Home / افيئر / !واريءَ سان پاڻي صاف
above article banner

!واريءَ سان پاڻي صاف

هڪ نئين تحقيق موجب هڪ انوکي ۽ سستي مواد سان گدلي پاڻي کي ايترو صاف ڪري سگهجي ٿو جو اهو پيئڻ جي لائق ٿي سگهي. ان مواد کي “سوپر سينڊ”يا اعليٰ قسم جي واريءَ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جي مدد سان گهٽ قيمت تي پاڻي صاف ڪري سگهجي ٿو.

 

 

 

 

 

دنيا ۾ شگر جي مريضن جو انگ

ٻيڻو ٿي ويو!

 

هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته 1980ع کانپوءِ دنيا ۾ شگر جي مريضن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو آهي. اها تحقيق لنڊن جي امپريل ڪاليج ۽ هارورڊ يونيورسٽي طرفان گڏيل طور ڪئي وئي آهي. ان تحقيقات دوران سڄي دنيا مان 27 لک ماڻهن جا انگ اکر حاصل ڪيا ويا ۽ پوءِ ان معلومات جي روشني ۾ سڄي دنيا جي شگر جي مريضن جي تعداد جو اندازو هنيو ويو. تحقيق موجب بالغ ماڻهن ۾ شگر جي مريضن جو انگ 15 ڪروڙ 30 لکن کان وڌي 34 ڪروڙ ستر لک ٿي ويو آهي ۽ اها واڌ نهايت خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. تحقيقات ڪندڙ شگر جي واڌ کي روڪڻ لاءِ مرض جي بهتر تشخيص ۽ علاج جو مطالبو ڪيو آهي.

 

پاڪستاني تهذيب جو جينياتي

خاڪو تيار!

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ موجود ڪراچي يونيورسٽي سان لاڳاپيل سائنسدانن چيني ماهرن جي مدد سان پهريون ڀيرو هڪ پاڪستاني شهري جو مڪمل جينياتي خاڪو تيار ڪري ورتو آهي. اهو مڪمل خاڪو ڪراچي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر پنجواڻي سينٽرفار ماليڪيولز ميڊيسن اينڊ ڊرگ ريسرچ ۽ چين جي جنومڪس انسٽيٽيوٽ جي گڏيل ڪوششن سان تيار ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ ان منصوبي جي سربراهه ڊاڪٽر اقبال چوڌري چواڻي پاڪستان دنيا جو ڇهون ملڪ آهي جتي اهو ڪم سرانجام ڏنو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جنوم دراصل جينياتي دنيا ۾ ڪنهن به انسان جو مڪمل نقش هجي ٿو. اهو زندگيءَ جو مڪمل سافٽ ويئر آهي، جنهن ۾ ان جو هر تفصيل لکيل هوندو آهي. جهڙوڪ ان جا ابا ڏاڏا ڪٿان آيا هئا ۽ سندس پنهنجي شخصيت ڪيئن آهي. سندس طبعي خدوخال، سندس رنگت ڪهڙي آهي. موروثيت، نسل ۽ ذهني استعداد وغيره جا مڪمل تفصيل موجود هجن ٿا. هن کي ڪهڙيون بيماريون آهن ۽ ڪهڙين بيمارين ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

ٻار نئين ڳالهه سکڻ ۾ اڳرا!

آڪسفورڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته بالغ ماڻهن کي ٻارن جي ڀيٽ ۾ نئين ڳالهه سکڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. ان جو بنيادي سبب دماغ جي مختلف ساخت آهي جيڪا وڏن ۽ ننڍن ٻارن ۾ مختلف ٿيندي آهي. ان ڪري ٻار نئين ڳالهه جلدي سکي وٺندا آهن.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

فيس بوڪ جي مقابلي ۾ گوگل پلس!

انٽرنيٽ جي هڪ وڏي گروپ گوگل فيس بُڪ جي مقابلي ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ گوگل پلس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. فيس بڪ موجب ان جي صارفين جو انگ 50 ڪروڙ کان وڌي چڪو آهي. گوگل پلس تي انفرادي طور تصويرن ۽ ميسيجز موڪلڻ کانسواءِ گوگل جي نقشن ۽ تصويرن جون سهولتون موجود هونديون. ان کانسواءِ صارفين کي آساني سان گروپس جي اندرئي رابطن کي منظم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته گوگل پلس ۾ فيس بوڪ جون سهولتون ئي ٻيهر استعمال ڪيون ويون آهن ۽ اضافي طور تي ان ۾ ويڊيو چيٽ ۽ ويڊيو ڳالهه ٻولهه جو واڌارو ڪيو ويو آهي. گوگل ويجهڙ ۾ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ليڪن ماضي ۾ گوگل کي ان حوالي سان هميشھ ناڪامي پلئه پئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو