Home / ويندي ويندي / ايشيا جو وڏي ۾ وڏو گٽر
above article banner

ايشيا جو وڏي ۾ وڏو گٽر

هيل سانوڻي جي مند شروع ٿيڻ کان اڳ اهي اطلاع اچڻ شروع ٿي ويا ته اترين علائقن ۾ برف جي وقت کان اڳ رجڻ ۽ ججهي برسات سبب سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه ٿيندو ۽ سنڌ ۾ جيئن ته گذريل سال آيل ٻوڏ کانپوءِ اڪثر درياهي ۽ ٻين بچاءُ بندن ۾ لڳل گهارن تي جيئن ته ڪم نه ٿي سگهيو آهي، ان ڪري هيل به سنڌ ۾ ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي. اسان تن ڏينهن ۾ ويندي ويندي لکيوسين ته سنڌ ان صورت ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ بڻجي ويندي. اسان کي ڪهڙي خبر ته هيل سنڌ کي درياهي پاڻي نه پر گٽر ۽ ناليون ٻوڙينديون. گذريل سوا مهيني کان جاري سنڌ ۾ چوماسي جي برساتن سنڌ جي ٻه ڀاڱي ٽي حصي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. ماڻهن جا بيٺل فصل لڙهي يا سڙي ويا آهن، گهر جهري يا ڊهي ويا آهن، ماڻهو دربدر آهن ۽ الله ٿو ڄاڻي ته اها صورتحال ڪٿي دنگ ڪندي.

پر برساتون ته رحمت هونديون آهن. سنڌ سالن کان سڪايل هئي. سنڌ ۾ زير زمين پاڻي مسلسل خشڪ سالي سبب زهريلو ٿي رهيو هو، زير زمين پاڻي اڳ ستر فٽ تي ملندو هو ته هاڻ اهو ٻه سئو فٽ تي به نه ٿي مليو. ان ڪري برسات سبب زير زمين پاڻي مٺو ٿيندو، پاڻي جي سطح مٿي چڙهندي، برسات ته سنڌ لاءِ ڌڻي جي ٻاجهه آهي، هي سڄي هاءِ گهوڙا ڇا لاءِ آهي؟

سائين منهنجا، اسان جي ڪامورن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ سياسي اڳواڻن گذريل سٺ سالن کان سنڌ اندر جيڪا به ترقي پسند رٿابندي ڪئي، اڄ ان سنڌ کي پنهنجي ئي گٽرن جي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.

اڳي اڳي ٺاهيائون ايل بي او ڊي، پوءِ آر بي او ڊي، مٿان سنڌ ۾ جاءِ جاءِ تي اهڙا روڊ رستا جتان پاڻي جي قدرتي وهڪرن جا گس بند ٿيل. شهرن جي رٿا اهڙي ڪيل جو نه پارڪ لاءِ جاءِ ڇڏيل نه نيڪال جي پاڻيءَ لاءِ. ڪامورا ته پري عام ماڻهو جي به حرص جي حد ته هُنن قبضا ڪري مُردن کي به مقامن تان اٿاري ڇڏيو. شهرن ۾ ڪا جاءِ نه ڇڏيائون جتان پاڻي کي ڪو گس ملي ته اهو پنهنجي صدين پراڻي دڳ تان گذري ڪنهن ڍنڍ، يا تلاءَ تي پهچي. ظاهر آ ته پوءِ ته ايئن ٿيڻو هو ته پاڻي پنهنجا نوان دڳ ٺاهي گهرن ۾ گهڙي پيو، پاڙن ۽ گهٽين ۾ بيهي ويو، فصلن مان پاڻي ڪڍي ڪاڏي ڪڍن؟ ڪنهن ٻني جي ڀر ۾ ڪو ڍورو نه ڇڏيو، گذريل سال جي Super Flood جي جاءِ تي هن سال Super Drain سنڌ ۾ آيل آهي، “لاڙ ۽ ٿر جي تباهي برسات بجاءِ LBOD ڪئي آهي“ ان نتيجي تي پهچڻ لاءِ اوهان کي ادريس راجپوت ناهي ٿيڻو.

هاڻ مسئلو اهو آهي ته درياهي پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ ته اسان بچاءُ بند ٻڌا آهن، جيڪي گهارن لڳڻ کان پوءِ مرمت ٿين ٿا. پر انساني ظرف ۽ ضمير کي لڳل گهارن، جن جي نتيجي ۾ برساتون رحمت بجاءِ زحمت بڻجي وڃن ٿيون، کي ڪير بند ٻڌندو. اسان جون ترقياتي رٿائون فضيلت ڀريون هجن ۽ اسان پاڻيءَ کي به ساهدار جيان دڳ ڏيڻ لاءِ حرص ڇڏيون ته هوند اهڙيون برساتون سنڌ کي وڌيڪ رومانٽڪ ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏين، پر ڪامورن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ سياستدانن جي گٽر دماغن کي ڪاڏي ڪجي جنهن اڄ سڄي سنڌ کي به گٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

منهن به پنهنجو موچڙو به پنهنجو.


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو