Home / شوبز / !انوشڪا جو نئون پيار
above article banner

!انوشڪا جو نئون پيار

فلم “بينڊ بجا بارات” کان نيهن جو ناتو اٽڪائيندڙ انوشڪا شرما ۽ رنوير سنگهه هاڻ ڇڊا ٿي ويا آهن. سندن پيار ڪهاڻي جيڪا عروج تي هئي، ان کي زوال اچي ويو آهي. انوشڪا – رنوير جي جوڙي ماضيءَ جو قصو آهي. انوشڪا جي مستقبل جي خبر ناهي، پر سندس حال نئين هيرو ارجن ڪپور سان سلهاڙجي ويو آهي، جنهن سان هوءَ اڄڪلهه گهمندي ڦرندي ۽ دعوتن ۾ گڏ نظر اچي ٿي. اهو نئون جوڙو هڪ ٻئي سان تمام ويجهو ۽ ڏاڍو خوش نظر اچي پيو، جنهن جو مثال تازو ئي هڪ تقريب ۾ نظر آيو، جڏهن انوشڪا ۽ ارجن ڪپور هڪ ٻئي سان گڏ گڏ ٽهڪ ڏيندي، ڪچهريون ڪندي نظر آيا. ارجن ڪپور مشهور فلم ميڪر بوني ڪپور جو پٽ آهي، جنهن کي يش راج بينر جي نئين فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ان فلم جي هيروئن اڃا فائنل نه ٿي آهي ۽ فلم جي هيروئن لاءِ ڪيترن ئي نون چهرن جي اسڪرين ٽيسٽ پڻ ٿي چڪي آهي، پر گهڻو امڪان اهو آهي ته فلم لاءِ انوشڪا شرما کي ئي ڪاسٽ ڪيو ويندو، جنهن جي ڪيمسٽري ارجن ڪپور سان تمام گهڻي ٺهڪي وئي آهي. رنوير سنگهه ۽ انوشڪا جي پيار ڪهاڻي انت تي پهتي، هاڻ ارجن ڪپور جو وارو آهي. ڏسجي ته هي پيار ڪهاڻي ڪٿي ٿي دنگ ڪري.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو