Home / ڪرنٽ افيئر / !بدين ۾ ٻوڏ: هٿرادو آفت
above article banner

!بدين ۾ ٻوڏ: هٿرادو آفت

سنڌ اڃا 2010 واري ٻوڏ جي ڪري ٿيل نقصان مان نڪتي ئي نه هئي ته آگسٽ 2011 ۾ وري غير معمولي برساتن سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جن ۾ بدين، مٺي، مير پور خاص، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، عمر ڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي.

هن ٻوڏ هڪ طرف ڪيتريون ئي انساني جانيون کسيون ته اتي ماڻهو پنهنجن گهرن کان پڻ محروم ٿيا، چوپايو مال، جيڪو ٻهراڙيءَ ۾ ماڻهن جي گذر سفر جو اهم ذريعو آهي سو مري ويو ۽ بيٺل فصل لڙهي ويا.

جيتوڻيڪ متاثر ماڻهن لاءِ عارضي ڪئمپون لڳايو ويون پر اتي حڪومت ماڻهن کي گهربل خوراڪ، پاڻي ۽ صحت جو سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي. قومي توڙي صوبائي سطح تي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل با اختيار ادارن جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ رهي سنڌ حڪومت بين الاقوامي ادارن کي متاثر ضلعن ۾ ڪم ڪرڻ جو سڏ نه ڏئي صورتحال ويتر خراب ڪري ڇڏي. سنڌ حڪومت نه ڪم ڪبو ۽ نه ڪرڻ ڏبو، واري سونهري اصول تي عمل ڪيو ۽ سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي دٻاءُ کانپوءَ آخرڪار بين الاقوامي امدادي ادار ن کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جو سڏ ڏنو.

بدين ضلعو تازين برساتن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. برساتن جي ڪري هميشھ ايل بي او ڊي منصوبي تحت ٺهيل سم نالن ۾ گهارا پوندا آهن جيڪي بدين کي ٻوڙڻ جو سبب بنجندا آهن. ايل بي او ڊي منصوبي ۾ 4600 ڪيوسڪ پاڻي وهائڻ جي گنجائش آهي جنهن ۾ ڪجهه گنجائش برساتي پاڻيءَ جي به رکيل آهي. پر هن ڀيري پاڻي وڃي 16000 ڪيوسڪ کي پهتو. ماهرن جون سڀئي اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون ۽ ايل بي او ڊي بدين کي ٻوڙي ڇڏيو.

مجموعي طور لاڙ پٽ جا ٻئي ضلعا يعني بدين ۽ ٺٽو قدرتي آفتن کي هميشھ منهن ڏيندا رهن ٿا. پوءِ سائيڪلون جي صورت ۾ هجي يا برساتون هجن، ڏڪار هجي يا وري ٻوڏ. ڏٺو وڃي ته اهي قدرتي آفتون گهٽ وقفي سان هڪٻئي پٺيان اچن ٿيون. رڳو بدين جوئي مثال وٺجي ته اتي 1995ع ۾ ٻوڏ، مئي 1999ع ۾ سائيڪلون، جنوري 2001ع ۾ زلزلو ۽ 2003 ۾ ٻوڏ، ماڻهن انهن ڀيانڪ آفتن کي اڃا پوري طرح وساريو به نه هئو ته آگسٽ 2011ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ جو شڪار ٿيا. غربت جي لحاظ کان ٺٽو ۽ بدين ضلعا غريب ترين ضلعن ۾ شمار ڪيا ٿا وڃن ۽ تڪڙيون آفتون ماڻهن کي هر ڀيري وڌيڪ غريب ڪيو ڇڏين. تازين برساتن ۾ رڳو بدين ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مڇي جا فارم متاثر ٿيا آهن. غريبن وٽ پنهنجي ڪابه ملڪيت ڪانهي ۽ انهن جي گذر سفر جو مڪمل دارو مدار قدرتي وسيلن تي آهي. جنهن ۾ زمين، پاڻي، فصل، مڇي، وڻ، ميوا ۽ ٻاڄيون شامل آهن. برساتن جي ڪري غريب ماڻهن جا اهي سڀ وسيلا تباهه ٿي ويا آهن. هي اهوئي بدين آهي جتان ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ تيل ۽ گئس حاصل ڪيو ٿو وڃي پر اها بدقسمتي آهي ته تيل ۽ گئس جهڙن قدرتي وسيلن سان مالامال هن ضلعي جا ماڻهو وري انتهائي غريب آهن. قدرتي وسيلا ۽ غربت هڪ ئي وقت هن ضلعي ۾ موجود آهن. ايل بي او ڊي رٿا تحت نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپور خاص ضلعن ۾ سم ۽ ڪلر کان متاثر 13 لک ايڪڙ زمين کي بحال ڪرڻو هئو. هي رٿا واپڊا ٺاهي مڪمل ڪري سنڌ سرڪار حوالي ڪئي. جڏهن ته عالمي بينڪ ۽ ٻين عالمي ادارن کان هن منصوبي لاءِ قرض کنيو ويو.

بدين ۾ ايل بي او ڊي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ لاءِ ٺاهيل ٽائيڊل لنڪ تي ان زماني ۾ ئي مقامي ماڻهن اعتراض ڪيا هئا ته ان سان زرخيز زمينون ۽ ماحول تي منفي اثر پوندا. انهن جا اعتراض ٽائيڊل لنڪ جي غير فطري ڊزائن بابت هئا جنهن سان علائقي ۾ نيڪال جو فطري وهڪرو بند ٿيڻ جو خطرو هئو ۽ ايئن ئي ٿيو. جڏهن 1995ع ۾ ٽائيڊل لنڪ منصوبو مڪمل ٿيو ته مقامي ماڻهن جا خدشا درست ثابت ٿيا ۽ ان ئي سال ٻوڏ ۾ ٽائيڊل لنڪ جا ڪنارا پاڻيءَ جي سٽ نه سهي سگهيا. وڏي ايراضي پاڻي هيٺ اچي وئي ۽ زرخيز زمينون سم جي زهريلي پاڻيءَ ۾ خراب ٿي ويون.

2006ع ۾ عالمي بينڪ جي انسپيڪشن پينل اهو تسليم ڪيو ته ٽائيڊل لنڪ ۽ پولري ويئر غلط ڊيزائن ڪيا ويا آهن۽ ان جي ڪري سامونڊي ڇاڙ سبب ٺٽي ۽ بدين جو ماحولياتي نظام ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جو گذر سفر متاثر ٿيو آهي. ٽائيڊل لنڪ جي ناڪامي سبب فطرت، جهنگلي جيوت ۽ مڇي جنهن تي مقامي ماڻهن جو گذر سفر آهي تي به ناڪاري اثر پيا آهن. انسپيڪشن پينل موجب ٽائيڊل لنڪ ٺهڻ کانپوءِ مقامي ماڻهن لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو شدت اختيار ڪري ويو ۽ مال جي لاءِ چارو ملڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. مجموعي طور زمين جي بناوٽ ۾ تبديليون آيون آهن. عالمي بينڪ خود ايل بي او ڊي ۽ ٽائيڊل لنڪ ۾ پنهنجي پاليسين ۽ طريقئه ڪار تي عمل نه ڪري سگهي.

ايل بي او ڊي جي اي آءِ اي رپورٽ ۾ به ٽائيڊل لنڪ جي منفي اثرن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. پينل موجب شديد برساتن جي صورت ۾ ٽائيڊل لنڪ ۾ وڌيڪ پاڻي اچڻ واري صورتحال کي نظر انداز ڪيو ويو. 2003 جي برساتن ۾ به ڊزائن ۾ غلطي ثابت ٿي چڪي هئي.

تازو بدين ۾ ايل بي او ڊي جي ناڪاميءَ سبب آيل ٻوڏ تي ڳالهائيندي سنڌ جي آبپاشي واري وزير چيو آهي ته موسمي تبديلي جي ڪري وڌيڪ برساتون پونديون ۽ ٻيو اهو ته عالمي بينڪ جي منصوبي وسپ تحت ڪنسلٽنٽس ايل بي او ڊي جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هو کانئن وڌيڪ ڄاڻ وٺندو. وزير صاحب پنهنجو سڄو بار ڪنسلٽنٽس ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو ڄڻ ته هي ملڪ ڪنسلٽنٽس هلائي رهيا آهن! جڏهن ته مذڪوره ادارو توڙي ڪنسلٽنٽس سڌو نئون وزير صاحب جي ڪنٽرول هيٺ آهن. جيستائين موسمي تبديلين جي ڪري وڌيڪ برساتن جي ڳالهه آهي ته ان کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا اپاءَ ورتا آهن. رڳو ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ ته هاڻي وڌيڪ برساتون پونديون، ڇا ا ن سان حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي؟ اهڙي صورتحال ۾ ته حڪومت بنيادي ڍانچي کي موسمي تبديلين سان هم آهنگ ڪري وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بنائي درياءَ جي بندن، واهن، شاخن ۽ سم نالن جي حالت کي بهتر بڻائي. وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ شهري رٿا بندي جي اصولن تحت واڌارو ڪري ڊرينيج ڏنو وڃي. هن وقت سنڌ جا مڙئي وڏا ۽ ننڍا شهر، شهري رٿا بندي جي اصولن کان وانجهيل آهن.

اهڙي صورتحال ۾ قدرتي ۽ هٿرادو آفتن جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. بدين جي حوالي سان اهڙي حڪمت عملي ۾ بنيادي ڍانچي کي فني لحاظ کان بهتر ڪرڻ سان گڏ انهن ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگي کي بهتر ڪرڻ وارا عنصر به شامل ڪرڻا پوندا، ته جيئن اهي ماڻهو جيڪي مسلسل آفتن جي زد ۾ رهن ٿا سي انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي سگهن. ايل بي او ڊي جهڙي ناڪام منصوبي جو بهتر فني ۽ فطرت دوست حل ڪڍيو وڃي ته جيئن بدين جا ماڻهو مستقل طور هن عذاب مان بچي سگهن.

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو