Home / افيئر / !مروان موت، ملوڪان شڪار
above article banner

!مروان موت، ملوڪان شڪار

سنڌ ۾ مروان موت ملوڪان شڪار وارو پهاڪو به موجود آهي. پر انهيءَ سنڌ ۾ امير طبقي کان وٺي هيٺئين طبقي جا ماڻهو مرونءَ جو شڪار جنون جي حد تائين پسند ڪن ٿا. مرونءَ جو شڪار هڪ وڏي هنر مندي ۽ مهارت وارو ڪم هجي ٿو. ان ڪري جيڪي ڄڻين سيئي نپائين واري ڳالهه وانگر خفتي پنهنجون ننڊون، آرام، پئسا، ڪتا ۽ ٽائيم قربان ڪري پنهنجو اهڙو شوق پالي ويٺل آهن. سنڌ هڪڙو زرعي خطو آهي جڏهن ته مرون زرعي فصل ۾ ان وارو فصل، ڪمند، گجرون، کاڄا ۽ ٻين ڪيترن ئي فصلن لاءِ خطرناڪ حد تائين نقصانڪار بنيل آهي ان ڪري شڪاري مرونءَ جو شڪار ڪرڻ وارو جواز ڄاڻائين ٿا. چيو وڃي ٿو ته هڪ مادي هڪ ئي وقت چوويهه ٻچا ڄڻي ٿي. سورنهن ٿڻ رکندڙ مادي ڇهه مهينا ٻچن کي پيٽ ۾ رکي ٿي. هنن جا کر رڍ ۽ ٻڪري وانگر ٻن حصن ۾ ورهايل هوندا آهن. مرونءَ جي سنگهڻ ۽ آواز ٻڌڻ جي حس تمام تيز ٿئي ٿي. مرون اڪثر ڪري گپ ۽ پاڻيءَ جي ڀر واري علائقي ۾ رهندو آهي. هو خوراڪ ۽ کاڌي جي تلاش ۾ اڪثر ڪري سج لٿي کان فجر جي مهل تائين پيو ڊوڙندو آهي. جهڙي ريت هندستان ۾ چيتي جي شڪار جو رواج آهي اهڙي ريت سنڌ ۾ وري مرونءَ جي شڪار جو رواج آهي. سنڌ جا لکين ماڻهو انهيءَ خفت وارو شوق رکن ٿا. عام طور تي ٻهراڙين ۾ تفريح جا موقعا گهٽ هئڻ ڪري مرونءَ جو شڪار انهن جي تفريح جو سڀ کان وڏو شوق بنيل آهي. سنڌ جي ماڻهن پنهنجي انهيءَ شڪار واري شوق کي هڪ آرٽسٽ وانگر تخليق ڪري ان ۾ پنهنجي وندر جا سوين رنگ ڀري ورتا آهن.اهڙي ريت مرونءَ جي شڪار وارو پورو خفت تخليق ڪري ورتو آهي.

اوائلي سنڌ ۾ جهنگ ۽ ٻيلا گهڻا هوندا هئا ته جهنگلي جيوت پڻ گهڻو هو هن وقت ٻيلا ۽ جهنگ نه هئڻ جي باوجود ٻئي جهنگلي جيوت جي بدران مرون وڏي انگ ۾ موجود آهي. جيڪو جهنگ، درياءَ جي ڪچي، ناري ۽ ٻين واهن جي پئين کان سواءِ ڪمند ۽ ڪيلن جي فصلن ۾ پناهه وٺي پنهنجي افزائش وڌائيندو رهيو آهي. سنڌ ۾ گهڻن ئي قسمن جا سوئر جي شڪار جا طريقا رائج آهن. جن ۾ ڀالي وارو، اوسر جو شڪار، مهاڙي وارو شڪار، بڇ وارو شڪار، سير جو شڪار، ٿم جو شڪار، ڪوٽ جو شڪار، رسيءَ جو شڪار، کڏڻي وارو شڪار، جهليءَ جو شڪار، قنات جو شڪار، ۽ الهڙ جو شڪارشامل آهن. شڪار جي انهن سمورن طريقن ۾ مرونءَ جي نفسيات، پسند، ناپسند، لڪڻ ۽ حملي جي طريقن، مرونءَ ۾ انساني ۽ ڪتي جي بوءِ سنهگي وٺڻ واري حساس ڪيفيت هئڻ جو بچاءُ ڪرڻ، مرونءَ جي اچڻ، وڃڻ، سمهڻ ۽ اٿڻ جي ٽائمنگ جي اهميت کان واقف هجڻ وارا طريقا ئي شڪار جا بنيادي گر هجن ٿا. مرونءَ جي شڪار ۾ خفتي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ٽائيمنگ جو خيال رکڻ هجي ٿو.

ڄاڻايل سمورن شڪار وارن طريقن ۾ الهڙ وارو شڪار پڪڙيل سوئر کي ٻڌي ان تي ڪتن جي بڇ ڪرائي ويندي آهي شڪار جي انهيءَ طريقي سان عام طور تي خفتي پنهنجن نون ڪتن کي شڪار ڪرڻ جي تربيت ڏياريندا آهن. جڏهن ته ڪوٽ واري شڪار ۾ ڪوٽ ۾ واڙيل مرونءَ تي ڪتا ڇڏيا ويندا آهن ۽ تماشبين ڪوٽ جي مٿان اهو تماشو ڏسندا آهن . سٺا خفتي شڪار جي انهن طريقن کي پسند نه ڪندا آهن جنهن ۾ ٻڌل مرونءَ تي ڪتا ڇڏيا ويندا هجن. ان ڪري سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ رسي وارو يا سير وارو شڪار جو طريقو مقبول آهي. انهيءَ شڪار واري طريقي ۾ مرونءَ جي خلاف ڪتن جي لوڌ آندل هوندي آهي. اهڙي حملي لاءِ جنگي ڪمانڊر وانگر مرون بابت اڳواٽ ئي سروي ڪرايل هوندي آهي. جنهن ۾ انهن جي پوري ڌڻ بابت معلومات ورتل هوندي آهي ته ان ۾ گهڻا نر آهن گهڻيون ماديون ۽ گهڻا ٻلهر (ننڍا)آهن. خفتي گهڻو ڪري انهن جي پيرن مان ئي اهڙي قسم جي معلومات حاصل ڪري وٺندا آهن. خفتي ان بابت ايڏي مهارت رکندڙ هجن ٿا جو پير ڏسي سمجهي ويندا آهن ته هن مرونءَ جا وّڄّ ڪيڏا وڏا آهن. خفتين پاران انهيءَ حساب سان مرونءَ جي مقابلي جي تياري ڪئي ويندي آهي. ڪتن جي لوڌ ۾ ڪجهه ڪتا “ڳولو”، ڪجهه ڪتا “لڌا”، “تازي” ۽ ٻيا وري تازي ۽ ٻليٽري واري کار وار ڪتا شامل هوندا آهن. لوڌ ۾ اٽڪل 25 ڪتا شامل هجن ٿا.“پيري” يا “ويهارو” جيڪو مرون ءَ کي ٿم ۾ ويهاري اچڻ واري ٽائيم کان پوءِ ان جي خلاف جنگ جي حڪمت عملي جوڙي ٿو. مرونءَ تي حملو ڪندڙ ڪتن کي هوا جي مخالف رخ کان بيهاريو ويندو آهي. جنهن کان پوءِ لڌا ۽ ڳولو ڪتا ٿم ۾ ويٺل مرونءَ تي ڀونڪي ۽ چهڪارون ڏئي ٻاهر انهيءَ طرف ڏي ڪڍندا آهن، جنهن طرف تي اڳواٽ ئي شڪاري ڪتا وٿين وٿين تي بيهاريل هوندا آهن. رسي ۾ ويهاريل ڪتن جي اهڙي تربيت ٿيل هجي ٿي جو ڳولو ۽ لڌن جي ڀونڪڻ جي جواب ۾ به هو نه ڀونڪندا آهن. اهڙي ريت رسي ۾ ڪتن کي جهلي بيٺل سينئر خفتي هوندو آهي جيڪو هڪ خاص ٽائيمنگ سان مرون جي پويان ڪتو ڇڏيندو آهي. مرون فقط اڳيان ئي حملو ڪري سگهندو آهي ان ڪري ڪتو ڇڏڻ وقت ٽائمنگ جو خيال نه ڪيو ويو ته مرونءَ جي منهن ۾ آيل ڪتي جو نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ ڪتي کي ايترو دير سان به ناهي ڇڏڻو جو مرون وٿي ملڻ تي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. ان ڪري رسي ڇڏڻ واري خفتي جي اهميت ڪيپٽن واري هجي ٿي. ڪتن مان رسا نڪتا ان کان پوءِ جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. هن سڄي شڪار ۾ اهميت ان ڳالهه جي آهي ته مهاڙيءَ ۾ بيٺل ڪتن ڪيتري وٿيءَ تي مرونءَ کي دسي ورتو. يا وري مرون ڪتن جي سڄي لوڌ کي کائي، زخمي ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

عام طور تي بڇ ۾ آيل خفتي ڪتن جا طرفدار هوندا آهن، پر ڪيئي ڪتا ماري يا زخمي ڪري ڀڄي ويندڙ مرونءَ کي به هرڪو خفتي داد ڏيندوآهي. انهيءَ شڪار ۾ کليل جنگ هجي ٿي جنهن ۾ ڪتن کي مرون مارڻو هوندو آهي ۽ مرونءَ کي وري ڪتا مارڻا هوندا آهن. انهيءَ جنگ هڪ طرف خفتي مرون ماري انهن جا وڄ ڪڍي پاڻ وٽ ٽرافي طور رکن ٿا يا وري ڪتا مارائي واپس موٽن ٿا. هن جنگ ۾ ڀلو ڪتو اهو جيڪو پنهنجو پاڻ بچائي ۽ مرونءَ کي به ماري. اهڙي شڪار ۾ خفتين لاءِ سڀ کان ڏکيو ٿم ۾ ٿاڻو ڪري ويٺل مرون هجي ٿو. جيڪو لڌا ۽ ڳولو ڪتن جي ڀونڪڻ باوجود ٿم (مرونءَ جي ويهڻ واري جاءِ)۾ ٿاڻو ڪري ويٺل مرونءَ کي ڪتن سان گڏوگڏ “ڏڦڙائي” ۽ “واٺا” مددگار بنجندا آهن . ڏڦڙائي ۽ واٺا اهي خفتي شڪاري هجن ٿا جيڪي مرونءَ تي حملو ڪري ڏڦو هڻي ان کي زخمي ڪري يا ماري وجهن ٿا. جڏهن ته واٺا اهڙا خفتي هجن ٿا جيڪي مرونءَ کي پوئين پاسي کان ڀاڪر ۾ پڪڙي وٺڻ واري بهادري ڪن ٿا. اهو سڀ ڪجهه انهن جي ڦڙتي ۽ ٽائمنگ جو ڪمال هجي ٿو. انهيءَ جنگ ۾ پڻ ڏڦڙائي ۽ واٺي جي ٿوري به ٽائيمنگ آئوٽ ٿيڻ سان هو پنهنجي زندگيءَ کان سدائين لاءِ آئوٽ ٿي ويندا آهن. مرونءَ جي شڪار واري خفت ۾ خفتي جي سڀ کان وڏي ملڪيت ڪتو هجي ٿو. جڏهن ته مرونءَ جو شڪار اهو ظالم شڪار هجي ٿو جنهن ۾ هر خفتي پنهنجن ڀلن ڪتن جي هر وقت قرباني ڏيندو رهي ٿو.

مرونءَ جو شڪار خفت جي حساب سان هڪ مڪمل ڪم هجي ٿو. انهيءَ ڪم ۾ خفتي هر وقت مشغول رهن ٿا. هو شڪار جي شوق کي برقرار رکڻ لاءِ هر وقت ڀلي کان ڀلو ڪتو ڳولڻ ۾ مصروف رهن ٿا. گهڻا خفتي ڀلن ڪتن جو نسل هٿ ڪرڻ، انهن جو ٻج رکائڻ، ٻين خفتين کان پنهنجا ڪتا لڪائي رکڻ، ڪنهن خفتي کان سٺي نسل وارو ڪتو ڪڍي وڃڻ خفت جو سڀ کان ڏکيو ڪم هجي ٿو . خفتي سٺي نسل واري ڪتي جو ٻج هڪ سائنسدان وانگر رکائڻ واري مهارت رکندڙ هجن ٿا.

بهرحال مرونءَ جي شڪار وارو سڄو خفت مرونءَ جي مخالف ڌر پاران مٿس زوريءَ جنگ مڙهيل هجي ٿي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي لوڪ ڏاهپ ۾ اهڙي شغل کي مروان موت ملوڪان شڪار سڏيو ويو آهي.

 

اسحاق مڱريو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو