Home / افيئر / !آڌيءَ رات جا اِسرار
above article banner

!آڌيءَ رات جا اِسرار

سانوڻيءَ جي مينهوڳي. سانجهيءَ وقت. هر پاسي پاڻي ۽ گَپَ. ڌرتيءَ تي گُهٽَ جو راڄ. ڏيڏرن جي ٽان ٽان. ڪٿان ڪو ٽانڊاڻو موج مستيءَ منجهه ٽِم ٽِم ڪري لنگهندڙ. وڻ ايئن ڄڻ يوگا رُڌل ٻَوڌي. آسمان تي تارن جي پارليامينٽ. مڙئي شيون اُجريون اُجريون. چوماسي دوران ساليانو ڌوپ مڪمل مڪمل. کڏون ۽ کُٻا ڍاول ڍاول. پري پورب ڏانهن ڪڪرن جو معمولي اُڀار. کنوڻ جو هلڪو چمڪاٽ. سرشٽي پُورائي پَسَي سرشار. چنڊ مٿي اُٿيو ته اڇاڻ ئي اڇاڻ. سون ورني زمين رُوپو اوڍي ورتو. ٻُڍڙي زندگي آڪهه ڏسي مُسڪرائيندڙ.

ڊڀن مان ڪٿان گداڙي نڪتي. دُون اُڀو ڪري سنگهيائين. ڪنڌ ورائي پاڻيءَ ڀريل ڏَر نهاري، ڪيڏانهن هلي وئي. مَٿاهينءَ آلي مٽي چانڊوڪيءَ رات ۾ چمڪڻ شروع ڪيو. هورڙيان هورڙريان ڏکڻ واءَ گُهليو. ڪارو، ڏيڏر ڳهي ڍِڍَري ٿيو. پاسي تي پيو هئو جو مادي کيس ڳولهيندي اچي پهتي. جَهٽُ هڻي ڀنل پَرنَ واري تِڏ وات “۾ وجهي، وَرَ مٿان ليٽي رهي. سندس کُهري پٺيءَ تي پيٽ گسائڻ لڳي. ونيءَ جي نرم کل ڪنڌ مٿان محسوس ڪندي هن پاسو ورائڻ جي ڪئي پَرَ بي سُود. ڇاتيءَ وَٽ ڦاٿل ڏيڏر ۾ اڃا چرپر هئي. نانگ کي شڪار ڏکيو پوندو آهي.

اڌڙوت گَڊي چئن جي ٽولي ۾ وڌي آئي. آلاڻ ۽ ٿڌڪار کين سُرور ۾ آڻي ڇڏيو هئو. فصلن ۾ ڪجهه پنڌ تي، ڪنڊيءَ جي سُڪل ٿڙ کي ڀاڪر پائي، ڀَوپَو ورد ڪندو رهيو. گهاٽي ناسي رنگ جو ايڏرُ هن سامهون. “ڏانئڻ! تنهنجي مُٺ گهڻا ڪنڌ آهن؟” “انيڪ…” “ماسات زريءَ کي آجو ڪر!” “اڪيلو آهيان. کانئس ڌار ٿي ڪاڏي ويندس” “منش ۽ گندي آتما جو ميلاپ ڪهڙو!!” “سندس نماڻين اکين وسيلي، هن جي اندر پيهي ويو آهيان. جيئن چوندوسانس، ڪندي. جتي ڪوٺيندو مانس، ايندي. توهان انسان، زريءَ جي سرير جا وارث آهيو پر منجهس ڦوڪيل روح ته منهنجي مِلڪَ آهي. ورد جي سگهه سان مون کي هتي آڻي ته ورتو اٿئي. پَوراٺي لڪڙيءَ “۾ قيد به نهاريندو هوندين. حوس جي بدبوءِ وڪوڙيل صالح ڀوپا! تنهنجو ڳاٽو ڀڃڻ مشڪل نه آهي. گُروءَ جي هدايت سامهون ٿي اچي. پنهنجا مَنڊَ سهيڙي روانو ٿي. آءَ زريءَ وٽ پهچڻ ٿو چاهيان. هُوءَ بيچين هوندي.” “ڄاڻين ٿو ته پاڻ ٻئي ساڳئي استاد جا ٻَالڪَ آهيون. ڪنهن سمئه تون به ڀوپو هئين. ويس مٽائي گرنار مان نڪتين. ڪنڌ نه ڀڄئي ها ته منهنجي جاءِ پاٺ پيو دُهرائين ها. گهر جو معاملو آهي نه ته آءَ ڇَوڪر جي ڳاٽي ٽٽڻ جو فڪر به نه ڪيان. گهڻا ورهيه اڳ، نٽهڻ جو گروءَ ڪرپا ڪندي تو جهڙن باغي ارواحن کي قابو ڪرڻ خاطر، چار شاستر عطا ڪيا. پهرئين ورد تي هت پهتو آهين. ٻئي مَنڊَ سان ٿُڙَ اندر بند هوندين. ڇوٽڪاري لاءِ پيو ٻاڏائيندين.” “واهه ڙي آدم، تنهنجي ارڏائي! چاهيان ته هر ڳالهه جي موٽ اٿم. رات مختصر هوندي آهي ۽ ڪم الاهي. گروءَ لاءِ اٿاهه مَانُ رکان ٿو ۽ باکاٽي وَرَندس. وَس هجئي ته ڏانوڻ وجهي ڏيکار.” “ڌرتيءَ تي ٻوجهه آهين اي بدترين روح. ماسات زريءَ کي ڪجهه ٿيو ته….”

ڪارو، پاڻ اُٿلائي نه سگهيو. مادي مَنَ جا اُڊهڙا سانڍي مٿس پئي رهي. گڊي ساهيڙين سميت وٽس آئي. ٽهڪ ڏئي اڳتي وڌي وئي. سندس هَردئه منجهه انيڪ ڏيئا ٻَري رهيا هئا ۽ هر هڪ ديپ جي سَوني لاٽ اڻکٽ موج جو ڪارڻ. گداڙي ڪانڌ جي ڳولها ۾ ڀٽڪندڙ. اُنايون ڪندڙ. اها رات هئي. انسان جنهن کان سهمي اولهه طرف ڳوٺ ۾ آرامي ٿيل. زري البت، پيرسن اگهاڙي ڀَڏي جي ڪناري بيٺل. ڀرت ڀريل گگهو پهري، انتظاري. شام ٿيندي ئي ڳاٽي سڪل هُوءَ، ڪنهن زور آڏو زاري نه ٿيندڙ. اونداهه، ڇوڪريءَ لاءِ بي پناهه سگهه کڻي ايندڙ۔ پري کان پاڻ ڏانهن لڙندڙ ايڏر جو سرڙاٽ محسوس ڪري، سڌو ليٽي پئي. آتما مٿان اچي پهتس. بنا ڪنهن سرٻاٽ جي ڳچيءَ جي رڳن وسيلي منجهس داخل ٿي وئي. انوکو جوڙ، جيڪو پوءِ هِڪُ ٿي ويو. گرنار کان ڪهي آيل ۽ منڍي مروٽيل موگهي جو ميراٺو روح جوڀن جي پوتِرتا ۾ گم ٿيڻ لڳو. رات جي کرڙي ۾ ان طرح جون اَڻَ ڳڻيون وارتائون هونديون. ڏينهن جي روشني جيڪي پَسَڻ لاءِ سڪندي رهي آهي. اتهاس سان شڪايتي. صالح ڀوپو پڻ سهڪندو اتي اچي رسيو. ٺيڪ حواسن واري آدم کي ڏور ڌِڪيندڙ ۽ سهپ جي حدن ۾ نه ايندڙ بُوءِ ڇوڪريءَ جي چوڌاري گهمي رهي هئي. ڏانهس ويجهو ٿيڻ مشڪل هئو.

ويندڙ وَهيءَ ۾ گرڀ ڀريندڙ گَڊي، مٿاهين ڪنڌيءَ چنڊ ڏانهن مُنهن ڪري بيهي رهي. جيڏيون پنهنجا وَرَ سارڻ لڳيون. ڀرسان نيرَن جهنجيهل اَڪُ هئو، جنهن جي نازڪ ٽاريءَ سان پاڻ وڪوڙيندي هُوءَ اڃا اُڀي ٿي، نروار هجڻ جو شوق پورو ڪرڻ لڳي. ساٿياڻين به ايئن ڪيو. ويرم نه گذري ته سنهو ۽ سُريلو آواز ٻُرڻ شروع ٿيو. ترنم اهڙو جهڙو اڳ ڪڏهن سرشٽيءَ نه ٻڌو_

معصوم سڄڻ!

تولاءِ اوسيئڙي مون کان جوڀن کسيو

ڪيئي راتيون اڪيلي رُليس.

ڪالهه آئين ۽ ٻيءَ سانجهه

هيٺيون ڌڙ ڳرو ٿي ڀانيان.

تو ڄڀ منهنجي وات رکي

امرت جو سمنڊ مون ڏانهن وڌيو

وِههَ جنهن کي جڳ ٿو چوي

هورڙيان هورڙيان پي رهي آهيان۔

رات جا عاشق، پنهنجا جانب!

اُڀ جي روشن چنڊ جو وچن

اسرويل ٻِرَ ۾ واپس

آءُ نه وينديَس. آءُ نه وينديَس

بَرپَٽُ پنهنجو ديس ٿي سمجهان

توکي ڳولهينديس، توکي پائينديس.

چارئي ڀِڪ سانت ٿي وئي. نانگڻ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. چنڊ وچن وٺي، ڪڪرن پويان لڪي ويو. سموري منظر ۾ اڃا ٻن هستين جي آشڪار ٿيڻ جو امڪان هئو. پرڀوءَ جي اچڻ کان اڳ گروءَ جي شبيهه اُڀري. هَارَ کاڌل صالح ڀوپي نئين طاقت سان نراڙ مٿي ڪيو. “هي ٻالڪ! پريم کي منتر سان قابو نه ڪر. اهو ته خود هڪ مَنڊُ آهي”_ چئو ڏس آواز. ڇوڪري گگهو سنڀاليندي اُٿي بيٺي. پورنتا، پيار جو موت آهي_ ڄاڻي چڪي هئي. وڇوڙي جي چڻنگ مَنَ ۾ پائي گهر رواني ٿي. جدائيءَ جا ڀَڀڙَ ٻرندا ۽ هُوءَ تنهن منجهه پچي راس ٿيندي. جڳ ڪاڻ واٽون روشن ڪندي. ڀوپو واپس ڪنڊيءَ جي ٿڙ وٽ آيو. ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. زريءَ جي بت مان ٻاهر نڪري موگهو ويجهو بيٺو هئس.هاڻ، کيس قابو ڪرڻ اجايو ٿي لڳو. آتما پر قيد ٿيڻ لاءِ بيقرار هئي. ڏک، سرشٽيءَ جو سڀ کان وڏو سچ ٿي اُسرڻ لڳو. آدمين جي نٻل گهڻائي اونداهه کان گهٻرائجي ٻُنڀن پويان لڪل. رات جا اڇوتا راز پروڙڻ کان لاچار.

ڪائنات جو اڌيڪار آهي ته رات جي پوئين پهر پِرڀو، ڌرتيءَ تي پير گهمائي. بادل سندس ڪاڻ هر شيءِ کي غسل ڏئي چڪا. چنڊ، گڏ ڪيل وچن پرماتما آڏو پيش ڪري پاتال ۾ آرامي ٿيندو. سج کي وارو ملندو ته انسان جي ڪمزرو ارادن جي تڪميل لاءِ اٿاهه روشني ۽ گرمائش مهيا ڪري. اڄوڪي رَين ڪاري جي بي وسي، گرڀ وتي گڊيءَ جو گيت، صالح ڀوپي جو موڳاٽ، زريءَ جو نرم ڪنڌ، ڪنڊيءَ قيد ٿيڻ لاءِ موگهي جي بيچيني_ جهڙيون وارداتون آهن. ايندڙ شام کان وري نئين طرح جا واقعا جنم وٺندا. گداڙي اڃا گهڻي سمئه وَرَ جي تلاش ۾ بَن رُلندي. پورب پاسي وڄ جي چمڪاٽ سان غبار اُٿيو. اهو پرڀو هئو. ڦهلاءَ آهستي آهستي هر ننڍي وڏي چيز کي پنهنجي ڀَاڪَر وٺي ڇڏيو . منش اهڙي لمحي گهاٽي ننڊ پئجي رهندو آهي سو صالح ڀوپو به کونگهرا هڻندو رهيو. اولهندي طرف وسندي پڻ آخري سَوپَي ۾ هئي. زري ڪڏهوڪو گهر پهچي چڪي.

گُرو، موگهي جي پٺيءَ هٿ رکي، سِرُ نمائي بيهي رهيو. گڊيءَ جون اکيون بند هيون. ڪاري جو نڙيءَ کان هيٺ لٿل شڪار ڪرنگهي سان لڳل. وني سندس مٿان ويٺل. گداڙي ڪٿي گم ٿي ويل. چنڊ تنهن غبار آڏو پيش ٿي رات جي ڪارگذاري ٻڌائڻ شروع ڪئي. پوءِ هُو پوئين پهر ڳوٺ پويان الوپ ٿيڻ لڳو. پرڀوءَ جو گرجدار ڳالهاءُ سڀني جي ڪن پيو. پاڻ رات سان مخاطب هئو.

“پياري! ازمين تي تنهنجي هُوند مون کي پريان، پولار کان توتائين رسڻ لاءِ ڊوڙا.ئيندي رهي ٿي. منش، هن مانڊاڻ ۾ منهنجي سڀ کان وڻندي تخليق آهي. سندس آٽي کي پورو ڪرڻ لاءِ اي رَين! توکي، کيس حوالي ڪيو اٿم. ڄاتم ته هُو تنهنجي پريم ۾ مون وانگر ورتل رهندو. سانجهه ٿيندي ئي نجس اکيون ٻوٽي سمهيو رهي. اونداهه ان لاءِ ته هُو مون سان گڏ سرشٽيءَ جا اسرار ڄاڻيندو. خوفائتو ٿي ٻِرَن ۾ لڪيو وڃي. منهنجو نانءُ هر گهڙيءَ اُچاريندو رهي ٿو ۽ مون کان پري ڀڄندو پڻ. گرنار ڄاوا گرو! تنهن آڌيءَ مون توکي مڙئي راز ڏنا. تنهنجي تپسيا اجائي نه وئي. هنن کي ٻڌاءِ ته آءُ وچن جو پختو آهيان. نڀاڳي ننڊ ڇڏي رات سان چاهه رکن. باکاٽي کان پهريائين مان وٽن اچي ويندس. کين ٻڌائيندس ته ڪيئن سهنجائي نه پر ڏک، جنسار جي قيمتي وٿ آهي. درد جي رچنا مهل آءُ پاڻ معذور ٿي ويو هئس. هنن کي اُٿاري ڏَس ته مان کين پنهنجي ڀڳل ٻانهن ڏيکارڻ ٿو چاهيان.”

ڌرتيءَ تي درد جو تيز واءَ گُهلي پيو. وڇوڙي ۽ اَپورنتا جي هوا. بي خبر انسان_ پرهه ڦٽيءَ جي ننڊ سمهيل. سهنجاين جا سپنا نهاريندڙ. سج اڀرڻ سان اکيون مهٽيندو اُٿندو. هڪٻئي جو مَاهُه روڙيندو سک جي پويان ڀڄندو.

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو