Home / افيئر / !ڪاشغر مامرو: پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڦيٽهاڙي جي شروعات
above article banner

!ڪاشغر مامرو: پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڦيٽهاڙي جي شروعات

پاڪستان ۽ چين دوستي تمام پراڻي آهي ۽ ان سلسلي ۾ اهڙا نعرا به سامهون ايندا رهيا آهن جن کي ٻڌي عقل دنگ رهجيو وڃي. جيئن نيل کان ڪاشگر تائين اسلام جو نعرو بلند ڪيو ويو يا وري جڏهن به چين جي سربراهن پاڪستان جو دورو ڪيو ته هتي اهو نعرو بار بار ورجايو ويو “پاڪ_چين دوستي هماليه کان به اوچي” ليڪن ويجهڙ ۾ جڏهن ڪاشگر ۾ مذهب جي نالي تي وڳوڙ ٿيا جنهن ۾ درجن کن ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ. انهن وڳوڙن دوران الله اڪبر جو نعرو پڻ بلند ٿيو. اهڙي صورتحال کانپوءِ چين کليل طريقي سان اهو چيو ته هي ڪم دهشتگردن جو آهي، جن جون تربيت گاهون پاڪستان ۾ آهن.

ڪاشغر چين جو مسلمان صوبو آهي جنهن جون سرحدون پنجن ملڪن سان ملن ٿيون. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو هتي وڳوڙ ٿيا هجن. هتي اڳ به مختلف وقتن تي فساد ٿيندا رهيا آهن. صوبي جي راڄڌاني عرمقي ۾ 2010ع دوران خطرناڪ وڳوڙن سبب 200 ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا هئا ۽ سوين زخمي پڻ ٿيا هئا. ان کانپوءِ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ شهر ۾ ڪرفيو به لاڳو ڪيو ويو هو. جڏهن ته ان کان اڳ 2009 ۾ به اهڙائي فساد برپا ٿيا هئا. ليڪن هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪاشگر به ان لهس کان بچي نه سگهيو آهي. عام طور تي ٿيندو ايئن آهي ته مذهب جي نالي تي جهاد جو شوق پورو ڪندڙ مجاهد 20 سيڪڙو هنسس چيني نسل جي آبادي کي نشانو بڻائيندا آهن. سندن جاني ۽ مالي نقصان ڪرڻ سان گڏ جهاد جو نعرو بلند ڪندا آهن. جيڪو فساد في سبيل الله برابر آهي.

واضح ڪندو هلجي ته تازوئي اسلام آباد هوائي اڏي تان پنجن چينين کي واپس ڪاشغر اُماڻيو ويو آهي. جن لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهي ڪافي عرصي کان پاڪستان ۾ ترسيل هئا ۽ سندن ويزائن جو مدو پڻ ختم ٿي چڪو هو. ذڪر هيٺ آيل همراهن جو تعلق به چين جي وڳوڙ ورتل ڪاشگر صوبي سان آهي. چيو اهو پيو وڃي ته اها ڪارروائي ويجهڙ ۾ چين طرفان پاڪستان تي الزام مڙهڻ ۽ پاڪستان جي صدر طرفان ڪنهن کي به چين خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ تي پابندي کانپواءِ عمل ۾ آيو آهي.

چوندا آهن ته ڪيتو هر ڪنهن کي لوڙڻو پوندو آهي سو پاڪستان ۽ چين سان اها ڳالهه هڪ سو سيڪڙو لاڳو ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو 1980ع وارو ڏهاڪو ماڻهن کي ياد آهي ان ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۽ چين جهاد جي نالي ۾ فتنو ڦهلائڻ ۾ شامل حال هئا. ڇو ته سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ چين جي تڏهن پرڏيهي پاليسي جو حصو هو. اهوئي ڪارڻ هو جو چين طرفان جهاد جي نالي ۾ يوگره ترڪ نسل جي لوفرن کي جهاد خاطر ميدان ۾ لاٿو ويو. ان وقت چين جي شايد اها سوچ هئي ته اهي افغانستان ۾ سوگها ٿي ويندا ۽ سندس جان ڇٽي ويندي. پر ٿيو ان جي ابتڙ، سوويت يونين جي افغانستان مان واپسي کانپوءِ اهي جيئن ئي فارغ ٿيا ته انهن واندي ويهڻ بدران چين جو رخ ڪيو. ڇاڪاڻ جو انهن جي تربيت جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ اسلام جهڙين انتهاپسند ڌرين جي ڇانو ۾ ٿي هئي جيڪي افغانستان مان سوويت يونين کي نيڪالي ڏيارڻ ۾ جهاد جي نالي تي ڪرتب ڏيکاري چڪا هئا. انهن کان جڏهن سوشلسٽ سوويت يونين هضم نه ٿيو ته ڪميونسٽ چين ڪيئن هضم ٿي پئي سگهيو.

اچو ته چين جي پيانگ واري خطي جو جائزو وٺون، ۽ ڏسون ته اهي يوگره آهن ڪير ۽ سندن مقصد ڪهڙوآهي؟ هي علائقو دراصل ترڪ نسل جي مسلمانن جو آهي. هي علائقو سلطنت عثمانيه کان اڳ ۾ يعني اميه دور ۾ اسلام جو حصو بڻيو. هي خطو گهڻو تڻو عرب اسلام بدران غير عرب اسلام ۾ رهيو آهي. مجموعي طرح هي علائقو قدرتي دولت سان مالامال آهي. هتي تيل، گئس ۽ ٻي معدنيات موجود آهي پر بدقسمتي چئجي جو چين هتان جي وسيلن تي ته مالڪي جتائي ٿو پر ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ساڻن انتهائي ناروا سلوڪ روا رکيو پيو وڃي. اهو رويو جيتوڻيڪ ناڪاري آهي پر پنهنجي خطي جي ٻين ملڪن توڙي پياري پاڪستان ۾ به موجود آهي. ڳالهه کي جيڪڏهن سادي نموني سمجهائجي ته ايئن چئي سگهجي ٿو ته جيئن سعودي عرب جو تيل ۽ سون اوڀر سعودي مان ملندو آهي پر اهو خطو اڄ به ترقيءَ کان محروم آهي. اهو ان ڪري جو اُتان جي آمدني رياض ۽ جدي ۾ خرچ ڪئي وڃي ٿي. بلڪل اهڙيءَ ريت پياري پاڪستان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سان ساڳيو حشر آهي. گيس 1953ع ۾ سوئي بلوچستان مان دريافت ٿي پر بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا کي گيس 1980ع ڌاري ملي. ايئن باقي شهرن سان ڪهڙو ويڌن هوندو اها ڪا ڍڪيل ڇپيل ڳالهه ناهي. ايئن سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گيس جي ڪمائي وفاق جي نالي تي پنجاب کڻي وڃي ٿو. ايئن وري ڏکڻ سوڊان مان ملندڙ تيل جي آمدني اتر سوڊان جي خرطوم تي خرچ ٿيندي رهي آهي. ڪردن جي علائقي مان ملندڙ تيل جي آمدني بغداد تي خرچ ٿيندي ته يقيني طور تي متاثر ٿيندڙ مڪاني ماڻهو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار ڪندا جيڪو هڪ فطري عمل آهي.

ڪاشغر جي ماڻهن جي ٻولي فارسي آهي پر چيني سرڪار طرفان مٿن مادري ٻولي پڙهڻ ۽ لکڻ تي پابندي وڌل آهي. ان ڪري اُتي فقط چيني ٻولي پڙهائي وڃي ٿي. چيني کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي، باقي مقامي ثقافت تي به پابندي آهي. اهڙي بندش ۽ گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ماڻهن مذهبي انتهاپسندي جو سهارو ورتو آهي. جيتوڻيڪ چين 2009 جي واقعن کانپوءِ اتي ڪنهن حد تائين ڇوٽ پڻ ڏني آهي. 2010 ۾ اتي لاءِ هڪ سو ارب ڊالرن جو ترقياتي پئڪيج به ڏنو آهي. چين تبت ۾ به ايئن ڪيو آهي. ثقافتي آزادي ڏيڻ جي شروعات به ڪئي وئي آهي پر ان جي رفتار بنهه سست آهي.

ڪاشغر ۾ ٿيندڙ وڳوڙن جي حوالي سان چين جو اهو به موقف آهي ته انهن دهشتگردن جي آمريڪا، پٺڀرائي ڪري رهيو آهي ته جيئن چين داخلي بحران جو شڪار رهي. ليڪن ان حوالي سان چين وٽ ڪي پختا ثبوت موجود ناهن. ڇاڪاڻ جو ساڳيا ماڻهو افغانستان ۾ طالبان سان گڏ آمريڪا خلاف حالت جنگ ۾ آهن. باقي اهو ضرور آهي ته ان سڄي جنگجو ذهنيت جو محور پاڪستان آهي. چين کانسواءِ ايران به انتهاپسند گروپ جند الله جي ڪاررواين کي منهن ڏيندو رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ايراني فوجي ۽ عام ماڻهو پڻ ماريا ويا. هاڻي وڃي ايران جند الله کي قابو ڪيو آهي. واضح رهي ته جند الله جو تعلق به پاڪستان سان آهي. ساڳي صورتحال روس جي ريپبلڪ چيچنيا جي آهي. انهي حد تائين جو روس جي راڄڌاني ماسڪو کي به ڪيترائي ڀيرا نشانو بڻايو ويو آهي.

دراصل هي سڀ ويڙهاڪ افغانستان جا مجاهد آهن، اهي سوويت يونين سان ويڙهه کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس وريا آهن. اهي هر مسئلي جو حل تشدد ۾ ڏسن ٿا. اهوئي سبب آهي جو اهي مذهبي انتهاپسندي کي ڍال بڻائي وڙهي رهيا آهن.

اهو به نه وسارڻ کپي ته اتم تحريڪ جو اڳواڻ حسن احسن 2003 ۾ هڪ مقابلي ۾ مارجي ويو ۽ اتم تحريڪ جو روح روان عبدالحق 2009 ۾ آمريڪا بهادر جي ڊرون حملي ۾ اتر وزيرستان ۾ مارجي ويو. باوجود ان جي مذڪوره تحريڪ ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي. ترڪستان اسلامڪ تحريڪ چين لاءِ اڄ به مٿي جو سور آهي. وچ ايشيا جا ملڪ اُتم تحريڪ کي دهشتگرد تنظيم سمجهن ٿا ۽ ان جي ماڻهن کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي. ان ڪري اهي ورڪر پنهنجي ملڪن ۾ غير محفوظ هجڻ سبب انهن پاڪستان ۽ افغانستان جو رخ ڪيو آهي. اهو به عين ممڪن آهي ته سندن القاعده سان پڻ تعلق هجي.

هاڻي سوال اهو ٿو اُڀري ته ڪاشغر واري معاملي تي آخر ٿيڻ ڇا کپي؟ ان سوال جو سادو جواب اهو آهي ته چين کي ڪاشغر جي ماڻهن سان ٻه اکيائي ترڪ ڪري انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. جتان خزانو ملي ٿو ان تي پهرين حق انهن جو هجڻ گهرجي وارو اصول اپنايو وڃي. اتان جي ماڻهن کي مذهبي ۽ ثقافتي آزادي ڏيڻ سان گڏ سندن ٻولي جو خيال رکيو وڃي. تبت وانگر هن علائقي ۾ دلچسپي ورتي وڃي. ڇو ته تبت جي ترقي خود هاڻي دلائي لاما لاءِ به ڪيترائي سوال پئدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ ماڻهن جي روئي ۾ تبديلي آئي آهي. اها يقيني طور تي اچي سگهي ٿي. منهنجي راءِ آهي ته هنس چيني نسل جي ماڻهن کي مقامي جي حقن جو خيال رکڻ گهرجي ۽ کين مقامي ماڻهن ۾ ضم ٿي وڃڻ گهرجي. جڏهن ته ناراض يوگر پاڻ کي مذهب جي بنياد تي چين کان ڌار ڪرڻ بدران ان قوم جو حصو ٿي وڃن ۽ ساڻن گڏجي ملڪ ۽ ڌرتي جي خدمت ڪن. ان ۾ ئي سندن بهتر مستقبل جو راز آهي.

 

عطا محمد شاهاڻي

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو