Home / افيئر / !ٿائيلينڊ: بادشاهت ۽ آمريتن کان معاشي ترقي تائين
above article banner

!ٿائيلينڊ: بادشاهت ۽ آمريتن کان معاشي ترقي تائين

جيڪا قوم 1932 تائين بادشاهت جي ڇانو ۾ رهي ۽ اُن کان اڳ ڪيتري ئي ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهي ۽ 1932ع کان ايندڙ 60 سالن تائين فوجي راڄ هيٺ رهي تنهن ايتري ترقي ڪيئن ڪئي؟ خبر چار لهڻ کانپوءِ پتو پيو ته اِهو ڪجهه انهن سخت محنت، ڪم سان سچائي، نهٺائي ۽ ايمانداري سبب حاصل ڪيو. وڏن ماڻهن جي بي ايماني جا قصا اُتي به ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پر ٿلهي ليکي عام ماڻهو، ڏاڍو محنتي ۽ ايماندار آهي. هر وقت هٿ جوڙي مِلڻ ۽ مسڪرائڻ اِهو اُنهن کي پنهنجي ڪلچر سيکاريو آهي ۽ شايد اِها انهن جي ضرورت پڻ آهي. 1932 کان اڳ ڪڏهن برمي، ڪڏهن جاپاني، ڪڏهن فرينچ ڪاهون ڪندا رهيا پر ڪامياب نه ٿيا.

ٿائلينڊ 1932ع ۾ نج بادشاهت مان جند ڇڏائي ۽ فوج آئيني بادشاهت قائم ڪئي جنهن کي هو انقلاب چون پيا ۽ ڪيبينٽ جي وزير اعظم اڳواڻي ڪئي. فوج جو عمل دخل اڳ به هيو ۽ هاڻ به آهي. 1973 ۾ لڏندڙ جمهوريت جو بنياد پيو. 1976ع ۾ فوج آئي، ايئن اها اکٻوٽ جاري رهي. 23 ڊسمبر 2007 وارين چونڊن ۾ وري سويلين سرڪار آئي. 2008 وري مظاهرا ٿيا جولاءِ 2011 واري چونڊن ۾ مخالف ڦين ٿائي پارٽي اليڪشن کٽي. جيڪڏهن ڏسجي ته 1932 کان اڳ ۽ ان کان پوءِ هينئر ايتري اٿل پٿل جي باوجود به قوم ترقي ڪندي هِن منزل تي پهتي آهي. سياسي ڇڪتاڻ ۽ جلدي حڪومت جو تبديل ٿيڻ ڪڏهن بادشاهت، ڪڏهن فوج، ڪڏهن سويلين، بادشاهن جو ماريو وڃڻ، سياستدانن جون هڪ ٻئي خلاف سازشون اِهي اسان لاءِ سڀ اوپريون ڪونه ٿيون لڳن. لڳي ايئن ٿو ته هتان جي عوام پنهنجي ترقي جو سفر هر حال ۾ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هُو پنهنجي منزل ڏانهن گامزن آهي.

ٿائي معاشي ڍانچو مال جي وڪري ۽ خدمتن تي ٻڌل آهي، اهو 2010 ۾ GDP جو 70 سيڪڙو هيو. ٿائيلينڊ 1998_1997 جي ايشين فنانشل ڪرائسز مان به پاڻ کي ڪڍي آيو GDP جيڪا 2001 ۾ %2.2 سيڪڙو هئي اها 2006_2001 ۾%7.1 سيڪڙو ٿي وئي. پهريائين معيشت آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي مارڪيٽن جي ڳيجهو هئي پر وزير اعظم ٿاڪسن هن کي ٻه طرفو ڪيو، هڪ کليل مارڪيٽ ۽ ٻيو ٻاهرين سيڙپ. هاڻي 2011 ۾ معاشيات ٻاهرين منڊين ۽ پنهنجي ملڪ ۾ کپت تي مشتمل هوندي مزدور طبقو ڇڙ وڇڙ ۽ ڪٿي ڪٿي آرگنائيزڊ آهي. ريلوي جي مزدورن ننڍڙي پئماني تي هڙتال ڪئي جيڪا ڪارائتي رهي تنهن ڪري صنعتڪار هاڻ ٺيڪي تي مزدور ڀرتي ڪن ٿا ۽ ان جو سبب هو اهو ٿا ڄاڻائن ته خراب معاشي صورتحال ۾ هو پنهنجي انڊسٽري کي نقصان کان بچائڻ چاهين ٿا. مزدورن جا حامي ان عمل کي مزدور دُشمن ٿا چون. مزدورن جو 40 سيڪڙو زراعت ۾ ٿو ڪم ڪري جڏهن ته زراعت GDP جو 12% سيڪڙو آهي. ٿائيلينڊ دنيا جو چانور وڪرو ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. جيڪڏهن اسين پنهنجي ملڪ تي نظر وجهون ته اهو اعزاز اسان کي حاصل هجڻ گهرجي. ٻيون شيون جيڪي ٿائيلينڊ دنيا کي وڪڻندو آهي اهي آهن مڇي، رٻڙ، مڪئي ۽ کنڊ ٻين شين ۾ دٻي ۾ بند کاڌا جهڙوڪ ٽيونا مڇي، پائن ايپل ۽ فروزن جهينگا. (Frozen Prawns) . ٿائيلينڊ جون ٻيون ترقي ڪندڙ شيون آهن. انڊسٽري جنهن ۾ ڪمپيوٽر، اليڪٽرانڪس، فرنيچر، پلاسٽڪ، جيولري ۽ قيمتي پٿر، گاڏيون، هارڊ ڊسڪ، سرڪٽس ۽ اليڪٽرانڪ جون ٻيو سامان ٻاهرين ملڪن ۾ وڏي تعداد ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. اسان کي به پنهنجون شيون معياري بنائي ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. پهريون دفعو اسان جا انب آمريڪا ۾ وڪرو ٿيا آهن. تنهن زماني ۾ اسان جي ٽيڪسٽائل، فٽ بال ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون ٻاهر وڪرو ٿينديون هيون. اسان کي ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو. مون کي هڪ همراهه جيڪو ڪئناڊا ۾ رهندو آهي ٻڌايو ته اتي هن هڪ شرٽ خريد ڪئي جنهن تي ميڊ ان بنگلاديش لکيل هيو جڏهن ته بنگلاديش ڦٽي ٻاهران خريد ڪندو آهي. سياحت ٿائي معشيت ۾ هر سال 6% سيڪڙو واڌاو ڪري ٿي. اپريل، مئي 2010 جي ڇڪتاڻ ان انڊسٽري کي نقصان پهچايو ۽ سياحت کي ڪجهه ڌڪ رسيو پر سياحت جنوري ۽ نومبر ۾ 12.7% سيڪڙو وڌيڪ رهيو. بئنڪاڪ ۽ ڀرپاسي جي معاشي حالت ڪافي بهتر آهي ۽ نارٿ ايسٽ علائقو پوئتي پيل آهي.

ٿائيلينڊ ۾ انجنيئر ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ڪمي آهي جنهن ان جي انڊسٽريل ترقي کي ڪجهه ڌڪ رسايو آهي، تنهن هوندي به سرڪار 2015 تائين انڊسٽري مان GDP جو 12% سيڪڙو کان 20% سيڪڙو تائين جو فائدو حاصل ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو آهي. ٿائيلينڊ جي في ڪس آمدني 4716 ڊالر آهي ۽ بي روزگاري ڪل ليبر فورس جو هڪ سيڪڙو آهي. ساليانو GDP ۾ واڌارو 7.8% سيڪڙو آهي ۽ زراعت جي آمدني GDP جو 12% سيڪڙو آهي.

ٿائيلينڊ 60 ملين کان وڌيڪ آبادي جو ملڪ آهي. 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ آهن. باقي 10 سيڪڙو يا ان کان گهٽ عيسائي، هندو ۽ مسلمان آهن. هڪ گائيڊ ڏاڍو فخر سان ٻڌايو ته ٿائيلينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا جو اهو ملڪ آهي جيڪو ڪنهن جي بيٺڪيت ناهي رهيو. ها مختلف وقتن تي ڏکيا ڏينهن ضرور ڏٺا اٿائين. ڪاروبار متعلق مون جڏهن کائنس پڇيو تڏهن هن ٻڌايو ته جڏهن آمريڪي ٻي مهاڀاري لڙائي دوران ٿڪجي پوندا هئا ته هو پتايا ٻيٽ تي آرام ۽ عياشي ڪرڻ ايندا هئا ان وقت اسانجو ملڪ غريب هئو، غربت

عام هئي. آمريڪي پئسي وارا هئا ۽ان زماني ۾ جنسي ڪاروبار هڪ انڊسٽري وانگيان شروع ٿي ويو. هاڻ اهو ٿائيلينڊ جي ڪجهه حصن ۾ عام آهي.ان دکدائڪ پاسي کان سواءِ باقي گهڻو ڪجهه هن ملڪ ۾ آهي جيڪو ڏسڻ وٽان آهي جنهن هن ملڪ کي سياحت جو ڳڙهه بڻايو آهي. انتهائي خوبصورتي ۽ مهارت سان جنهن طرح انهن گهمڻ ڦرڻ جا ماڳ سينگاريا آهن انهن ۾ آرٽ، ڪلچر ۽ سائنس ڀري پئي آهي. پهريائين ته اهو ملڪ فقط زراعت تي ڀاڙيندو هيو خاص ڪري چانورن جي فصل تي پر هاڻ اليڪٽرانڪ انڊسٽري، ڪپڙو، قيمتي پٿر، سون ۽ چاندي جا زيور ۽ انهن جي معاشي طريقي ۾ هاڻ سياحت جو به وڏو عمل دخل آهي.

ٿائيلينڊ جيئن ته سامونڊي ڪنارن جو ملڪ آهي ان تي ڪيترائي ٻيٽ آهن تنهن ڪري گرمي جي زماني ۾ ڪيترا ئي سياح ان پاسي جو رخ ڪندا آهن. ان کان سواءِ انهن پنهنجا عجائب گهر، تفريحي ماڳ، ايتري ته خوبصورتي سان جديد انداز ۾ ٺاهيا آهن جو ماڻهو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو.

هر سال 10 لک ماڻهو ٿائيلينڊ ۾ سير سفر تفريح لاءِ ايندا آهن. هڪ ڇوڪري ڪئناڊا مان ڪهي 10 ڏينهن لاءِ فُڪيٽ ٻيٽ تي رهي ان جي ڀرپاسي جا ٻيٽ ڏسڻ آئي هئي. جنهن ڪمپني ۾ ڪم ڪندي هئي ان جي برانچ بئنڪاڪ ۾ به هئي. گائيڊ اهو به ٻڌايو ته سامونڊي ڪنارن جي ڪري ٻين ملڪن مان سياح تفريح لاءِ ايندا هئا. جنهن کي ڏسندي اسانجي حڪومت فيصلو ڪيو ته ڇو نه سياحت کي ترقي وٺرائجي ۽ ان مان پئسو ڪمائجي ۽ ان گائيڊ جو خيال هيو ته تقريباََ 2 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ان انڊسٽري سان واڳيل آهن ۽ گذر سفر ڪن ٿا. هاڻ ٿائيلينڊ جا مشهور ۽ سامونڊي ڪنارن وارا علائقا خوشحال آهن، ڳوٺ ايترا خوشحال ڪونهن پر بهتر حالت ۾ آهن ٻيو ته ڳوٺن ۾ گذر سفر نسبتاََ سولو آهي. شيون سستيون آهن تنهن ڪري ماڻهن جو گذر سفر ٿي ويندو آهي. ڳوٺن جي آمدني جو ذريعو زراعت ۽ ڀرپاسي ۾ وڏيون انڊسٽريز آهن جتي هو نوڪريون ڪندا آهن. ماڻهو ڏاڍا محنتي آهن.

هتي سياحن جي گهڻائي چين، ڀارت، جاپان، ڪوريا جي هئي، يورپ ۽ آمريڪا جا سياح به نظر آيا اهي گهڻو ڪري پتايا ٻيٽ تي نظر آيا، پوڙها انگريز جوان ڇوڪرين کي وٺيون ويٺا هئا. انڊين گهڻو ڪري گروپن ۾ ۽ اڪيلا ڪجهه خاندان به نظر آيا. چائنيز گهڻو ڪري وڏن گروپس ۾ گهمندا آهن ۽ ٻارين ٻچن نظر آيا. انڊين گروپس مَڌجي چڪر ۾ مست، خاندان وارا گهمڻ ڦرڻ ۾ مشغول. پاڪستاني ڪجهه ڪجهه نظر آيا، ڪجهه ڇڙا ته ڪجهه ٻارين ٻچين. ٻين ملڪن جا ماڻهو به هئا. بحرين، مصر، شام وغيره وغيره. هڪ بحريني خاندان مليو همراهه پنهنجي گوڏن جي تبديلي لاءِ 4 دفعا اچي چڪو هئو. هتي هاڻ بادشاهه سرڪار جي ڪمن م ڪا به مداخلت ناهي ڪندو ۽ نه ڪنهن سياسي پارٽي جي حمايت ۽ مخالفت ڪندو آهي. ڪنهن به ماڻهو کي اها اجازت ڪونهي ته اهو بادشاه جي خلاف ڳالهائي. بادشاه 84 ورهين جو آهي. مون گائيڊ کان پڇيو ته ڇا سرڪار بادشاه کي پئسا ڏيندي آهي ته چيائين ته نه بادشاه جي ٿائيلينڊ ۾ کوڙ ساري ملڪيت آهي هو ان جي آمدني جو حقدار آهي. هتي ٻه وڏيون سياسي پارٽيون ۽ ٻيا ننڍا ننڍا گروپ آهن. هر چئن سالن ۾ هتي چونڊون ٿينديون آهن. هاءِ اسڪول تائين تعليم ۽ ڪتاب مفت آهن. شاگردن کي ٻه جوڙا سال ۾ يونيفارم به ملندو آهي. پرائيوٽ اسڪول به آهن. مون هڪ پڙهيل لکيل گائيڊ کان پڇيو ته ڇا پرائيوٽ ۽ سرڪاري اسڪولن جي پڙهائي ۾ فرق آهي؟ چيائين ته پرائيوٽ ۾ رانديون ۽ غير سماجي تفريح گهڻي آهي. جهڙوڪ ميوزڪ، تيراڪي وغيره باقي پڙهائي ساڳي آهي. هتي هر جڳهه تي عورتون نظر آيون. دڪانن تي، چڙيا گهرن ۾، هوٽلن تي، ريڙها هلائيندي، ٽريول ايجنسي ۾ هر جڳهه تي عورت ڪم ڪندي نظر آئي. هڪ هوٽل تي سيڪيورٽي گارڊ طور به هڪ عورت نظر آئي. گائيڊ گهڻو ڪري عورتون هيون. ڪم صبح جو 7 بجي شروع ٿي ويندو آهي.ماڻهو محنتي ۽ سچا آهن. وقت جا پابند، جيڪڏهن دير ٿيندي ته فون ڪري ٻڌائيندا ته فلاڻو مسئلو ٿي پيو آهي ٿوري دير ٿي ويندي.

ٻڌ ڌرم ۾ چندو ڏيڻ، ڪنهن کي کاڌو کارائڻ، روزي ۾ رهڻ ۽ ٻئي جو خيال رکڻ جون هدايتون ٿيل آهن. ماڻهو مندرن ۾ پوڄا ڪندي نظر آيا. روڊ رستي تي به پوڄا جون ننڍيون ننڍيون جڳهيون ٺهيل هيون. ماڻهو اگربتي ٻاري هٿ جوڙي پوڄا ڪندي نظر آيا. هر هڪ ٻڌمت جي پوئلڳ کي زندگي ۾ هڪ دفعو گهٽ ۾ گهٽ ٻن هفتن لاءِ ڀڪشو ٿيڻو پوندو آهي. ان دوران هن کي گيڙورَتا ڪپڙا پائڻا پوندا آهن، زمين تي سمهڻو پوندو آهي. کاڌو پِني کائڻو پوندو آهي ۽ ڪل 227 هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو آهي. ٻوڌي نرم دل ۽ ملنسار هئا، چوري چڪاري به شايد نه ٿيندي آهي ياگهٽ ٿيندي آهي. پتايا ۾ ڪيترائي دڪان دروازن کانسواءِ هُئا ۽ دُڪاندار سامان تي ڪپڙو ڍڪي گهر هليا ويندا هئا. اسانجو 3 دفعا مختلف هنڌن تي سامان رهجي ويو. هڪ دفعو ليپ ٽاپ وارو ٿيلهو، ٻيو دفعو پئسن وارو پرس ۽ ٽيون دفعو ڇٽي، سڀ سامان باحفاظت ملي ويو. ٿائي قوم ۾ تخليقي صلاحيتون به آهن، هر شي کي نواڻ بخشي اٿئون آرٽ، ڪلچر، سائنس سڀ تي ڌيان ڏين ٿا. هيوي کاڌي جي ريڙهن کي، موٽر سائيڪل سان جوڙي ڪاروبار ڪندا آهن ۽ موڪل ڏينهن ٻارن کي گهمائيندا آهن. اليڪٽرانڪ جون ننڍيون شيون هو پاڻ ٺاهن ٿا ۽ وڏي مشينري هو Assemble ڪن ٿا. سام سنگ ۽ سوني جا ٽيلي وزن شايد اتي سستا آهن جو ڪيترن ئي انڊين اهي خريد ڪياهئا. 32 انچ LCD سام سنگ ٽي وي ساڍا اوڻويهه هزار باٿ ۾ هڪ همراهه خريد ڪيو هئو. عورتون موٽر سائيڪل هلائيندي نظر آيون ۽ هر قسم جي ڪم ڪندي نظر آهيون. اهي شير چيتي ۽ مانگر مڇ جون ٽرينر به هيون (هاٿي، شير، مانگر مڇ جا ڪرتب هر جڳهه تي عورت ۽ مرد ٻئي هئا) ته استاد به هيون. دڪاندار به هيون ته گائيڊ به هيون. هڪ همراهه چيو ته جيڪڏهن هتي مرد عورت ٻئي ڪم نه ڪندا ته اسين ترقي ڪيئن ٿا ڪري سگهون. ٿلهي ليکي قانون ٽوڙ ڪونهي بغير پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس جي پنهنجي رستي تي هليا پئي وس ويندي قانون نه پيا ٽوڙين مان اهو ان ڪري پيو چوان ته ورلي ئي ڪوئي پوليس وارو نظر آيو ۽ 10 ڏينهن ۾ ڪو جهڳڙو به نه ڏٺم ۽ نه ڪوئي قتل جو ٻڌم ها انهن جا 3 فوجي هيليڪاپٽر گذريل ڪجهه هفتن ۾ ڪري پيا ۽ 17 فوجي مري ويا. اهي ٽئي ڪنهن جهنگ ۾ ڪجهه صحافي ۽ سوشل ورڪرز کي اتان ڪڍڻ ويا هئا. عوام اها پئي تنقيد ڪئي ته شايد رينجرز کي هيليڪاپٽر متعلق پوري ڄاڻ ڪونهي تنهن ڪري اهي هيليڪاپٽر اڏائي ڪونه ٿا سگهن.

مون هڪ وين جي ڊرائيور کان امن امان جي باري ۾ پڇيو ته رات جو ڪيتري دير تائين گهمي سگهجي ٿو ته چيائين سڄي رات هتي ڪوبه مسئلو ڪونهي. ايستائين جو هتي وين جا ڊرائيور به امن امان بحال رکڻ ۾ شامل آهن جيڪڏهن مون کي به ڪو بدمعاشي ڪندي نظر ايندو ته پوليس کي ٻڌائيندس ته ۽ هو ان کي کنڀي ويندي ۽ چيائين ته جيڪڏهن امن امان هجي هاته 10 لک ماڻهو هر سال هتي ڪيئن اچن ها. تفريحي ماڳ اسان وٽ به آهن موهن جو دڙو، گورک هل اسٽيشن کان وٺي ڪالام ۽ زيارت تائين ۽ ٻيا به ڪيترائي خوبصورت ،ماڳ آهن ضرورت آهي انهن کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ جي ۽ سياحن کي سهولتون پهچائڻ جي. امن امان ان ۾ اهم آهي ماڻهو کي اها پڪ هجي ته هو لٽجي نه ويندو يا کنڀجي نه ويندو. گورک هل اسٽيشن کي وٺون ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ مضمون پڙهيم جنهن ۾ لکيل هيو ته وزير قانون اياز سومرو ڪجهه آفيسرن سان گورک هل ويو ته اتي روڊ ٺيڪ ڪونهي، هڪ هنڌ ته همراهن ايئن پئي محسوس ڪيو ته اجهو مُئاسون. پ پ حڪومت ئي اهو ڪم شروع ڪيو هيو اهو مرحوم عبداللٰھ شاه جي وزارت اعليٰ جو زمانوهيو. اها ڪيتري نه ڪوتاهي جي ڳالهه آهي ايترن سالن ۾ اهو ماڳ عام ماڻهن لاءِ تفريحي ماڳ نه ٿي سگهيو آهي. اهو ڪم وڏو ڪم ڪونهي جيڪو نه ٿي سگهي بس همت، سوچ ۽ نيڪ نيتي جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهو ماڳ عام ماڻهو جي گهمڻ جهڙو ٿي پوي روڊ ٺهي وڃن، اتي رهائش جو بندوبست ٿئي امن امان کي بهتر ڪيو وڃي ته ان علائقي جا ڀاڳ کلي پون. سڄي ملڪ جا ماڻهو اتي تفريح ڪرڻ لاءِ اچي سگهن ٿا. ان علائقي جي معاشي حالت ئي تبديل ٿي وڃي. ڪيترن ئي ماڻهن کي روزگار ملي، علائقي جي آمدني وڌي سگهي ٿي.

اهڙي طرح موهن جو دڙو، مڪلي، ڪارونجهر برسات جي زماني ۾ ٿرپارڪر انهن کي ۽ ٻيا ڪيترائي ماڳ انهن سڀني کي تفريحي ماڳ بڻائي انهن علائقن ۾ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي. برسات جي زماني ۾ ڪيترائي ماڻهو ٿر پارڪر ويندا آهن پر اُتي ڪو جوڳو بندوبست ڪونهي. انهن ماڳن تي آرٽ، ڪلچر ۽ سائنس سڀ شامل ڪجي. ٿرپارڪر ۾ ورلڊ سفاري ٺاهجي. رهڻ جو بندوبست ڪجي ته علائقو خوشحال ٿي پوي. خوشحال ماڻهن جي خزاني مان ايئن به پئسو ڏٽڙيل علائقن ۾ آڻي سگهجي ٿو پر ضرورت آهي نيڪ نيتي ۽ عقل استعمال ڪرڻ جي. بهتري ٿي سگهي ٿي.

بئنڪاڪ گادي جو هنڌ آهي. جنهن جي پنهنجي رجسٽرڊ آبادي 5 لک آهي ۽ 5 لک ماڻهو ڀرپاسي جي علائقن مان روزگار جي سانگي اتي ترسيل آهن. دنيا جي سمورن وڏن شهرن ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي پئرس ۾ روزانو لکين ماڻهو اُتي روزگار جي سانگي ايندا آهن ۽ لکين فرانس جي علائقن مان آيل اتي ترسيل آهن. ساڳيو هال لنڊن ۽ ٻين وڏن شهرن جو آهي. جن ملڪن پنهنجي ٻهراڙي کي سهولتون پهچايون آهن، ماڻهن کي روزگار مهيا ڪيو آهي، يونيورسٽي،اسپتالون ٺاهيون ويون آهن. روڊ، رستا، پاڻي، بجلي مهيا ڪئي ڪئي وئي آهي اوتري ئي بهتر صحت ۽ تعليم جيڪا وڏن شهرن ۾ مليل آهي ڏني وئي آهي، اتي جا ماڻهو ٻهراڙي مان شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪو نه ٿا ڪن. جيڪو مون سويڊن ۾ ڏٺو ٻهراڙي ۾ رهندڙ شهر وڃڻ لاءِ تيار نه هيا. بئنڪاڪ ۾ تقريباََ 70 سيڪڙو ماڻهو ميٽرڪ تائين پڙهيل آهن. اتي ٻڌ ڌرم جا مندر، ڏاڍا سيبگاريل آهن هڪ مندر ۾ پنج هزار پنج سو (5500) ڪلو گرام وزن جو سون جو گوتم ٻڌ جو مجسمو ڏٺوسين. پهريائين ٿائيلينڊ ۾ سون جو کاڻيون گهڻيون هيون ۽ اهو مجسمو ان زماني جو ٺهيل آهي. هتي رٻڙ جي پوک به ٿيندي آهي ۽ هٿرادو پرل (قيمتي پٿر) به ڪلچر ڪيا ويندا آهن. سيپي مان هٿرادو پرل پيدا ڪرايا ويندا آهن. سمنڊ مان قيمتي پٿر ڪڍي دنيا ۾ وڪرو ڪيا ويندا آهن. اسان وٽ به قدرتي معدنيات جي ڪمي ڪونهي پر اُن مان فائدي وٺڻ جي ضرورت آهي. قدرتي گئس ٿائيلينڊ وارن وٽ آهي پر اڃا تائين گئس جا سئلينڊر استعمال ٿيندا آهن.ٿائيلينڊ ۾ ڪوبه ماڻهو ملڪيت خريد ڪونه ٿو ڪري سگهي جيستائين ان کي اتان جي شهريت ڪونه ٿي ملي يا اجازت نه ٿي ملي. ڪم ڪرڻ لاءِ وري پرمٽ وٺڻي پوندي آهي. شهريت ملڻ ۾ سال لڳي ويندا آهن ۽ ڪاغذي ڪاروائي ڪرڻي پوندي آهي. هڪ همراهه ٻڌايو ته هتي بجلي جي لوڊشيٽنگ ورلي ئي ٿيندي آهي ۽ اهو به اڳ ۾ ٻڌائي ڪئي ويندي آهي. ڪنڊا ڪلچر ڪونهي. اسان وٽ ڪنڊا ڪلچر، سرڪاري ادارا، سرڪاري گهر بجلي وڃائڻ جا وڏا سبب آهن ڇاڪاڻ ته اهي بل ناهن ڏيندا. اسان جا بزنس سينٽر ۽ مارڪيٽون بجلي ضايع ڪرڻ ۾ وسان ڪونه ٿا گهٽائن.

ورلڊ سفاري ۾ ڪيترائي جانور ۽ انهن جا ڪرتب ڏٺاسون. وين تي ويهاري هٿرادو جهنگل ۾ ڇڏيل شينهن، چيتا، رڇ ۽ ٻيا جانور ڏيکاريائون. مون سوچيو اهڙو ئي سفاري ٿرپارڪر ۾ ٺاهي سگهجي ٿو سڄي ملڪ جا ماڻهو ڏسڻ ويندا ۽ ان علائقي جي معاشي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.

جنهن ڳالهه مون کي متاثر ڪيو اُها اِها ته ايتري اُٿل پٿل جي باوجود اها قوم ترقي ڪري پئي ته اهو ڪريڊٽ اتان جي سول سوسائٽي کي وڃي ٿو. اسان پنهنجي عوام کان به ساڳي اميد رکڻ ۾ حق بجانب آهيون فقط ضرورت آهي جسجتو سان اڳتي وڌڻ جي. سياستدانن ۽ سرڪار جا پنهنجا مقصد ۽ حدف آهن. ترقي جي رفتار تيز ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن سرڪار ۽ عوام هڪ ئي رستي ۽ منزل جا مسافر هوندا.

 

مرلي ڌر

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو