Home / ڪور افيئر / ذوالفقار مرزا: اصل راند ڪهڙي آهي؟
above article banner

ذوالفقار مرزا: اصل راند ڪهڙي آهي؟

ذوالفقار مراز جي پريس ڪانفرنس، تقريرن ۽ بيانن جا اڄ ڪلهه وڏا چرچا آهن. مرزا پيپلز پارٽي جو ڪو عام رواجي اڳواڻ يا فردوس عاشق اعواڻ، بابر اعواڻ، رحمٰن ملڪ يا حنا رباني کر وانگر ڪٿان ”نازل” ٿيل رهنما ناهي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سپاف جي سرگرم رهنما رهندڙ هن شخص جو پيپلز پارٽي سان چئن ڏهاڪن کان مٿي جو لاڳاپو آهي. ٻئي پاسي آصف علي زرداري جي سڀ کان ويجهو ساٿي هجڻ ۽ جيالي طور سندس طاقت کان سڀ واقف آهن. پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت ۾ سندس ڪردار ڊي فيڪٽو وڏي وزير وارو هيو جو صدر پاڪستان جي حجتي يار هجڻ ڪري هرڪو مرزا کان لنوائيندو رهندو هو ۽ مرزا پنهنجي سمورن واسطن کي پنهنجي سياسي توڙي سماجي ۽ معاشي طاقت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو.

سنڌ اندر پيپلز پارٽي جي بدترين طرز حڪمراني جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ۽ حڪمرانن جي مستقبل بابت ٿيندڙ تذڪرن ۽ بحثن ۾ هڪ ڳالهه تي سڀئي متفق هوندا هيا ته حالتون ڪهڙيون به وڃي بيهن، پيپلز پارٽي ۽ زرداري ڪهڙي به پوزيشن ۾ هجن، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي يار جو ساٿ نه ڇڏيندو ۽ مرزا شايد آخري ماڻهو هوندو دنيا ۾ جيڪو پيپلز پارٽي ۽ آصف علي زرداري کي خدا حافظ چوندو.

پر سياست ۽ اقتداري سياست جي غلام گردشن جا نڀاڳا چڪر ڏاڍا بي رحم آهن. سنڌ مان آخري ماڻهو طور سڃاتو ويندڙ ذوالفقار مرزا اهو پهريون ماڻهو ثابت ٿيو جنهن پيپلز پارٽي ۾ پنهنجي يار زرداري کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سينيئر وزارت، پيپلز پارٽي جي سينئر نائب صدارت ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيندڙ ذوالفقار مرزا في الحال ته ميڊيا رستي پوري ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي “Playing with gallery ” سو مرزا هن گيلري جو موضوع آهي.

ڪيترائي دوست گهڻ رخيون ٿيوريز پيش ڪري رهيا آهن. ڪي دوست ايم ڪيو ايم جي معاملي تي ذوالفقار مرزا جي موقف کي جرئت منداڻو قدم چوندي کيس سنڌ جو نئون سورهيه بادشاهه قرار ڏئي رهيا آهن. عيد تي بدين ۾ ساڻس ملاقاتون ڪندڙ ڪيترائي “دانشور” کيس سنڌ جو نئون مائوزي تنگ قرار ڏيندي، کيس ميدان ۾ نڪري پوڻ جو چئي رهيا آهن. ڪي ڪالم نگار سندس سو گناهه معاف ڪري کيس سنڌ اندر نئين عوامي قومپرستي جي لهر جو باني قرار ڏيندي سندس ساٿ ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. عام ماڻهن سان ملو ته هو به مرزا صاحب سان سهمت نظر اچن ٿا ان سهمتيءَ پٺيان ماڻهن جون حڪومت جي ڪارڪردگي بابت ڪاوڙ ۽ ايم ڪيو ايم کي اضافي اهميت ڏيڻ وارو ري ايڪشن به شامل آهي.

انگريزيءَ جي هي ٻي مشهور سٽ “give devil its due ” کي سامهون رکندي مرزا جي ان ڌماڪي جو آبجيڪٽو تجزيو ڪجي ته اهو ڪريڊٽ کيس ملڻ گهرجي ته هڪ اهم صوبي اندر ڊي فيڪٽو وڏي وزير هجڻ جا مزا ماڻيندڙ ۽ اقتداري پوزيشنر جا ٺٺ ڏسندڙ هڪ شخص سڀ ڪجهه لت هڻي هڪ پاسي اڇلائي رستي تي نڪري آيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن کي پڌرو ڪري روڊ تي بيهي رهيو اهڙو واقعو همعصر سياسي تاريخ ۾ نٿو ملي. جنرل پرويز مشرف جي پهرين نگران حڪومت ۾ سنڌ جي ٻن جوڌن ايئر مارشل دائود پوٽي ۽ اي اين جي عباسي هڪ آمر جي فيصلن کي نه مڃيندي استعيفيٰ ڏني هئي پر مرزا واري معاملي جو ٻيو اثر آهي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيل پنهنجي پريس ڪانفرنس کان وٺي (هي سٽون لکڻ تائين) اڄ تائين مرزا جيڪو ڪجهه ڳالهائي رهيو آهي سو سياسي ۽ غير سياسي جذباتي روئي جو مڪسچر آهي. سندس هر بيان بغاوت سان ڀرپور آهي. ڪٿي ڪٿي ته هو انتهائي خطرناڪ ۽ غير شعوري ڳالهيون ڪري ڇڏي ٿو جنهن جي نتيجن جو کيس اندازو نٿو هجي. پر devil its due جي فارمولي هيٺ پهرين سندس ڳالهين مان سنڌ کي پهتل وقتي فائدن جو جائزو وٺون ٿا

پيپلز پارٽي جي موجوده سرڪاري اندر پهرين ڀيرو ڪنهن باغي ان سطح جي بغاوت ڪندي اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪي ماڻهو شاهه محمود قريشي جي مرزا سان نسبت جوڙين ٿا پر ٻنهي ڪيسز ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. شاهه محمود قريشي جهڙو وڏو ماڻهو جنهن ملتان جي ضلعي نظامت واري دور ۾ مشرف جهڙي آمر کي ويلڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو سو ههڙي خسيس وزارت تي حلف کڻڻ کان سواءِ ايوان صدر مان هليو ويو هو. پر مرزا ته وزارت، تنظيمي عهدو ۽ اسيمبلي رڪنيت ڦٽي ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي ئي حڪومت، تنظيم ۽ صدر خلاف بغاوت ڪئي.

· مرزا، ايم ڪيو ايم کي جنهن ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو اهو سندس ماسٽر اسٽروڪ هو. جيتوڻڪ سنڌ اندر گذريل ڏهن ٻارنهن سالن اندر پيدا ٿيل هن نئين مڊل ڪلاس (جنهن ۾ ليکڪ، دانشور، ڪالم نگار، سول سوسائٽي جا فرد ، وڪيل اچي وڃن ٿا.) ايم ڪيو ايم کي هر محاذ تي سوڙهو ڪندي پئي آئي ۽ نيٺ ”سو سونار جو هڪ ڌڪ لوهار جو” چواڻي مرزا اچي جنهن ريت ايم ڪيو ايم کي چيلنج ڪيو تنهن ايم ڪيو ايم کي في الحال ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي. ان آخري ڌڪي جا بنياد اڳ ۾ ئي پئچي چڪا آهن.

· نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم سياسي طور اگهاڙي ٿي آهي ۽ سندس دهشتگرد مافيا هجڻ واري موضوع تي عام راءِ کي هاڻ پوري ملڪ ۾ مڃتا ملي آهي. ملڪ جي جنهن به حصي ۾ وڃو مرزا جي واهه واهه لڳي پئي آهي خاص طور تي پختون ۽ پنجابي ڏاڍا خوش آهن.

منهنجي خيال ۾ اهي وقتي فائدا آهن ۽ انهن جو فائدو سنڌ کي تڏهن رسندو جڏهن انهن فائدن کي ڪنهن سياسي ضابطي ۽ ڊسپلين هيٺ مضبوط رکيو ويندو. هاڻ مرزا جي نه ته ڪا پارٽي آهي نه ئي فورم، تنهن ڪري سندس اهو جذبو ٿي سگهي ٿو ته جلدي جهڪو ٿي وڃي. حسب دستور اسان جي غير پيشواراڻي ميڊيا وري سڀاڻي الطاف حسين ڪنهن اهڙي ئي گرمائيندڙ تقرير پٺيان لڳي مرزا کي وساري ڇڏين. موجوده رياستي ڍانچي ۽ اقتداري سياست ۾ سنڌ جي حقن جي حفاظت واري موضوع تي بحث ڪندڙ سنجيده حلقن ۾ ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنسز، تقريرن جي جذباتي پاسن جو اثر گهٽ آهي ۽ سندس غير سياسي ۽ تضادن سان ڀريل موقف تي حيرانگي واري آهي.

مثال طور

· سنڌ ۽ پاڪستان جو جو هر روشن خيال، جمهوريت ۾ ايمان رکندڙ پر امن شهري اهو سمجهي ٿو ته بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي. سنڌ جي قيادت ۽ ماڻهن کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏيندڙ اسان جي فوجي ۽ سول نوڪر شاهي اڄ به سنڌ دشمن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ اهو خيال مشهور آهي ته سنڌ پاران پاڪستان جي قيادت ڪري هن رياست کي بهترين زمين بنائڻ واري سگهه خلاف اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سوڌو ڪيترائي سنڌ دشمن محاذ جوڙيا آهن.

جنهن مهل ڊاڪٽر مرزا اهو چوي ٿو ته ملڪ قوم ۽ جمهوريت کي فوج بچائيندي ته اهو خطرناڪ نياپو دراصل سنڌ جي اينٽي اسٽيبلشمينٽ جدوجهد جي نفي ۽ بي عزتي آهي ۽ مرزا کي اهو سوچڻ گهرجي ته اسان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سندس واتان اهڙا بيان ڏياري سنڌين جي ۽ خاص طور تي بينظير ڀٽو شهيد جي ئي ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ گهري ٿي.

· ٻيو اهم نُڪتو هي آهي ته ايم ڪيو ايم جي مقابلي لاءِ سنڌ پنهنجي حقيقي سياسي سگهه کي ميڙي بين الاقوامي قدرن ۽ قانونن هيٺ سنڌ دشمن قوتن کي شڪست ڏيندي جيئن ماڻهن 13 آگسٽ تي هڙتال جي زبردست موٽ ڏني. جيئن ماڻهن گهر شماري واري هڙتال جي سنڌ ۾ موٽ ڏني. باقي ايم ڪيو ايم سان وڙهڻ لاءِ ISI ۽ آرمي کي هيرو ڪري پيش ڪبو. اهو انتهائي خطرناڪ غير سياسي رويو آهي. جيڪو نه رڳو سنڌ جي سياسي معاملن ۾ فوج جي مداخلت کي قانوني حيثيت ڏيندو پر اهو به ڏسڻو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ فوج (ماضي وانگر)هڪ ٿي سنڌ ۽ سنڌين جو سر نه وڃائين.

· ٻين ڳالهه هيءَ ته هڪ پاسي مرزا آصف علي زرداريءَ جا هٿ مضبوط ڪرڻ، پيپلز پارٽي کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ٻي پاسي گورنر سنڌ، رحمٰن ملڪ يا بابر اعواڻ کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته ايئن نه ٿيو ته حڪومت مهيني ۾ گهر ويندي. انهن مطالبن ۾ ايتري ته ٻاراڻي آهي جو ڪوبه ڪامن سينس رکندڙ ماڻهو اهو ئي چوندو ته مرزا يا ته ٻار آهي يا قوم کي ٻار سمجهي ٿو.

هو جنهن سسٽم جي خاتمي جي ڳالهه ڪري ٿو يا جن ماڻهن جي برطرفي جو مطالبو ڪري ٿو. اهي ته حڪومت ۽ صدر جي رضامندي سان پنهنجي عهدن تي ويٺل آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سڀ ڪجهه صدر صاحب جي منشا موجب آهي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته صدر جا هٿ مضبوط ڪجن ۽ صدر جي فيصلن کي چيلنج نه ڪجي.

· مرزا عيد کان پوءِ جيئن ڳوٺان نڪري ڪراچي پهتو ته انهن ئي سنجيده حلقن وٽ پهريون سوال اهو آيو ته ڪروڙين ماڻهن جي پارٽي معنيٰ پيپلز پارٽي جو جهنڊو اُڇلائي، گاڏي ۾ امير ڀنڀري، ظفر جهنڊير ۽ ٻين سان سفر ڪندي مرزا آخر ڪهڙو نياپو ڏئي رهيو آهي. ڇا هو سياسي خودڪشي ڏانهن وڌي رهيو آهي؟

· ايم ڪيو ايم کي ايڪسپوز ڪرڻ واري ڳالهه اکين تي، پر مرزا ڀتي خورن، لينڊ مافيا، قبضه گيرن انهن جي مشهور زمانه ايجنٽن سان ڪراچي جا دورا ڪندي ڪراچي جي شهرين توڙي پوري سنڌ کي ڪهڙو نياپو ڏئي رهيو آهي.

· هر ٻي سٽ سندس پهرين جملي جو تضاد هجي ٿي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان جهيڙو، هر هنڌ جذباتي ٿي وڃڻ، مرزا آخر سنجيده سياسي ڪنڊڪٽ ڏانهن ڇو نٿو وڌي؟

آءُ ۽ مرزا هڪ ئي شهر جا رهواسي آهيون. حيدرآباد جي قديم سنڌي وسندين ۾ وقت گذاريندي، مرڻن پرڻن کان وٺي شهر جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان ٿيندي محرم ۾ تعزئي ۽ علم پاڪ کڻندي يا پڙ ڪڍي نياز ورهائيندي، اسان هڪٻئي کان بهتر واقف آهيون. منهنجو ذاتي تجربو هي آهي ته مرزا ذاتي رنجشن ڪري ڪاوڙجي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو سوچيندي ٽريپ ٿيو آهي ته هاڻ “گهر کا ڀيدي لنڪا ڍائي” وارو مثال بڻيل آهي. مرزا جي طبيعت ۾ سياسي ميچوئرٽي کان واقف ماڻهو سندس اهڙي روئي تي اچرج جو شڪار ناهن تنهن ڪري مرزا جي هن سموري ڪنڊڪٽ جي نفسياتي تجزئي جي ضرورت آهي.

· واضح رهي ته مرزا پيپلز پارٽي جي 1993_1988ع واري حڪومتن ۾ آصف علي زرداري کي ويجهو ته هيو پر بي نظير ڀٽو صاحبه جي حياتي ۾ کيس تنظيم يا حڪومت جي اهم ترين فورسز يا فيصله ۽ پاليسي ساز گروپ ۾ ڪابه پوزيشن نه هئي. هو زرداري صاحب سا ن گڏجي بزنس امپائر جوڙڻ ۾ مصروف هو.

هن ڀيري آصف علي زرداري جي موجودگي، بينظير ڀٽو جي غير موجودگي ۾ کيس سنڌ اندر هر سطح جي فيصله سازي ۾ اهم جڳهه ڏني وئي. کيس هر قسم جي آزادي ۽ ڇوٽ هئي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته جڏهن کيس ان ڪور گروپ مان آئوٽ ڪيو ويو ته مرزا پنهنجي روش ڪاوڙ ۽ جذباتيت سان ڀرپور طبيعت جي ڪري اهو شاڪ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ سياسي ڦاٽ جو مظاهرو ڪري ويٺو. ها کيس ان ڳالهه جو ڪريڊٽ ڏجي ته هو پهرين ئي ڏينهن کان ايم ڪيو ايم خلاف چارج شيٽ تيار ڪيو ويٺو هو پر کيس جنهن وقت کيس نڀاڳ جي چڪر ۾ ڦاسايو ويو ته هو اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ٽپ ڏئي ٻاهر نڪري آيو. مطلب اهو نڪتو ته اقتداري سياست ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياست جي پيچيدگين، خاص طور تي ايم ڪيو ايم کي ڊيل ڪرڻ لاءِ گهربل سياسي مئچورٽي يا نفسياتي جنگ جي مهارت هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ مرزا به هڪ اسٽيج تي اچي برسٽ آئوٽ ٿي ويو جو پنهنجي ئي موڀي يار خلاف اٿي کڙو ٿيو.

سياست ۾ جذبات ضروري آهن جو جذبن کان سواءِ تبديلي يا انقلاب ممڪن ناهي. پر جڏهن جذبات عقل ۽ سياسي سمجهه تي حاوي ٿين ته اهو سياسي تدبر خلاف استعمال ٿي سگهي ٿو ته مرزا جي معاملي ۾ به ايئن ئي ٿيو آهي جو هن جي ڪاوڙ کي ٽريپ ڪري فوج جي ساراهه لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

حقيقت ۾ ذوالفقار مرزا جي ڪاوڙ انفرادي آهي، ڀلي کڻي ايم ڪيو ايم خلاف سندس موقف کي سنڌ جا ماڻهو ساراهيندا هجن، پر جذباتي انداز سان اسٽيٽسڪو ٽٽڻ ناممڪن آهي. هو ته بدين ۾ پنهنجي گهر واري ۽ قومي اسيمبليءَ فهميده مرزا معرفت اسٽيٽس ڪو قائم ڪيو ويٺو آهي ته پوءِ سوسائٽي جو اسٽيٽسڪو ڪيئن ٽٽندو؟ اسان بينظير ڀٽو شهيد ڪرائي به سياسي ڪلچر تبديل نه ڪري سگهياسين ته پوءِ ذوالفقار مرزا جو جذباتي پڻو ڪيئن تبديل ڪري سگهندو؟ ان لاءِ سياسي بلوغت ۽ ساڃاهه جي ضرورت آهي.

 

ذوالفقار هاليپوٽو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو