Home / افيئر / !آمريتي نظام جي بحالي: 26 ارب روپيا پ پ وزيرن جي پيٽ ۾
above article banner

!آمريتي نظام جي بحالي: 26 ارب روپيا پ پ وزيرن جي پيٽ ۾

سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي ٿورن ڏينهن اندر بحالي ۽ خاتمي ۽ وري مشرف جي ناظمي نظام سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس (SLGO ) 2001، جي ٻيهر بحالي واري مامري يعني پهريان صرف ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ مشرفي نظام جي بحالي ۽ باقي ٻين ضلعن ۾ ڪمشنري نظام جي جيئن جو تيئن واري فيصلي ۽ پوءِ سنڌي عوام جي دٻاءَ تي چوويهن ڪلاڪن اندر سڄي سنڌ ۾ مشرفي نظام جي ٻيهر بحالي، ان سڄي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي سياسي ساک جيتري تيزي سان آسمان جي بلندين کي ڇهيو اوترو وري تيزي سان اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو.جيڪي ماڻهو ڪمشنري نظام جي بحالي، ڪراچي جي نام نهاد سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي خاتمي ۽ ڪراچي جي 5 ضلعن جي ٻيهر بحالي ۽ حيدر آباد جي پراڻي حيثيت جي بحالي تي، سنڌ واسين جو مينڊيٽ کيسي ۾ کڻي گهمندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن،وزيرن، ايم اي ايز ۽ ايم پي ايز کي مبارڪون ڏئي رهيا هئا. اهي ساڳيا ئي سنڌ واسي عورتن توڙي ٻارن ٻڍن سميت، هٿن ۾ ڪارا توا ۽ چوڙيون کڻي، انهن جي گهرن، آفيسن، صدارتي ڪئمپن تائين پهچي ويا ۽ سنڌ جي انارڪسٽ مڊل ڪلاس ايم آر ڊي کانپوءِ پهرين ڀيرو سنڌ سان پنهنجن جي هٿان ٿيندڙ تاريخي زيادتي خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين سراپا احتجاج بڻجي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ اڃا جاڳي پئي.ان سڄي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي جا سنڌ سان لاڳاپيل وزير، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جتي پارٽي جي ساک خراب ٿيڻ تي ڏکارا نظر اچي رهيا هئا ان سان گڏوگڏ سندن چهري تي هڪ خاموش “مرڪ” به نظر اچي رهي هئي جنهن جو سبب صرف سنڌ جي 22 ضلعن ۾ موجود 101 تعلقن جي “تعلقه ميونسپل ايڊ منسٽريشن” طور بحالي آهي ڇاڪاڻ ته انهن 101 ٽي ايم ايز جي سال 12_2011 جي بجيٽ 26 اربن کان به وڌيڪ آهي جيڪا سنڌ جي ناڻي کاتي 2001،SLGO جي ٻيهر بحالي جي ٻن ڏينهن اندر بحال ڪري ڇڏي هئي.

 

هونئن ته سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي، ضلعي حڪومت حيدر آباد ۽ ٻين ضلعي حڪومتن جي بجيٽ ۾ لڳ ڀڳ 100 ارب روپين کان به وڌيڪ جي آهي جنهن ۾ رڳو هلندڙ سال 12_2011 جي CDGK ڪراچي جي بجيٽ لڳ ڀڳ 60 ارب روپيا آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت وري 20 ارب روپيا ڊسٽرڪٽ ڊيولپمٽ پروگرام (DDP) جي مد ۾ به سمورين ضلعي حڪومتن لاءِ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ رکيا هئا. جيڪي فنڊز پڻ ٽي ايم ايز جي بحالي سان گڏ بحال ٿي ويا آهن. ايتري ساري بجيٽ باوجود اوهان دادو، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، نوشهرو فيروز ۽ ٻيا ضلعا گهمندو ته اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته گذريل سالن کان سنڌ جي ضلعي حڪومتن ايترا پئسا هر سال ملڻ باوجود ضلعن جي حالت کنڊراتن کان به وڌيڪ خراب نظر ايندي. حيدر آباد ۾ به جيڪڏهن ٿورا گهڻا ڪم ٿيا آهن ته اهي به صرف لطيف آباد ۾ ٿيا آهن باقي قاسم آباد ۽ ٻيا ٻهراڙي وارا علائقا شايد اڄ کان 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه بهتر حالت ۾ هئا. انهن علائقن ۾ ته سواءِ هڪ ٻن فلاحي ادارن جي ٻيو ڪجهه به ڪم نه ٿيو آهي.

ان مان صاف ظاهر آهي ضلعي حڪومت جون اربين روپين جو بجيٽون سڌيون ڪراچي جي “ڀائي لوگن” ۽ سنڌ جي ‘ڀوتارن’ جي کيسي ۾ پونديون رهيون آهن.

اهڙي طرح 101 تعلقن جي سالياني بجيٽ جيڪا 26 ارب روپين کان به وڌيڪ آهي اها بجيٽ به پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز، ايم اين ايز، ضلعي صدرن، تعلقي جي صدرن، سٽي جي صدرن، انهن جي جنرل سيڪريٽريز ۽ ٻين عهديدارن ۾ ماهوار تقسيم ٿئي ٿي. تعلقي جي 26 ارب روپين جي سالياني بجيٽ جي ڊاڪيومينٽ موجب جيڪو “افيئر” وٽ موجود آهي، بدين ضلعي جي تعلقي بدين جي سال 12_2011 جي بجيٽ 22 ڪروڙ 60 لک، ماتلي جي بجيٽ 19 ڪروڙ 90 لک، شهيد فاضل راهو تعلقي جي بجيٽ 18 ڪروڙ 50 لک، تعلقي تعلقي جي بجيٽ 14 ڪروڙ 70 لک، ۽ ٽندوباگو تعلقي جي بجيٽ سالياني بجيٽ 20 ڪروڙ 30 لک، روپيا آهي.

اهري طرح دادو ضلعي جي TMA دادو جي سالياني بجيٽ 20 ڪروڙ 80 لک، TMA جوهي جي بجيٽ 18 ڪروڙ 70 لک، ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهه ٿيل تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي بجيٽ 18 ڪروڙ 60 لک، ۽ ميهڙ جي ٽن ٽي ايم اي جي سالياني بجيٽ 20 ڪروڙ 30 لک روپيا آهي.

حيدر آباد ضلعي جي تعلقي حيدر آباد (ٻهراڙي) جي بجيٽ 18 ڪروڙ 10 لک، TMA حيدر آباد سٽي جي بجيٽ 42 ڪروڙ، لطيف آباد جي بجيٽ، 34 ڪروڙ 50 لک ۽ تعلقي قاسم آباد جي بجيٽ 19 ڪروڙ روپيا آهي.

ساڳي طرح جيڪب آباد ضلعي جي TMA ڳڙهي خيرو جي بجيٽ 9 ڪروڙ 30 لک، TMA جيڪب آباد جي بجيٽ، 16 ڪروڙ 90 لک ۽ TMA ٺل جي بجيٽ 16 ڪروڙ 60 لک، روپيا آهي.

اهڙي طرح ڄامشوري ضلعي جي TMA ڪوٽڙي جي بجيٽ 18 ڪروڙ، 80 لک، مانجهندجي بجيٽ 13 ڪروڙ 40 لک، سيوهڻ جي بجيٽ 23 ڪروڙ ۽ ٿاڻي بولا خان جي بجيٽ 15 ڪروڙ 80 لک روپيا آهي.

گڏوگڏ، صدر آصف علي زرداري جي ضلعي شهيد بينظير آباد جي TMA دولتپور جي بجيٽ 12 ڪروڙ، دوڙ TMA جي بجيٽ 20 ڪروڙ 40 لک، نوابشاهه تعلقو 24 ڪروڙ ۽ سڪرنڊ تعلقي ميونسپل ايڊمنسٽريشن جي بجيٽ 18 ڪروڙ 30 لک، روپيا آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ضلعي خيرپور ميرس جي TMA فيض گنج جي بجيٽ 13 ڪروڙ 50 لک، گمبٽ TMA جي سالياني بجيٽ 15 ڪروڙ 50 لک تعلقي خيرپور ميرس جي بجيٽ 25 ڪروڙ 50 لک، ڪنگري تعلقي جي بجيٽ 13 ڪروڙ 80 لک، ڪوٽڏيجي تعلقي جي بجيٽ 17 ڪروڙ 30 لک، نارا تعلقي جي بجيٽ 21 ڪروڙ 80 لک، سوڀوديرو TMA جي بجيٽ 16 ڪروڙ 70 لک ۽ ٺري مير واهه تعلقي جي بجيٽ 16 ڪروڙ 80 لک روپيا ساليانو آهي.

ٺٽي ضلعي جي TMA جي بجيٽ به ڪنهن کان گهٽ ناهي. تعلقي گهوڙا ٻاري جي سالياني بجيٽ 11 ڪروڙ 90 لک، جاتي جي بجيٽ 18 ڪروڙ 60 لک، ميرپور بٺورو جي بجيٽ 15 ڪروڙ، ميرپور ساڪرو جي بجيٽ 21 ڪروڙ 10 لک، شاهبندر تعلقي جي بجيٽ 16 ڪروڙ 20 لک، سجاول تعلقي جي بجيٽ 12 ڪروڙ 10 لک، ۽ خود ٺٽي تعلقي جي بجيٽ 23 ڪروڙ 60 لک آهي.

عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي ڪنري جي بجيٽ 17 ڪروڙ 70 لک، پٿورو جي بجيٽ 11 ڪروڙ 40 لک، سامارو تعلقي جي بجيٽ 13 ڪروڙ 40 لک روپيا ۽ عمر ڪوٽ TMA جي بجيٽ به 27 ڪروڙ 60 لک رويپا آهي.

پورا اٺ سال ناصر شاهه جا ضلعي ناظمي ۾ رهندڙ سکر ضلعي جي تعلقي نيو سکر جي بجيٽ 16 ڪروڙ 10 لک، پنو عاقل جي بجيٽ 20 ڪروڙ 70 لک، روهڙي جي بجيٽ 29 ڪروڙ، صالح پٽ تعلقي جي بجيٽ 14 ڪروڙ 30 لک روپيا ۽ سکر سٽي TMA جي بجيٽ 25 ڪروڙ روپيا آهي.

مٿي ذڪر ڪيل تعلقي جي بجيٽ مان سنڌ جي سمورن 101 تعلقن جي ميونسپل ايڊمنسٽريشن بابت اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هر تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن جي ماهوار بجيٽ ڪروڙ سوا ڪروڙ، ڏيڍ ڪروڙ ۽ 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ سنڌ جي سمورن تعلقن کي اهي رقمون گذريل 10 سالن کان ماهوار ملي رهي آهي جيڪي هر دورجا سياسي حاڪم ڦٻائيندا رهن ٿا.

سنڌ جي هڪ ٽي ايم اي جي آفيسر نالو نه ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي “افيئر” کي ٻڌايو ته اسان جي ٽي ايم اي جي اڪائونٽ ۾ ماهوار ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ فنڊ اچي ٿو بعد مان پگهارن ۽ ٻيو ضروري خرچ لڳ ڀڳ 50 لک روپيا آهي باقي پئسا حد جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي حڪم سان اڳتي پوئتي ٿيندا رهن ٿا. اهڙي طرح هڪ ٻئي TMA جي تعلقه آفيسر (فنانس) “افيئر” کي ٻڌايو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، جي سالگرهن، ورسين، پي پي پي جي يوم تاسيس ۽ ٻين مقامي پروگرامن جي نالي تي TMA مان ڳريون رقمون ڪڍرايون وينديون آهن. ان کان سواءِ پيپلز پارٽي تعلقي جي صدر، سٽي جي صدر ۽ سيڪريٽريز جنرلن جون به منٿليون مقرر ٿيل آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايم پي اي صاحب جي 4 پراڊو گاڏين جو تيل به TMA جي بجيٽ مان ڀربو آهي. هڪ ٻئي آفيسر ته اهو به انڪشاف ڪيو ته اسانجي TMA جي بجيٽ مان هر مهيني 30 لک MPA صاحب ۽ 30 لک MPA صاحب جي اڪائونٽ ۾ ويندا آهن. باقي رقمون وري مقامي “جيالن” جي کيسن کي گرم ڪنديون آهن. ان سڄي صورتحال ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته پي پي پي جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي چهرن تي SLGO2001 جي ٻيهر بحالي سان مرڪ ڇو اچي وئي آهي.

مڪاني ادارن واري کاتي جي اعليٰ آفيسرن انڪشاف ڪندي “افيئر” کي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي وارا ڀلي کڻي ڪمشنري نظام جي بحالي تي زور ڏئي رهيا هئا پر سندن دليون اندر ئي اندر ۾ رت جا ڳوڙها به ڳاڙي رهيون هيون.

هن ٻڌايو ته ڪيترائي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز گروپن جي شڪل ۾ آغا سراج دراني ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان به مليا هئا. جن ملاقات ۾ اهو موقف رکيو هو ته ٻيو کڻي ڀلي ڪمشنري نظام هجي پر خدارا TMA ته بحال ڪيو.

سندن چواڻي ته ٽي ايم ايز جي فنڊز جي خاتمي جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي تنظيم جا مقامي سطح تي معاشي مامرا رلي رهيا آهن ۽ اسان ايم پي ايز ايم اين ايز وٽ ايترا پئسا ناهن جو پارٽي کي Fuel فراهم ڪيون. هن آفيسر اهو به ٻڌايو ته ٽي ايم ايز جي فنڊز جي خاتمي سان ئي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ته انگريزي شراب به پيئڻ ڇڏي ڏنو هو. پيپلز پارٽي طرفان سنڌ سان ٿيل اهڙي تاريخي ويساهه گهاٽي تي ڀلي سنڌ واسين جا چهرا مرجهائجي ويا آهن پر SLGO2001 جي ٻيهر بحالي جي صورت ۾ ٽي ايم ايز جا 26 ارب روپين وارا فنڊ بحال ٿيڻ جي ڪري پي پي پي جي چونديل نمائندن جي چهرن تي رونقون خوب نظر اچي رهيون آهن. جيڪڏهن اڄ به TMA`sجون بجيٽو صحيح طريقي سان خرچ ڪيون وڃن ته مقامي سطح تي ڪيترائي اهم معاملا صوبائي حڪومت جي سهڪار نه ڪرڻ باوجود حل ٿي سگهن ٿا.

پر پوءِ چونڊيل نمائيدا ڪوئيٽا جي رستي آندل وڏين گاڏين تي گهمڻ بجاءِ سي اين جي ڪارن تي ئي گهمي ڦري سگهندا.

ليکڪ انگريزي اخبار ”روزاني بزنس رڪارڊز” ۾ اسٽاف رپورٽر آهي.

 

ياسر ٻٻر

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو