Home / سياسي افيئر / !ارڙهين ترميم ۽ قومن جا کسيل حق
above article banner

!ارڙهين ترميم ۽ قومن جا کسيل حق

ارڙهين آئيني ترميم جي حوالي سان پاڪستان ۾ جشن ملهايا پيا وڃن. ان کي حڪمران پيپلز پارٽي ۽ ان جي اتحادي جماعتن جي عظيم ڪاميابي طور پيش ڪيو پيو وڃي ۽ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هن جي سمورن آئيني ۽ سياسي مسئلن جو حل ان ترميم ۾ آهي خاص ڪري اهي مسئلا جيڪي صوبائي خودمختياري سان لاڳاپيل آهن. پر ڇا واقعي به صورتحال اهڙي ريت آهي جو جشن ملهايا وڃن؟۽ ڇا اها آئيني ترميم اڄوڪين حالتن ۾ صوبائي/قومي خودمختياري جهڙي انتهائي اهم، بنيادي ۽ ڳنڀير مسئلي جو حل پيش ڪري ٿي؟ (هتي ايڪويهين صديءَ ۾ خودمختياريءَ جي سوال کي صحيح طرح سمجهڻ خاطر هڪ ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي. ترڪيبي ايڪايون خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان پاڻکي انتظامي نه پر قومي ايڪايون سمجهن ٿا ۽ 60 سال اڳ ۾ شروع ڪيل صوبائي خودمختياري جي جدوجهد هاڻي قومي خودمختياري جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي)

حڪومتي دعويٰ مطابق سندن وڏي ڪاميابي اها آهي ته ڪانڪرنٽ لسٽ کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ ان جا اختيار صوبن حوالي ڪيا ويا آهن. ڪانڪرنٽ لسٽ جي اهميت ۽ افاديت تي اسان پوءِ ٿا اچون، پهرين هڪ نظر حڪومتي دعوائن تي ٿا وجهون.

اهو ايڪويهين صديءَ جو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي ته ڪانڪرنٽ لسٽ ختم ڪئي وئي آهي ۽ ان جا اسم ايڪاين حوالي ڪيا ويا آهن. حقيقت اها آهي ته ڪانڪرنٽ لسٽ وارن اسمن جو نالو يونٽن/صوبن حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته انهن جو جوهر مرڪز پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي. ‘منتقل ڪيل’ وزارتن جي 178 کاتن منجهان صرف 47 صوبن کي منتقل ڪيا ويا آهن، باقي 131 مختلف بهانن سان مرڪز جي ڪنٽرول ۾ ئي رکيا ويا آهن. يا ته انهن کي موجوده مختلف (مرڪزي) وزارتن ۾ ضم ڪيو ويو آهي يا وري ان مقصد لاءِ نيون وزارتون قائم ڪيون ويون آهن.

خاص ڪري اهي کاتا جن ۾ پئسو آهي اهي مرڪز پاڻ وٽ رکيا آهن. اهڙين چالاڪين ۽ اٽڪل بازين جا تفصيل ميڊيا ۾ اچي چڪا آهن ۽ انهن تي ڪافي بحث به ٿيندو رهيو آهي، خاص ڪري سنڌي ميڊيا ۾. هتي رڳو نڪتي کي واضح ڪرڻ خاطر هڪ ٻه مثال ڏجن ٿا. ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ فنڊ (EOBI) يعني وڏي عمر ۾ ملازمن جي مفادن جو ادارو ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ (WWF) يعني مزدورن جي ڀلائيءَ جو فنڊ منتقل ڪيل ليبر وزارت کان کسي بين الصوبائي رابطي واري وفاقي وزارت کي ڏنا آهن.ساڳي طرح اويڪيوئي ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ (ETPB) يعني لڏي ويلن جي ملڪيتن وارو بورڊ وري انساني حقن واري مرڪزي وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ صحت، خوراڪ، زراعت ۽ ماحوليات وارين وزارتن جا به ڪيترائي سڻڀا کاتا مرڪز جي قبضي ۾ برقرار رکيا ويا آهن. ان کي چئبو آهي هڪ هٿ سان ڏيڻ ٻئي سان کسي وٺڻ. يا ٻئي نموني ايئن چئجي ته ذميواريون ٻئي جي حوالي، اثاثا سڀ پاڻ وٽ.

هاڻي اچو ته تاريخ جي روشنيءَ ۾ اڄوڪي صورتحال ۾ ڪانڪرنٽ لسٽ جي اهميت هجڻ يا نه هجڻ جو جائزو وٺون.اڄ کان پنج سال اڳ ۾ ان وقت جي حڪومت به صوبائي خودمختياري ۽ ڪانڪرنٽ لسٽ جي حوالي سان مهم هلائي هئي. ان جي جواب ۾ مون ملڪ جي هڪ وڏي انگريزي اخبار ۾ مضمون لکيو هئو جنهنجو عنوان ئي هئو، `Concurrent list: too little: to late` ، يعني ‘ڪانڪرنٽ لسٽ: تمام گهٽ، تمام ليٽ’. انهن پنجن سالن دوران صورتحال اڃا گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. حقيقت ۾ ارڙهين ترميم ۾ جيڪي معاملا کنيا ويا آهن اهي چاليهه سال اڳ جا مسئلا ۽ مطالبا آهن. جهڙي طرح انساني جسم کي ڪي بيماريون لڳنديون آهن تهڙي نموني انساني سماج جون به ڪجهه بيماريون هونديون آهن. شروعاتي اسٽيج تي ڪنهن بيماريءَ جو علاج هڪ ٽِڪي يا انجيڪشن سان ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن ان تي ڌيان نه ڏبو ۽ ان جو علاج نه ڪبو ته وقت گذرڻ سان اها وڌيڪ خراب ٿيندي ويندي ۽ پوءِ هڪ سنگين شڪل اختيار ڪري ويندي ۽ پوءِ ان مرحلي تي آپريشن ئي واحد رستو هوندو آهي جنهن سان مرض جي علاج جو امڪان هوندو آهي.

1960 واري ڏهاڪي دوران سنڌي، بلوچ ۽ پختون عوام جي جدوجهد صوبائي خودمختياريءَ لاءِ هئي. نه رڳو انهن کي ان خودمختياريءَ کان محروم رکيو ويو پر انهن جي اڳواڻن تي غداريءَ جا ليبل لڳائي انهن کي جيلن ۾ وڌو ويو. نيشنل عوامي پارٽيءَ 1970ع جي اليڪشن صوبائي خودمختياري جي منشور تي وڙهي ۽ سندن گُهر اها هئي ته کاتا مرڪز کان صوبن ڏانهن منتقل ڪيا وڃن يعني اها ڳالهه جنهن تي عمل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي انهن جون حڪومتون ڊسمس ڪيون ويون، سندن پارٽيءَ تي بندش وڌي وئي ۽ سندن ليڊرن کي هڪ دفعو وري غداريءَ جي الزامن هيٺ قيد ڪيو ويو ۽ ان وقت به اسلام آباد ۾ اقتدار جي ڪرسيءَ تي اها ئي ساڳي جماعت يعني پيپلز پارٽي ويٺل هئي (اها ٻي ڳالهه آهي ته ا ن وقت به ۽ هاڻي به اصلي اقتدار ۽ اختيار راولپنڊيءَ ۾ ويٺل آهي). سنڌ سان گذريل چاليهن سالن دوران اسلام آباد/ راولپنڊي وارن ڪهڙو ورتاءُ ڪيو آهي (پوءِ اهي فوجي حڪومتون هجن يا سويلين) ان کي جيڪڏهن تفصيل ۾ بيان ڪجي ته هڪڙو الڳ مضمون ٺهي پوندو.

مختصر ۾ ايئن چئجي ته ايڪاين/قومن جي حقن جي حوالي سان صورتحال ۾ زمين آسمان جو فرق اچي چڪو آهي. بلوچ قوم جي گُهر ۽ جدوجهد هاڻي اها آهي ته بلوچستان جي اها حيثيت بحال ڪئي وڃي جيڪا پاڪستان طرفان زوري قبضي ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي. سنڌ جي قومي تحريڪ پڻ گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. سنڌي ماڻهو خيرات ۾ مليل شين کان نفرت ڪن ٿا. اهي ڪنهن کي رحم جي اپيل ڪونه ٿا ڪن ۽ نه ئي حڪمرانن کان همدردي ۽ رعايتن جي گُهر ٿا ڪن. هاڻي انهن جي جدوجهدقومي حاڪميت اعليٰ (Sovereignty) لاءِ آهي جنهنجو اقرار 1940 واري قرارداد ۾ ڪيو ويو هئو ۽ جنهنجي بنياد تي ئي انهن پاڪستان ۾ شموليت ڪئي هئي پر پوءِ ان ئي رياست انهن کان اُها کسي ورتي جنهن رياست کي انهن ٺاهيو.

تاريخ اسانکي ٻڌائي ٿي ته اهي ماڻهو جيڪي بندوق ٿي ڀاڙيندا آهن اُهي عقل ۽ دليل جو آواز نه ٻڌندا آهن ۽ جن سياستدانن جو نظرون ‘ايندڙ’ اليڪشن تي هونديون آهن اهي ايندڙ نسلن (جي مفادن) کي ڏس ڪونه سگهندا آهن. پاڪستان تي جنهن ٽولي جي حڪومت رهي آهي اُهو ڳٺ جوڙ آهي هڪ اهڙي اسٽيبلشمنٽ جو جيڪا هر مسئلي جو علاج بندوق کي سمجهي ٿي ۽ اهڙن سياستدانن جو جن جي سياست جو محور سيٽون کٽڻ آهي. نتيجي طور سمورين پاليسين ۽ سمورن فيصلن جو بنياد اهو هجي ٿو ته ‘اڄ کٽجي، سڀاڻي وڃي کڏ ۾ پوي’. ان جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته حڪمران رڳو واقعا ٿي وڃڻ کانپوءِ انهن جي پويان ڊوڙندا رهندا آهن جڏهن ته تاريخ پنهنجو دگ ٺاهيندي ويندي آ ۽ پنهنجا فيصلا ڏيندي آ.

بنگالي ماڻهن جي پنهنجي قومي حقن لاءِ ڪيل جدوجهد ان ڏس ۾ بهترين مثال پيش ڪري ٿي. بنگال جي قومپرست تحريڪ جي شروعات ٻوليءَ جي مسئلي تان ٿي جڏهن 1948ع ۾ بنگالين گُهر ڪئي ته سندن زبان کي قومي ٻولي طور تسليم ڪيو وڃي ۽ موٽ ۾ مسٽر محمد علي جناح چيو ته “اردو ۽ صرف اردو پاڪستان جي قومي ٻولي هوندي”. ان تحريڪ دوران 21 فيبروري 1952 تي ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ چار شاگرد قتل ٿي ويا. ان ڏينهن کي بعد ۾ اقوام متحده طرفان ‘مادري ٻولي جي ڏينهن’ طور تسليم ڪيو ويو جيڪو هر سال سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي.

اڳتي هلي پاڪستان جي حڪمرانن بنگاليءَ کي قومي ٻولي طور تسليم ڪيو پر ان وقت تائين تحريڪ اڳتي نڪرڻ جي بجاءِ بنگالين جي جدوجهد سياسي اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ هئي، اهو اختيار جنهن سان هو پاڻ فيصلا ڪري سگهن. ان جي واضح شڪل عوامي ليگ جي مشهور زمانه ڇهن نقطن جي صورت ۾ سامهون آئي. حيرت جي ڳالهه ناهي ته ڇهه نقاطي پروگرام ۾ ٻولي ۽ ڪلچر بابت ڪوبه نقطو شامل نه هئو ڇاڪاڻ ته هاڻي جدوجهد سياسي ۽ اقتصادي حقن لاءِ هئي.

حڪمرانن بنا دير جي ان پروگرام کي هندستاني سازش ۽ پاڪستان دشمني قرار ڏيئي ڇڏيو. عوامي ليگ 1970 وارين چونڊن ۾ حصو ڇهه نقاطي پروگرام جي بنياد تي ورتو ۽ بنگال (اوڀر پاڪستان) مان 99 سيڪڙو سيٽون کنيون جڏهن ته سڄي پاڪستان ۾ به ان کي واضح اڪثريت حاصل ٿي. ٿيڻ ايئن کپندو هئو ته بنگالي کي عوامي ليگ جي قيادت ۾ ملڪ جو آئين ٺاهڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ها پر ايئن نه ٿيو. بندوق بردار اسٽيبلشمنٽ ۽ اقتدار جي بکين سياستدانن جي ڳٺ جوڙ سان اتي فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو. ڍاڪا (۽ ٻين شهرن) جي گهٽين ۾ ٽئنڪون موڪليون ويو ۽ بنگال جي ندين نالن جو رنگ ڳاڙهو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته اهو سڀ ڪجهه “پاڪستان جي تحفظ لاءِ آهي”. فوجي آپريشن شروع ٿيڻ تي اسثيبلشنمٽ دوست هڪ سياستدان جو اهو بيان دنيا جي رڪارڊ تي آهي ته، “خدا جو شڪر آهي ته پاڪستان بچي ويو”.

ان ‘پاڪستان بچايو’ مهم جو نتيجو اهو ٿيو ته بنگال جي قومي حقن جي تحريڪ ٻه ڏاڪااڳتي ويئي ۽ بنگلاديش جي آزاد ملڪ جي صورت ۾ منتج ٿي. چوٿائيءَ صديءَ جو وقت گذرڻ کانپوءِ هڪڙو پاڪستاني وزير اعظم (جنهنجو تعلق پاڪستان ۾ طاقت جو سرچسمو سمجهيو ويندڙ خطي پنجاب سان هئو) ڍاڪا ويو ۽ بنگالي قوم کان معافي وٺندي تسليم ڪيائين ته 1971 جو فوجي آپريشن غلط هئو.

ڏاهن جو چوڻ آهي ته ‘تاريخ جو وڏو سبق اهو آهي ته ماڻهو تاريخ مان سبق نٿا سکن’. ان سبق کي سچو ثابت ڪرڻ ۾ پاڪستاني حڪمرانن ٻين سڀني کان گوءِ کٽي ويندڙ آهن. اڄ سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن بابت سندن سوچون، سندن رويا ۽ سندن پاليسيون اهي ساڳيون آهن جيڪي انهن بنگالي حقن جي تحريڪ دوران اختيار ڪيو هيون. هڪ طرف اهي ظلم، جبر ۽ استعمار جي پاليسين تي عمل پيرا آهن ته ساڳي وقت ٻئي پاسي وري انتهائي اهم، سنگين ۽ گنڀير مسئلن لاءِ سطحي قسم جا حل پيش ڪري رهيا آهن. نه ته انهن کي منهن مقابل ٿيندڙ حقيقتن جو ادراڪ آهي ۽ نه ئي اُهي وقت جي سچاين کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. نتيجي ۾ اهي اڄ جي مسئلن لاءِ چاليهه سال اڳ جا حل ٻڌائي رهيا آهن.

اهو ايئن آهي ته ڪينسر جهڙي مرض جو علاج پيرا سٽامول سان ڪيو وڃي سا به گذريل تاريخ جي. ارڙهين آئيني ترميم جي اهميت ۽ افاديت بس ايتري ۽ اهڙي ئي آهي. وڌيڪ ڪجهه به نه ۽ ان جو اثر ۽ ان جو حشر به ماضيءَ ۾ ڪيل اٽڪلن ۽ هلايل مهمن ڏانهن متوجه ڪرائي ٿو ته سندن جواب اهو هجي ٿو ته “اهو ون وقت ايئن ٿيو، هاڻي ايئن نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته هاڻي اسان وٽ اڳي کان گهڻو وڌيڪ قوت ۽طاقت آهي” (جنرل پرويز مشرف جا اهي لفظ ڪنهنکي ياد نه هوندا جيڪي هن بلوچستان جي صورتحال جي حوالي سان چيا هئا ته “هي 1970 جو ڏهاڪو ناهي، اسان انهن کي اهڙو مارينداسين جو کين خبر به نه پوندي ته اهو ڪيئن ٿيو”). اهي فاشسٽ رجحان آهن جن جو بنياد تاريخ کان لاعلمي يا تاريخ کي نظرانداز ڪرڻ تي رکيل آهي ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن توهان تاريخ کي نظرانداز ڪندو ته تاريخ توهانکي نظرانداز ڪندي ۽ پوءِ اهوئي ٿيندو جيڪو بنگال جي حوالي سان توهانکي ڏسڻو پيو. يعني وقت وهي وڃڻ کانپوءِ توهان کي رڳو افسوس ۽ پڇتاءُ پلئه پوندو.

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو