Home / سياسي افيئر / نائين اليون جو پوکيل فصل ڪير پيو لڻي؟
above article banner

نائين اليون جو پوکيل فصل ڪير پيو لڻي؟

يارهين سيپٽمبر جا ڊزائينر ڪير هئا ان سوال جو جواب دنيا جي انيڪ تجزئي نگارن ڏنو آهي، ۽ انهن تجزئي نگارن جي مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل هجڻ ڪري ان هڪ سوال جا ڪيئي جواب آهن. اهو سوال تمام پيچيده آهي، ۽ پيچيده سوالن جا جواب پيچيده تحقيق جي گھرجَ ڪن ٿا. ۽ منهنجي خيال ۾ ان پيچيده ۽ گھڻ رُخي تحقيق ۾ هيٺيان نقطا ذهن ۾ رکڻ گھرجن.هڪ ته سڀ کان پهرين يارهين سيپٽمبر واري واقعي کان تُرت پوءِ ظاهر ٿيل لازمي نتيجن تي غور ڪجي،

جڏهن انهن لازمي نتيجن تي غور ڪبو ته اسان کي ان خوني واقعي جا ڪي فائدو ماڻيندڙ نظر ايندا ته ڪي ان جا ڀوڳيندڙ ، ۽ انهن فائدي ماڻيندڙن ۽ ڀوڳيندڙن جي نشاندهي ڪرڻ کان پوءِ ڏاڍي سولائيءَ سان سچ تائين يا سچ جي ويجھو پهچي سگھجي ٿو

ٻيو ته اهو به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جيڪڏهن ان واقعي جي سچ تائين رسڻو آهي ته آمريڪا جي ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ“ کي ڪڏهن به سرد جنگ جي محرڪن ۽ آمريڪا جي ماضيءَ جي جنگي ڪاروائين کان الڳ ڪري نه ڏسجي، جيڪو چِليءَ سان ٿيو، ويٽنام، ڪوريا، ڪيوبا سان ٿيو، انهن سڀني واقعن جي سڌي نسبت آهي ان سڄي بربريت سان جيڪا پاڪستان ۾ عام جام وهي پئي. جيڪڏهن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ کي سرد جنگ کان ڌار ڪري ڏسبو ته يقينن سچ تي ڪڏهن به نه پهچبو. سرد جنگ دوران روس جي خاتمي لاءِ پئدا ڪيل مذهبي انتها پسنديءَ کي ڪيترائي ليکڪ هڪ ئي تصوير ۾ نٿا ڏسن. جڏهن ته سرد جنگ ۽ طالبان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا نه، بلڪه ٻئي هڪ ئي سڪي جي هڪڙي ئي پاسي جي تصوير جا مظهر آهن. ان ۾ پاڪستان ۾ هڪ سگهاري اداري کي مجاهدين تيار ڪرڻ ۾ آمريڪا جي فراهم ڪيل ”هر قسم جي مدد“ کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي؛ روس خلاف ان آمريڪي محاذ ۾ تنهن وقت جي سعودي نمائندي ۽ عرب ٽائڪون اسامه بن لادن سان آمريڪا جي گهرن لاڳاپن کي به ذهن ۾ رکڻ کپي، ۽ اهو به نه وسارڻ کپي ته ڪيئن آمريڪا مصر جي مسلم برادرهڊ جهڙين بنياد پرست اسلامي تنظيمن، سعودي وهابي اسلام جي عرب شهزادن کان روس خلاف اسٽريٽيجڪ مدد ورتي، انهن سڀني حقيقتن کي جيڪڏهن نظر ۾ نه رکبو ته سياسي پرک اڌوري ئي رهندي ؛ تجزيي دوران اهو به ذهن جي ڪنڊ پاسي ۾ ضرور هجي ته ماضيءَ ۾ آمريڪا جي پاڪستان يا ٻين مسلمان ملڪن جي اسلامي گروهن سان ڪهڙي سياسي ڏيتي ليتي رهي آهي، ان دوران جي اهڙن گروهن سان آمريڪا جي لک پڙهه کي وائکو ڪرڻ کپي، ڇو ته ڪنهن به سياسي تجزيي نگار لاءِ آمريڪي ڊپلوميسي جي سياست تي ڪنهن به حوالي کان ويساهه ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ، خاص ڪري تڏهن جڏهن 1979 ۽ 1980 ۾ مجاهدين تيار ڪرڻ لاءِ افغانستان، پاڪستان، سعودي عرب ۽ مصر جي اسلامي گروهن سان آمريڪا جي کير ۾ کنڊ جهڙي ويجھڙائي هئي. انهن لازمي نقطن کان سواءِ اهو به ڏسڻ ضروري آهي ته سياسي مارڪيٽ ۾ عام جام هلندڙ سيرگوشيون ڪهڙيون آهن. مثال ڪيترن ئي تجزين کي آمريڪي حڪومت ۽ سي آءِ اي سازشي نظريا سڏي انهن کي رد ڪري ٿي، انهن نظرين کي هيٺ پيش ڪجي ٿو.

9 /11 جي حملن جي حوالي سان اڻ ڳڻين راين ۽ نظرين جي بازار گرم رهي آهي، جن مان ڪيترن کي سازشي نظريا به سڏيو وڃي ٿو. مختلف مڪتبئه فڪر جي ماڻهن ۾ مختلف نظريا زيرِ بحث آهن، جن مان ڪيترائي هرو ڀرو لازمي ناهي ته پروپئگنڊا ۽ سازش جو نتيجو هجن، انهن مان چونڊ ٽي هيٺ بيان ڪجن ٿا:

· آمريڪا اهي حملا پاڻ ڪرائي ان ڪري پنهنجا ماڻهو ماريا ته جيئن انهن جو الزام اسلامي انتها پسندن تي هڻي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ پنهنجي ڊگھي موجودگيءَ جو جواز پئدا ڪري.

· ڪن راين موجب 9 /11 واري ڏينهن تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي عمار ت جنهن کي بلڊنگ 7 سڏيو ويندو آهي، ان ۾ ڌماڪه خيز مادو رکيل هو جنهن جي ڪري اها جهازن جي حملي کان اڳ ۾ ئي ڪِري پئي، اهو نقطوان واقعي پٺيان موجود ڪن ٻين سببن جي به نشاندهي ڪري ٿو. جڳ مشهور سياسي تجزيي نگار رچرڊ جيسي به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته عمارت 7 واقعي کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ ئي ڪري پئي هئي.

· واقعي جي تحقيق لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن مطابق ته آمريڪي حڪومت اها ڪميٽي فقط ڏيکاءَ لاءِ تشڪيل ڏني آهي ۽ آمريڪا ڪنهن به صورت ۾ اصل نتيجا پنهنجي عوام ۽ دنيا آڏو نٿو آڻڻ چاهي.

اهي ڪجهه اهم رايا آهن جن تي ڪيترائي تجزيي نگار اتفاقِ راءِ رکن ٿا.

جيتوڻيڪ آمريڪي ماڻهو پنهنجي ملڪ جي فوج ۽ ايجنسين تي اهڙي موتمار حملي جو شڪ نٿا ڪري سگھن. پر سياسي تجزيي نگار جيسي رچرڊ لکي ٿو ته اهي حملا خود آمريڪا ڪرايا، بقول سندس ته اهو سڄو ڊرامو وڏي انتظام سان رٿيل هو، اهي ماڻهو جن تي هائيجيڪنگ جو الزام هو، انهن مان ڪيترا ئي زنده ۽ آزاد ڦرن پيا، ۽ اهو به ته اوسامه بن لادن لاءِ ايف بي آءِ اڳ ۾ ڪڏهن به اهڙو نوٽيس اشو نه ڪيو ته ڪو هو انهن حملن جو ذميدار هو ۽ کين گھربل هو.

جيتوڻيڪ ٽريڊ سينٽر جي عمارت مهيني تائين مولٽِن ڌاتوءَ کي ڳاريندي رهي، پر بقول آمريڪي حڪومت جي ته بلڊنگ جي آس پاس ئي کين هڪ مسلمانن هائيجيڪر جو پاسپورٽ مليو، جنهن کي، حيرت انگيز طور تي باهه نه ساڙيوهو.

۽ جيستائين ان حملي آور جهاز جو تعلق آهي جيڪو شئنڪس وِلَي وٽ ڪِريو هو، ان جهاز جي ملبي وٽ کين هڪ هائيجيڪر جو لکيل نوٽ مليو ته هو اسلام جي راهه ۾ جهادي هو ۽ ان ڪري هن آمريڪي جهاز ۽ عمارتن کي تباه ڪيو؛ عجيب ڳالهه اها آهي ته اُهو جهاز ڪِري آبي بخارات جيان ڳري ويو هو، جتي مسافرن سان وابسته ٻي ڪا به شئي نه ملي هئي. پر اُتي هڪڙي هائيجيڪر جو لکيل نوٽ ڪيئن سڙڻ کان بچي ويو، جنهن کي پوءِ ثبوت طور به استعمال ڪيو ويو؟ ۽ اهو به ته پينٽاگان ۾ لڳ ڀڳ 80 کان مٿي ڪيميرا ئون لڳل آهن، انهن جي فوٽو رپورٽ ڇو نه سامهون آندي وئي؟ اهي سڀئي غور طلب سوال آهن جن کي اسين فقط سازشي نظريا سمجھي رد نٿا ڪري سگھون.

بقول ڊاڪٽر ڊيوڊ گِرفِن جي ته وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جو تيل، ملٽري هٿيارن جي مارڪيٽ ۾ کپت ۽ ڪميونزم طرفان سرمائيداري نظام کي خطرو وغيره اهي محرڪ هئا جيڪي آمريڪا جي پاڻ تي حملن جو سبب هئا. 1960 ۾ به صدر ڪينيڊيءَ جي دور ۾آمريڪي سي آءِ اي آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيوبن ماڻهو تيار ڪري بي آف پگ کان ڪيوبا ۾ ڳجھائيءَ سان داخل ڪيا پر انهن کي ڪيوبا جي فوج جھلي ورتو ، جن تي ڪاسترو ۽ چي گويرا آمريڪا کي لوهي چڻا چٻارايا هئا، اهو سي آءِ اي کي اڄ به ياد هوندو. سو 9/11 ۾ آمريڪي ايجنسين جي ملوث هجڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي ڇو ته ڏاڍ سان ڪنهن ملڪ ۾ گھڙي اچڻ سرمائيدار آمريڪا جي سامراجي پڻي جي پراڻي روايت رهي آهي.

ان واقعي جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ جيڪا تحقيقاتي ڪميشن تشڪيل ڏني وئي ان به ڪي خاطر خواهه نتيجا نه ڏنا آهن. خود ان ڪميشن جي ئي هڪ رُڪن سينيٽر مئڪس ڪِلِي لَينڊ ان ڪميشن تان استعيفا ڏيندي چيو ته ان ڪميشن سمجھوتا ڪري ڇڏيا آهن، هو استعيفا ٿو ڏئي ان ڪري هو پاڻ ڪو به سمجھوتو نٿو ڪري سگھي. ان کان سواءِ اهو چوڻ ته چند عرب هائيجيڪرن جو ٽولو آمريڪي سي آءِ اي ۽ پندرهن کن ٻين آمريڪي ڳجھين ايجنسين جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي ويو، اهو به عجيب ئي آهي.

9/11 جا لازمي نتيجا

1. يارهين سيپٽمبر وارن حملن جو هڪ لازمي نتيجو آمريڪا ۽ ناٽو جي حمايت سان لاڳو ڪيل جنگ آهي، جنهن جو خاتمو ٿيندي نظر نٿو اچي. دنيا جيڪا انيڪ گنڀير گلوبل مامرن کي منهن ڏئي رهي هئي، جنهن ۾ وڌندڙ آبادي، غربت، بيروزگاري ۽ ماحولياتي آلودگيءَ جهڙا معاملا دنيا کي درپيش آهن، انهن مڙني اهم معاملن کي پوئتي ڌڪي آمريڪا ۽ سندس ناٽو اتحادي اچي هڪڙي اسلام جي پٺيان لڳا آهن، پر اهو ته هر ڪو چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته اڳ ۾ افغانستان ۽ پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي پئدا ڪرڻ لاءِ خطي ۾ موجود هئا ۽ هاڻي انهن جي خاتمي لاءِ سندن موجودگي لازمي ٿي پئي آهي، ۽ انهن جي خاتمي کان پوءِ ٻي ڪهڙي حڪمتِ عملي آمريڪا اختيار ڪندو پنهنجي ۽ ناٽو جي موجودگيءَ جو؟

2. 9/11 جو ٻيو لازمي نتيجو، جيڪو ته پهرين نتيجي سان واڳيل آهي، اهو آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي ڏکڻ ايشيا جهڙي مضبوط خطي ۾ مستقل موجودگي آهي، جنهن سان آمريڪا ۽ سندس حواري ڏاڍي آسانيءَ سان نه رڳوتيزيءَ سان اڀرندڙ چين تي نظر رکي سگھن ٿا، پر ان خطي سان لڳندڙ سرحدن سان ٻين ملڪن تي به نظر رکي سگھن ٿا، جنهن ۾ روس ۽ وچ ايشيائي رياستون اچي وڃن ٿيون. پاڪستان جي اولهه ۾ افغانستان، اُتر اولهه ۾ ۽ وچ ايشيائي رياستون، اوڀر ۾ ڀارت، اُتر اوڀر ۾ چين، ڏکڻ اولهه ۾ ايران ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ان سان لڳندڙ ساڄي ۽ کاٻي کان ڏکڻ ايشيا، ۽ عرب ملڪ بشمول سعودي عرب، ڪويت، قطر ۽ بحرين آهن. پاڪستان جي جاگرافيائي گھڻ-رُخائي سندس خوبصورتي هوندي به سندس بدبختيءَ پٺيان خاص محرڪ ٿي پئي آهي. سو پاڪستان جهڙي سڻڀي آسامي مان آمريڪا جهڙي سرمائيدار رياست ڪيئن هٿ ڪڍندي، سو به ان صورت ۾ جڏهن ان خطي ۾ وچ ايشيائي رياستن جو (ڪجهه انگ اکرن موجب) 200 بلين بيرل تيل آهي، ۽ روس ۽ سماجواد (سوشلسٽ) چين جهڙا ملڪ به موجود آهن، جن جا سياسي نظام ازل کان سرمائيدار آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي اکين ۾ ڪنڊو آهن.

3. 9/11 جو ٽيون لازمي نتيجو هڪ پاسي واديءِ مهراڻ جي گھڻ-مذهبي، گھڻ-نسلي ۽ زندهه دل سماجن جو انتهاپسنديءَ ۾ جڪڙجي وڃڻ؛ افعانستان ۽ پاڪستان جي سماجي زندگين جي جوهر ۾ رچيل وسيل اجتماعيت، سهپ ۽ گڏجي ونڊي ورهائي رهڻ ۽ کائڻ وارا سماج نفرت جي آويءَ ۾ پچڻ لڳا، تان جو، ٻنهي ملڪن جون ڌرتيون، رت، باه، بارود، ۽ ڪروڌ ۽ نفرت جو آماجگاهه بڻجي ويون.کڻي درگاهن تي حاضريون ڀرڻ کي ڪيڏو به اَسڀاويڪ يا غير منطقي سمجھجي، پر هرگز نه وسارجي ته چئني صوبن جون درگاهون اهي واحد جايون هيون جتي هر مذهب جا ماڻهو گڏ ٿيندا هئا، جتي مذهبي فرق جي ڪا به اهميت نه هئي، اهو ملڪ جهڙوڪر مري چڪو آهي، جنهن جي ڌرتي ملڪ جي هر شهريءَ لاءِ برابر هئي، پهرين افغان جهاد، پوءِ افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت ۽ پاڪستان ۾ جهاد جي باقائدي مارڪيٽ تيار ڪري ان ملڪ جي ثقافتي حُسن کي ماريو ويو.

4. 9/11 جو چوٿون لازمي نتيجو جيڪو تمام اهم آهي، سو آهي اسلام جي پريڪٽسز ۽ مسلمانن جي رويي ۾ وڏي تبديلي اچڻ. اها خبر ئي نه پئي ته ڪيئن مسلمانن جي عام زندگين ۾ اظهار ۽ عليڪ سليڪ جي طريقن ۾ به حيران ڪُن تبديلي اچي وئي، ۽ ڪيئن ماڻهن ”خدا حافظـ“ بدران ”الله حافظ“ ۽ ”مهرباني“ ۽ ”شڪريه“ بدران ”جزاڪ الله“ ۽ ”شڪر آهي“ بدران ”الحمدُ لِلٓله“ چوڻ شرع ڪيو، نينگرين جي اڪثريت تعليمي ادارن ۾ حجاب ۽ اسڪارف پائڻ شروع ڪيو. اهو سمجھيو ويو ته اسلام سان گڏ عرب تهذيب جي پوئواري به شايد اسلام جو لازمي پهلو آهي. ملڪ، ماڻهو ۽ اسلام سان واڳيل هر تاريخي ريت ۽ رسم ۾ اهڙي ته اُٿل پُٿل آئي آهي جنهن اسلام کي بطور هڪ مذهب ته نقصان پهچايو آهي، پر اسلام جي تاريخ تي به امن جي حوالي کان ڪئي سوال اُڀاريا آهن. بقول اينٿروپالاجي (علمِ بشريات) جي ماهرآمريڪي پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر احمد جي ته ٽن قسمن جا مسلمان مذهبي پوئوار 9/11 کان پوءِ دنيا آڏو کلي سامهون آيا آهن، 1) هڪ اهي صوفي مسلمان جيڪي سِڌي مذهبي ادائگيءَ بدران روحاني تربيت تي يقين رکن ٿا ۽ اسلام جي پهلوئن مان شريعت ۽ طريقت رڳو نه پر حقيقت ۽ معرفت جي منزل ڏانهن سفر کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا ۽ ”اُو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“ تي ويساه ڪن ٿا“. 2) ٻئي قسم ۾ جديد دور جا اهي مسلمان اچن ٿا جيڪي پاڻ کي جدت پسند سڏائين ٿا ۽ ان اصول تي پختوويساه رکن ٿا ته اسلام 21هين صديءَ ۾ اولھه ۽ يورپ سان پير پير ۾ ملائي هلي سگھي ٿو ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن سان ڀائپيءَ سان رهڻ کي لازمي سمجھن ٿا. 3) ٽئين قسم ۾ اسلام جا اهي مذهبي پوئوار آهن جيڪي پنهنجي مذهبي موقف ۾ سخت ۽ اولهه جا مخالف آهن، نه رڳو ٻين مذهبن کي هيچ سمجھن ٿا پر مسلمانن جي ٻين مذهب جي ماڻهن سان هڪ ٿي رهڻ ۽ برابري کي ناپسند به ڪن ٿا.

9/11 کان پوءِ اسلام جي حوالي کان هر ڏاهو ماڻهو، خاص ڪري مسلمان ڌرائتو ٿي بيهي رهيو آهي، اهو واقعو مسلمان ملڪن ۾ مذهبيت جي نئين سر جنم (رينيسانس) جو سبب بڻيو آهي.

9/11، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا جي ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ“ جي پکيڙ کي پرَ لڳائي ڇڏيا، ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ“ جي قانون تحت پنهنجي مختلف خِطن ۾ موجودگيءَ کي آمريڪا قانوني ڍڪَ ۾ آندو. ۽ انتهاپسندن جي خاتمي جي نالي ۾ خود پاڪستان ۾ ئي اڻ ڳڻي دفعا ڊرون حملا شهري گروهن، پُر امن جرڳن ۽ گھرن تي به ٿيندا رهيا آهن، جنهن کي خيبر پختونخواه جو عام ماڻهو ته ڄاڻي ئي ٿو پر، خود ذميدار ميڊيائي ادارا به اهڙن ثبوتن سان عوام کي آگاهه ڪندا رهيا آهن.

مسلمان ملڪن تي انتهاپسنديءَ جي حمايت جو الزام هڻندڙ اهو به نوٽ ڪن ته تازو تيونس، لبيا ۽ مصر ۾ ماڻهن جي مزاحمت ڪنهن اسلامي خلافتِ راشده لاءِ نه، پر جمهوريت جي نفاذ ۽ آمريت جي خاتمي لاءِ هئي، انهن آمريتن جي خلاف هئي جيڪي آمريڪا نواز فوجي جرنلن جون هيون. معنى اسلام ۽ جمهوري نظامن ۾ مطابقت آهي، هرو ڀرو اسلام کي پوري انسانيت ۽ جديد دور جي منافي ثابت ڪرڻ واري آمريڪي ايجنڊا سان دنيا بهتر نه ٿيندي.

9/11 وارن حادثي جا ڀوڳيندڙ ڪير آهن؟

اهو سوال ته 9/11 جي سانحي کان پوءِ ڪهڙيون قوتون ان جو فائدو وٺندي نظر اچن پيون، ۽ ڪهڙن گروهن نقصان کنيا آهن؟ پاڪستاني دفاعي اداري جون ويهه ئي آڱريون اڳ ۾ به گيهه ۾ هيون ۽ هاڻي به آهن؛ آمريڪا کي 9/11 کان پوءِ ڄڻ قانوني سرٽيفيڪيٽ مليو ته پاڻ کي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ اڻ ڄاڻايل مدي تائين موجود رکي، ته جيئن ان خطي جي سياست ۾ روس يا چين جهڙين قوتن کي منهن ڏئي سگھي. اسلامي پارٽين جي ٽاپ ليڊرشپ به ان دوران خوب جاوا ڪيا، ۽ آمريڪي ۽ پاڪستاني ايجنسين جي اکين جو تارو بڻي رهي.

انهن حملن کان پوءِ نازل ٿيل آپگھاتي حملن ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي قانون سان پاڪستاني، افغاني ماڻهن جي عام زندگين کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، مذهبي انتها پسندي جا سنگين مظاهرا بم ڌماڪن ذريعي نظر اچن ٿا، خاص ڪري خيبر پختونخواه جو سماج ڀڄي ڀُري پيو آهي، ڊرون حملا پنجاه سيڪڙو عام ماڻهن کي به ماريندا رهيا آهن، پر مذهبي انتها پسنديءَ جو اصل ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول اسٽرڪچر جنهن طالبانائيزيشن جا بنياد وڌا ان جو وار به ونگو نه ٿيو. ان اهم نقطي تي غور ڪرڻ کپي ته انتهاپسنديءَ جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول اسٽرڪچر جو ٽڪنڊو جنهن ۾ فاٽا، ڏکڻ پنجاب ۽ مالاڪنڊ شامل آهن انهن تي ڪڏهن به گڏيل آپريشن نه ٿيو آهي. جيڪڏهن ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول اسٽرڪچر مضبوط رهندا ته پوءِ انتها پسندي ڪيئن ختم ٿيندي، پوءِ ان ڪري ئي ته اسامه بن لادن پاڻ وارن همراهن جي بغل مان جھلجي ٿو! اصل ۾ ڏکڻ پنجاب ئي انتهاپسنديءَ کي پئدا ڪرڻ جو ڳڙهه بڻايو ويو ۽ هڪ پاسي سرائڪي پٽي، ٻئي پاسي خيبر پختونخواهه کي استعمال ڪيو ويو. 2009 ۾ جڏهن ملٽري آپريشن دوران لڏپلاڻ ڪري آيل پختونن کان جڏهن مون پنهنجي تحقيق دوران انٽرويو ڪيا ته نوي سيڪڙي کان وڌيڪ پختونن چيو ته دفائي ادارو انتها پسنديءَ جي سڄي تياري ڏکڻ پنجاب ۾ ڪندي رهي آهي، پر جڏهن آپگھاتي حمليوار تيار ڪرڻ جو وقت ايندو آهي ته پختون نوجوان استعمال ٿيندا آهن.

عالمي سطح تي يورپي ۽ آمريڪي ميڊيا ڪيترا ئي ڀيرا فسادن جو ڪارڻ بڻي آهي، ڊينمارڪ جي اخبار جيلياند پوسٽ جي هڪڙي ڪارٽونسٽ طرفان پاڻ سڳورن جا ڪارٽون ٺاهڻ، فلاريڊا جي پادري ٽيري جونز جو قرآن ساڙڻ جا عمل مسلمانن جي جذبات کي مجروح ڪندا رهيا. ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ عيسائي مذهب سان واڳيل ماڻهن لاءِ به ڌرتي ٽامو ٿي، توهينِ رسالت جهڙي قانونن ذريعي پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن جي زندگي فقط ٻئي مذهب جو هئڻ ڪري تنگ ڪئي وئي، آسيه بيبي جو ڪيس اسان جي سامهون آهي. اهي سڀ دل-ڏکوئيندڙ واقعا 9/11 جي پوکي آهن جنهن کي افغانستان، پاڪستان ۽ آمريڪا ۽ انهن جا عوا م لڻن پيا.

 

ليکڪا سياسي تجزئي نگار آهي، هي ليک خصوصي طور ”افيئر” لاءِ لکيائين.


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو