Home / شوبز / !ايش ۽ سلمان جي وڇوڙي جا وڍ سنجي ليلا ڀوڳڻ تي مجبور
above article banner

!ايش ۽ سلمان جي وڇوڙي جا وڍ سنجي ليلا ڀوڳڻ تي مجبور

بالي ووڊ جي راڻي ايشوريا راءِ ۽ سپر اسٽار سلمان خان جي عشق جا چرچا ملڪان ملڪ مشهور ٿيا، پر بدقسمتيءَ سان سندن وصال نه ٿي سگهيو. ايشوريا جي دل ته سلمان سان گهڻيئي هئي، پر هو سندس مائٽن کي قبول نه پيو ۽ نيٺ هوءَ اڀيشيڪ سان پرڻجي وئي ۽ هاڻ ماءُ به بڻجڻ واري آهي،. پر سلمان خان اڃا تائين ڌڪا کائيندو وتي. 10ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سنجي ليلا ڀنسالي جي رليز ٿيل فلم “هم دل دي چُڪي صنم” به ايتري ئي مشهوري ماڻي جيتري ايش-سلمان پريم ڪهاڻي. “هم دل دي چڪي صنم” سپرهٽ ٿيڻ بعد 2003ع ۾ سنجي ليلا ڀنسالي هڪ ناول تي ٻڌل فلم “بجرائو مستاني” ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان فلم جو ڪم به شروع ٿي ويو، فلم جا هيرو هيروئن پڻ سلمان ۽ ايش هئا، پر جيئن ئي سندن ناتو ٽٽو فلم جو ڪم به رُلي ويو. ڊائريڪٽر سنجي ليلا ڀنسالي لاءِ هيءَ فلم ڊريم پروجيڪٽ جي حيثيت رکي ٿي، جنهن کي ٺاهڻ لاءِ هن وڏا وس ڪيا، نيٺ 2005ع ۾ ايشوريا جي جاءِ تي هن ڪرينا ڪپور کي ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر پوءِ به ڳالهه نه ٺهي. هاڻ هيءَ فلم جيڪا سنجي ليلا ڀنسالي لاءِ تمام وڏو خواب آهي، هڪ چئلينج بڻجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته ايش ۽ سلمان جي خراب ٿيل لاڳاپن سبب اهو ممڪن ئي ناهي ته هو ٻئي فلم ۾ گڏ ڪاسٽ ٿين، جڏهن ته سنجي ليلا هر قيمت تي سلمان کي هيرو طور ڪاسٽ ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن ته سنجي ليلا جي فلمي دوستن کيس صلاح ڏني آهي ته فلم مان سلمان خان کي ڊراپ ڪري سندس جاءِ تي اجي ديوگن کي ڪاسٽ ڪيو وڃي جڏهن ته “مستاني” جو ڪردار ڪرينا ڪپور کان ڪرايو وڃي ته فلم کي چار چنڊ لڳي ويندا. بهرحال سلمان ۽ ايشوريا راءِ جي وڇوڙي سنجي ليلا ڀنسالي کي وڏي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن کي هو اڄ ڏينهن تائين ڀوڳي رهيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو