Home / افيئر / !آمريڪي بچاءُ واري وزير رمزفيلڊ خلاف ڪيس
above article banner

!آمريڪي بچاءُ واري وزير رمزفيلڊ خلاف ڪيس

هڪ آمريڪي عدالت ٻن آمريڪي رهواسين کي اڳوڻي بچاءُ واري وزير رمز فيلڊ خلاف ڪيس جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. انهن آمريڪي رهواسين الزام مڙهيو آهي ته مٿن عراق ۾ آمريڪي فوج تشدد ڪيو هو. تفصيل موجب ڊونالڊ ويٽس ۽ ناٿن ارٽل آمريڪي وفاقي عدالت ۾ رمز فيلڊ ۽ ٻين نامعلوم ماڻهن خلاف جاچ جا سخت طريقا اختيار ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي هرجاڻي جي ادائگي جو ڪيس داخل ڪيو هو. شڪاگو ۾ قائم يو ايس ڪورٽ آف اپيلز الينوائي جي وفاقي جج جي ان فيصلي کي برقرار رکيو آهي جنهن ۾ اڳوڻي بش انتظاميه ۽ هاڻوڪي اوباما انتظاميه طرفان ڪيس ختم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڪوششن باوجود ڪيس جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. مذڪوره ٻئي ماڻهو 2006 ۾ عراق ۾ هڪ خانگي سيڪيورٽي ايجنسي ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. اها فرم جنهن لاءِ اهي ڪم ڪندا هئا اها اڳتي هلي رشوت ڏيڻ ۽ ٻين بدعنوانين جي سرگرمين ۾ ملوث ٿي وئي جنهن جو اطلاع انهن آمريڪي اختيارين کي ڏنو ليڪن آمريڪي اختيارين ٻنهي کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو. ان کانپوءِ انهن پنهنجي آئيني حقن جي ڀڃڪڙي خلاف آمريڪي عدالت جو دروازو کڙڪايو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو