Home / شوبز / !آسن کي ڪپور ڀائرن ڌيءَ بڻائي ورتو
above article banner

!آسن کي ڪپور ڀائرن ڌيءَ بڻائي ورتو

 

پنهنجي معصوم مهانڊي سبب اداڪاره آسن هونئن ته سڀني جون دليون کٽي ورتيون آهن، پر ڪپور ڀائر (رِشي ۽ رنڌير) سندس معصوميت سبب کيس تمام گهڻو ڀائين ٿيا. اهو ئي سبب آهي جو تازو پنهنجي دور جي مشهور هيروز رنڌير ۽ رشي ڪپور هڪ فلم جي شوٽنگ دوران آسن کي پنهنجي ڌيءَ بڻائي ورتو آهي. اهو اعلان به عجيب اتفاق سان ٿيو جو “فلم هائوس فلم 2” ۾ اداڪاره رشي ڪپور آسن جي پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان فلم ۾ رنڌير ڪپور آسن جو چاچو بڻيو آهي. ساجد نڊياڊوالا جي ان فلم جي شوٽنگ اڄڪلهه لنڊن ۾ هلندڙ آهي، فلم جي هڪ منظر ۾ اداڪارن جي جذباتي اداڪاري سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا، ان ئي منظر بعد فلم جي سموري ٽيم آڏو ڪپور ڀائرن اداڪاره آسن کي پنهنجي ڌيءَ بنائڻ جو اعلان ڪيو. اهو اعزاز ملڻ تي اڄڪلهه اداڪاره آسن ڪپڙن ۾ نٿي ماپي. هوءَ ٻن وڏن اداڪارن جي ڌيءَ بڻجڻ تي ڏاڍي خوش نظر اچي ٿي. رنڌير ڪپور ته آسن جو هر ڪنهن سان پنهنجي ڌيءَ طور تعارف ڪرائڻ لڳو آهي. فلم جي شوٽنگ پڄاڻان رنڌير ڪپور لنڊن جي هڪ ريسٽورينٽ ۾ مئنيجر کي ٻڌايو ته هوءَ سندس ڌيءَ آهي. هوڏانهن رشي ڪپور به ڀارت ۾ موجود سندس زال نيتو ڪپور کي سندس نئين ڌيءَ سان ملائڻ لاءِ بيتاب آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو