Home / افيئر / !ڪروڙين روپين جون گاڏيون غير قانوني طور وزيرن ۽ ڪامورن جي استعمال هيٺ!
above article banner

!ڪروڙين روپين جون گاڏيون غير قانوني طور وزيرن ۽ ڪامورن جي استعمال هيٺ!

 

سنڌ ۾ لاقانونيت ڪا نئين ڳالهه ناهي. پر ان لاقانونيت جا به ڪيئي پاسا آهن. هڪ لاقانونيت ڪراچي شهر ۾ ڏسڻ ۾ پئي اچي ۽ ٻي لاقانونيت ادارن ۾ به آهي. جتي قانون ۽ قائدا بااثر ماڻهن لاءِ معنيٰ نه ٿا رکن، جن ۾ اسان جا اهي چونڊيل نمائندا به آهن. جيڪي لگزري گاڏين کانسواءِ ساه نه کڻي سگهندا آهن پر جيڪڏهن اڃا به گاڏي سرڪاري ۽ سائي رنگ جي نمبر پليٽ جي هجي ته پوءِ مزوئي ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. ڇو ته سرڪاري گاڏي ۾ گهمڻ تي جيڪو پروٽوڪول ملي ٿو اهو انسان کان اڪثر ڪري پنهنجي اوقات به وساري ويهندا آهن. اها ساڳي ڪار هن مفاهمتي سرڪار دوران به ٿي آهي. جنهن ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جون 57 ڪرولا ۽ ٻيون گاڏيون بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي پوري ڪرڻ جي بااثر ماڻهن حوالي ڪيون ويو آهن. سنڌ جي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي ذريعن چواڻي ته کاتي جي منظوري کانسواءِ 57 گاڏيون وزيرن، صلاحڪارن، ايم پي ايز ۽ موجوده ۽ اڳوڻن بيوروڪريٽس جي استعمال هيٺ آهن.

“افيئر” کي مليل لسٽ موجب ايس اينڊ اي ڊي جي منظوري کانسواءِ بااثر ماڻهن جي قبضي ۾ آهن، جنهن ۾ خوراڪ واري وزير نادر مگسي جي پروٽوڪول ۾ هڪ ڪرولا ايڪسل آءِ 10_ نمبر ,GS:6578 اڳوڻي صلاحڪار شرميلا فاروقي وٽ ,GS_7181 اڳوڻي صلاحڪار انڪل سريا وٽ ,GS:6260 اڳوڻي صلاحڪار امتياز شيخ وٽ GS:7282، وزير حاجي مظفر علي شجراح وٽ GS:9549، وزير ٽرانسپورٽ اختر حسين جدون وٽ GS:6727، وزير نرگس اين ڊي خان وٽ ٻه گاڏيون GS:7371 ۽GS:7057، وزير آبپاشي ڄام سيف اللٰھ ڌاريجو وٽ GS:5765، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو وٽ GS:7006، ايم پي اي حميرا علواڻي وٽ GS:7163، سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ڄام مدد علي وٽ GS:6730، سينٽ ۾ ليڊر آف دي هائوس رضا رباني کي پروٽوڪول سيل معرفت GS:2786، اڳوڻي گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ڪامران دوست کي GS: 7057، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي GS:5767، ڪور فائيو کي GS:7520، عبدالحميد ڇٽو پروگرام مينيجر، ايچ سي پي سنڌ کي GS:7923، محمد اسلم سنجراڻي، ايم ڊي سنڌ ڪول کي GS:7001، ڊي. جي پي پي آر اي وٽ GS:6734، جج اينٽي ڪرپشن GS:7142، علي احمد لُنڊ سيڪريٽري انڊسٽريز وٽ GS:7421 ، اويس ايم. مغل ڊائريڪٽر اي اي ايس ايس آءِ وٽ GS:0944، سيڪريٽري ، بيورو ف سپلاءِ اينڊ پرائيسز وٽ GS:7065، ڊائريڪٽر فوڊ وٽ GS:7010 ، سيڪريٽري، مينارٽي افيئرس وٽ GS:7911، پي ايس ٽو چيئرمين، اِي اينڊ اَي سي اِي وٽ GS:7972، ڊائريڪٽر، اَي سي اِي، حيدر آباد وٽ GS:7069، ڊي. جي، پي ڊي ايم اَي وٽ GS:5435، ڊي. جي، پي ڊي ايم اَي وٽ GS:7989، سيڪريٽري هيلٿ وٽ GS:5765، حميرا علواڻي ايم پي اي وٽ GS:7163، دارا منير قاضي وٽGS:1004، آفتاب قريشي، ڪنسلٽنٽ بي او آر وٽ GS:7053، ايم ايم قريشي، چيئرمين سي آءِ اينڊ اِي ٽي وٽ GS:7077، قاضي عارف، ميمبر اِي اَي ايس وٽ GS:7915 ، محمد اسحاق لاشاري، ڊي جي، پريزيڊنٽ سيڪريٽ وٽ GS:7967، سيڪريٽري فوڊ وٽ GS:6716، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ وٽ GS:6727، محسن حقاني، سيڪريٽري ايڪسائيز وٽ GS:6225 ، سيڪريٽري، ڪچي آباديز وٽ 8GS:613، اَي ايس هيلٿ سري چند وٽ GS:7012، ايڊيشنل اَي جي، سنڌ غفران ميمڻ وٽ GS:6328، يونس ڍاگا، اڳوڻي سيڪريٽري انفارميشن وٽ GS:7014، ڊائريڪٽر ليبر سنڌ مير محمد بلوچ وٽ GS:7160، حاجي منور عباسي ميمبر (پبلڪ) لوڪل گورنمينٽ ڪميشن وٽ GS:4917، سيڪريٽري، پي ايڇ اِي. آر بي فلپوٽو وٽ GS:6564، سيڪريٽري، پي ايچ اِي، لائق احمد وٽ GS:5763، اڪرم اللٰھ ڌاريجو، ايم پي اي سنڌ وٽ GS:6519، سيڪريٽري، ايگريڪلچر وٽ GS:6575، سيڪريٽري، اسپورٽس وٽ GS:6221، احمد علي هاليپوٽو، ميمبر (ٽيڪ ii) ايل جي وٽ GS:7986، سيڪريٽري، زڪوات وٽ GS:7989، اسپيشل سيڪريٽري، پي اينڊ بي وٽ GS:7316، چيئرمين، اِي اينڊ اَي سي اِي وٽ GS:6155، چيف منسٽر هائوس وٽ GS:7162، چيف منسٽر هائوس وٽ GS:7901، چيف منسٽر هائوس وٽ GS:7003، چيف منسٽر هائوس وٽ GS:7913، چيف منسٽر هائوس وٽ GS:7075، چيف منسٽر هائوس وٽ GS:7070، چيف منسٽر هائوس وٽ AFR:04، چيف منسٽر هائوس وٽ AFR:05، چيف منسٽر هائوس وٽ AFR:011، ميمبر، ايس پي ايس سي وٽ GS:5766 هي سڀ گاڏيون ايس اينڊ جي اي ڊي جي منطوري کانسواءِ استعمال ڪيون وينديون رهيون آهن. جيڪي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان خريد ڪيون ويون هيون. ذريعن موجب ڪيترن وزيرن ۽ مشيرن وٽ 2 کان وڌيڪ گاڏيون به موجود آهن، جن ۾ سماجي ڀلائي واري وزير نرگس اين ڊي خان، اليڪشن اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي پروٽوڪول نياز علي عباسي ٽاپ تي آهن. جڏهن ته ڄاڻايل گاڏين تي ايندڙ تيل ۽ ٻين مد ۾ خرچ به حڪومت جي ڳچي ۾ آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ وزير کي ماهوار 600 ليٽر ۽ صلاحڪارن کي 300 ليٽر تيل جي حد مقرر ٿيل آهي. ان حساب سان به هر مهيني هڪ وزير جي گاڏي 51 هزار رپين کان وڌيڪ خرچ ٿين ٿا.

 

امتياز چانڊيو

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو