سيڪڙو آبادي ٻاهرين آهي.

رڳو دبئي جو خوراڪ امپورٽ ڪرڻ جو بل 2007 ۾ 20 بلين آمريڪي ڊالر مان 2011 ۾ 27 بلين آمريڪي ڊالرز بڻجي ويو آهي.

جديد ٽيڪنالاجي هوندي به هنن رياستن وٽ درياهه ناهن.

سعودي عرب جو 85 سيڪڙو زميني پاڻي ڊيري ۽ ٻين صنعتن تي کپجي پورو ٿي چڪو آهي.

ٻئي پاسي دنيا وسيلا وڇائي رهي آهي. هڪ سروي موجب پاڪستان هر روز اڍائي ايڪڙ زرعي زمين وڃائي رهيو آهي.

دنيا ۾ موجود پاڻي جو 70 سيڪڙو زرعي استعمال لاءِ آهي، ۽ زرعي اپت گهٽجندي پئي وڃي. جنهن جا سبب قدرتي ۽ هٿرادو آهن.

دنيا هر سال 5 کان 7 ملين زرعي زمين وڄائي رهي آهي. نتيجي ۾ وڌندڙ آبادي لاءِ زرعي ۽ پيئڻ جو پاڻي گهٽجي رهيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ عرب رياستون جيڪي 9/11 واري واقعي کانپوءِ عالمي دنيا جي نظرن ۾ دهشتگردن ۽ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏيندڙ ملڪ آهي انهن لاءِ پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ بچيو آهي. جتي جا وسيلا ڦرلٽ کان کين ڪير به ڪو نه روڪيندو.

اهي عرب رياستون پاڪستان جي زرعي سماج جي بربادي جي نتيجي ۾ اڀرندڙ بک، بدحالي، غربت کي وڌيڪ استحصال ڪندي. ملڪ اندر مذهبي انتهاپسندي ۽ ( ) رستي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مذهبي مدرسا، دهشتگردن، نيٽ ورڪس کي مالي سهائتا سميت ڪيترائي ثبوت تازو وڪي ليڪس جي انڪشافن ۾ پاڻ ئي پڙهي رهيا آهيون.

انهن عرب رياستن جو اسان جي سياست مٿان وڏو اثر آهي. طالبان ۽ ٻين ( ) سياسي ڌرين جا انهن لاڳاپا آهن. سعودي عرب نواز شريف کي ڦاهي کان روڪيو، زرداري گڏيل عرب امارتا کي ويجهو آهي.

اهڙي سياسي اثر رسوخ رکندڙ بادشاهن کي جنهن مهل ملڪ جو پاڻي زرعي زمين منجهان () کي ڏني وئي ته پوءِ ملڪ ۾ ڪهڙي بربادي ايندي ان جو نتيجو ڪڍڻ لاءِ ڪا به راڪيٽ سائيٽس گهرجي.

اهڙي سيڙپڪاري سان سنڌ مذهبي انتهاپنسدي جي معاشي نظرين جي غلام بڻجي ويندي.

سنڌ ين ويچارو وڏيرو منٿن ۾ عرب شهزادن جو ڪمدار ٿيڻ لاءِ اٽو وسيع اهي. نتيجي ۾ هر ( ) جاگيردار پيدا ٿيندا.

بي زمين هارين جو تعداد وڌندو ۽ زمين مڪمل طور نجي ڪمپنين حوالي ٿيندي.

سنڌ اندر زمين ۽ هارين جو لاڳاپو رڳو اپت ۽ ماني سان ناهي. سنڌي قوم جون ثقافتي ۽ تهذيبي سڃاڻپ درياءَ جي پاڻي مان ٽمٽار ٿيندڙ سائي ٻني ۽ مالوند سان آهي.

سنڌ جي زمين تي قبضي جو مطلب اهو آهي ته سنڌي قوم جي تاريخي تهذيبي ۽ ثقافتي آزادي ۾ سڃاڻپ تي راتاهو لڳندو. اهي کيت جن لاءِ گيت لکجن ٿا. اهو درياهه جنهن جي مقصد سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي جا گيت آهن، سي سڪي ويندا ۽ نتيجي ۾ نه رڳو مالي غلام پلئه پوندي پر ثقافتي روحاني ۽ تهذيبي آزادي کسجي ويندي.

اهو هاري جنهن جو ٻج سان تعلق ۽ کيت سان ڳانڊاپو اولاد ۽ مائٽن جهڙو آهي. ان جا کيت بس رڳو ڪوموڊٽي (جنس) بڻجي ويندا.

پاڪستان ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي جا ڪيترائي مقامي توڙي بين الاقوامي ماڊل، ٿيوريز، تصور ۽ منصوبه بنديون آزمائيون ويون آهن. زرعي انقلاب، صنعتي ترقي، غربت جو خاتمو، پٺتي پيل علائقن کي مک ڌارا وارن علائقن سان ڳنڊڻ، ٻارن ۽ عورتن کي ترقيءَ ۾ ڀاڳئي ڀائيوار ڪرڻ، ٻهراڙين کي شهرن سن ڳنڊڻ وغيره وغيره. اهڙا تصور آهن جيڪي پنجاهه فري ڏهاڪي کان اجھ تائين دعويٰ طور ٻڌايا وڃن ٿا ته اهي تصور ملڪ اندر پائيدار سماجي ۽ انساني ترقي لاءِ اهم ثابت ٿيندا. انهن تصورن لاءِ عالمي مالتي ادارن، سيڙپڪار ملڪن جي ڏهن ملڪن کان ٻاهر ويٺل ٽيڪنوڪريٽ کي لکين ڊالرز جي عيوض ملڪ گهرائي سندن خدمتون حاصل ڪيون ويون ۽ ان عظيم الشان منصوبه جوڙيندڙ ماهرن جي ساڃاهه ۽ ڏاهپ جي نتيجي ۾ جيڪو پاڪسان اکين اڳيان آهن، سو ڪنهن کان به ڳجهو ناهي.

اهو پاڪستان اڄ ايترن جديد تصور ۽ دماغ هوندي به غربت جي ڍيٽ ۾ ڦاٿل آهن. سماجي تواز ۽ مختلف لساني، قومي علاقائي، مذهبي، سماجي ڌرين ۾ تڪرار جا سبب معاشي ۽ اقتصادي پاليسين جي ناڪامي جي نتيجي ۾ سياست جي پيچيده ٿي وڃڻ تي اڳتي گورننس، احتساب کان وانجهيل نظام حڪمراني، امن امان جا مسئلا، ٽارگيٽ ڪلنگس، مذهبي ()، لساني ۽ نسلي دهشتگردي، سو ڪجهه انهن اقتصادي ۽ معاشي پاليسن جو رد عمل اهي. جيڪي سماج ۽ سياست ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ نتيجي ۾ انهن پاليسين جو فائدو ۽ لاڀ هڪ مخصوص ڪلاس کي پهتو ۽ ملڪ جي اڪثريت غريب عوام اهڙن تصورن جي فروٽ کان وانجهيل آهي.

اهڙين معاشي ۽ اقتصادي پاليسين جو فائدو غريب کي ان ڪري به نه پهچي هاجو ترقيءَ جو اهي سموريون پاليسيون جاگيراڻي، استحصال ڪندڙ صنعتڪار ۽ ملڪ جي ظالم نوڪر شهي جي عوام دشمن تصور تي ٻڌل هيون. جنهن جو محور نو آباد ۽ استحصالي، اقتصادي بيٺڪي نطام هو. اهڙيون مسلسل عوام دشمن اقتصادي ۽ معاشي پاليسين جو سڄو ملڪ شڪار ٿيو پر قدرتي ۽ انساني وسيلن سان مالامال سنڌ ۽ بلوچستان کي ڦرلٽ جو مک ٽارگيٽ رهندا آيا آهن.

سنڌ ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ وڏا منصوبا ۽ حڪمت عمليون ڪليم ڪيون ويون پر درحقيقت هيل تائين سمورن حڪمت عملين ۽ منصوبابندين جي نتيجي طور خوشحالي مان بدترين غربت ڏانهن ڌڪجي ويو آهي.

سنڌ جو زرعي سماج ڏڪار ۽ بک جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. سنڌ جي معاشي سماجي ۽ تهذيبي ترقي ۽ سڃاڻپ جو اهڃاڻ سنڌو درياهه ڦريو ويو آهي. سنڌ جو تيل ۽ گيس هر وقت موجوده حڪومت سنڏ جي ٻهراڙين، شهرين ۽ ڳوٺن جي سڌاري جي دعويٰ ته ڪري ٿي پر سنڌ هر روز قبائلي جهيڙن، برادري جي ڦڙن، ڪاروڪاري ۽ ٻين بيمارين جي ور چڙهي علائقي غير ٿيندي پئي وڃي.

سنڌ کي برباد ڪرڻ وارا وڏيرا ڄ به مفاهمت جي پاليسين هيٺ پنهنجي پنهنجي ضلعي کي آبائي جاگيرون ۽ ڪيٽيون سمجهي بندوق جي قانون هيٺ هڪ روشن خيال، ترقي يافته، تعليم جي زيور سان ٽمٽار سنڌي سماج کي قبل مسيح ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.

اڄ کان ٻه سئو سال اڳ وارو شڪارپور، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، حيدرآباد وغيره اڄ گهمي ڏسو ته لڳندو ته اسين ڏهين صديءَ ۾ داخل ٿي ويا آهيون. سنڌ جي ان بربادي ۽ بدحالي جو سبب رڳو سايسي نطام ۽ نظريات ناهن. جڏهن کان سياسي وسيلن ۽ روزگار جي معاملن سان گڏجي پوليٽيڪل اڪانامي جو رنگ ورتو آهي تڏهن کان سياست سان گڏوگڏ معاشي ۽ سماجي پاليسين جو به سنڌ کي پٺتي ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار آهي.

ڊئم ۽ پاڻي جا ذخيرا اڏڻ جون منصوبه بندي هجن، ڪراچي جي پورٽ ۽ ڪي ڪمانڊ هجي، سنڌ جي زرعي اپت سڄي سنڌ جو تيل، گيس ۽ ڪوئلو مڇي. پر هن وسيلي پٺيان هڪ دڙو استحصالي بيٺڪي نظريو آهي. جنهن جو مک مقصد سنڌ کي ڪنهن به جنگ بدران ، سنڌ دشمن اقتصادي ۽ معاشي ترقياتي پاليسين جي بهاني اهڙو ته غريب ۽ بدحال ڪري ڇڏيو آهي. جو سنڌي سماج وري اُسري نه سگهي.

سنڌ جي ڦرلٽ ۽ سنڌي سماج کي غلام بڻائڻ جو اهڙو تازو تصور ڪارپوريٽ فارمنگ اڀريو آهي. جنهن جو مقصد سنڌ جي خالي پيل لکين ايڪڙ زمين عرب بادشاهن جي ڪمپنين حوالي ڪئي ڪرڻ آهي، جيڪي سنڌ ۾ بهترين زراعت ڪندا، کاڌ خوراڪ جون شيون پيدا ڪندا. کير مکڻ ۽ ڊيري فارمنگ زريعي سنڌي سماج کي خوشحال ڪندا.

سنڌ جي اها زرعي زمين جيڪا ڪچي، ٻيلن، ڍنڍن، ڍورن ۽ دٻن جي صورت ۾ سنڌي عوام جي ملڪيت آهي سا اڳ ۾ ئي سنڌ جا وڏيرا قبضو ڪري چڪا آهن. سنڌ جي زمين کي ملندڙ پاڻي جي مقدار ۾ گهٽتائي آڻي رهيا آهن. ڪلر ۽ سم جي ڪري ماحولياتي آلودگي ۽ گلوبل وارنگ ڪري سنڌي اڳ ۾ ئي ڏڪار ۽ ٻوڏ لاءِ آئيڊيل ڌرتي بڻائي رهيا اهن. سي وڏيرا هاڻي وري عرب بادشاهن سان گڏجي ڪارپوريٽ فارمنگ زريعي سنڌي زرعي سماج جو رهيو سهيو نور ختم ڪندا.

 

ذوالفقار هاليپوٽو

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو