Home / افيئر / !آمريڪي فوجون 2024 تائين افغانستان ۾ رهنديون
above article banner

!آمريڪي فوجون 2024 تائين افغانستان ۾ رهنديون

برطانوي رسالي ڊيلي ٽيليگراف انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ افغانستان هڪ اهڙي اسٽريٽجڪ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي ويجهو پهچي چڪا آهن جنهن تحت آمريڪي فوج 2024 تائين افغانستان ۾رهندي. آمريڪا هر صورت ۾ پاڪستان، ايران، چين ويجهو موجود رهڻ چاهي ٿو. پاڪستان ۽ ايران اهڙي ڪنهن امڪاني معاهدي جي مخالفت ڪري رهيا آهن. معاهدي هيٺ نه رڳو فوجي ٽرينرز کي افغان فوج ۽ پوليس کي تربيت ڏيڻ لاءِ رهڻ جي اجازت هوندي بلڪه آمريڪا جي اسپيشل فورسز ۽ فضائي طاقت به موجود رهندي. افغان صدر حامد ڪرزئي جي امن ڪائونسل جي اعليٰ عهديدار مطابق ان ڳالهه جو به خدشو آهي ته اهڙي امڪاني معاهدي کي طالبان به رد ڪري ڇڏيندا. جنهن سان امن ڳالهين لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي به نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. افغان ۽ آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال ڊسمبر ۾ افغانستان بابت جون ۾ ڪانفرنس کان اڳ امڪاني معاهدي تي صحيحون ٿي وينديون. گذريل هفتي آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ حامد ڪرزئي ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي قومي سلامتي جا صلاحڪار هلندڙ مهيني واشنگٽن ۾ ملاقات ڪندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو