Home / افيئر / !بلوچستان ۾ وڌندڙ آمريڪي دلچسپي: حڪومتي ڌرين ۾ ٿرٿلو
above article banner

!بلوچستان ۾ وڌندڙ آمريڪي دلچسپي: حڪومتي ڌرين ۾ ٿرٿلو

پهرين آگسٽ تي پاڪستاني فوج جو سربراهه جنرل اشفاق پرويز ڪياني بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا آيو ۽ گيريزن اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ ڪوئيٽا انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي افتتاحي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ مزاحمت ڪندڙن سان سڌي ريت ڳالهائڻ جو اختيار فوج وٽ ناهي ڇوته هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت آهي ۽ اهو ڪم سياسي قيادت جي ذميوارين ۾ اچي ٿو. لاپته ماڻهن جي چچريل لاشن واري معاملي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي هن اهو موقف اختيارڪيو ته بلوچستان ۾ سياسي ڪارڪنن جي اغوا يا چچريل لاشن ملڻ سان فوج، ايف آءِ اي، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جو تعلق ناهي نه وري اهي ان ۾ ملوث آهن. هن بلوچ اڳواڻ حبيب جالب جي قتل جو مثال ڏيندي چيو ته سندس قتل جو ذميوار پهرين ايجنسين کي ڪوٺيو ويو پر پوءِ اڳتي هلي اهو ثابت ٿيو ته سندس قتل ۾ پنهنجا مائٽ ملوث هئا.

جنرل ڪياني جو اهو پڻ چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ڪوبه فوجي آپريشن نه ٿي رهيو آهي ۽ ان حوالي سان ڦهليل تاثر درست ناهي. باقي جتي گڙٻڙ ٿيندي آهي اتي فرنٽيئر ڪور ڪارروائي ڪندي آهي.

ٻئي طرف بلوچ قومپرست اڳواڻن ۽ مزاحمتڪارن بلوچ نوجوانن کي لاپتا ڪري سندن گولين سان پروڻ ٿيل لاش اڇلائڻ جي معاملي کان فوج ۽ ان جي ماتحت ادارن جي لاتعلقي کي رد ڪندي چيو آهي ته انساني حقن جي عالمي ادارن جي رپورٽن جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ سڄي دنيا کي خبر پئجي چڪي آهي ته بلوچستان ۾ بلوچ سياسي ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ ۽ سندن چچريل لاش اڇلائڻ ۾ دفائي اداري جا ماڻهو ملوث آهن. ان ڪري دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ نٿي وجهي سگهجي.

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل، فوج جي سربراهه جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته “پنهنجي گناهن تي پردو وجهڻ خاطر رياستي ادارا ملندڙ لاشن بابت بلوچن جي پاڻ ۾ ويڙهه جو تاثر ڏئي رهيا آهن. ليڪن بلوچن جي پاڻ ۾ ويڙهه انهي نهج تي ناهي جو اهي وحشياڻي انداز ۾ هڪٻئي کي قتل ڪري چچريل لاش اڇلائن”

هڪ پاسي جتي فوج بلوچستان اندر پنهنجن منصوبن کي وسعت ڏيڻ شروع ڪئي آهي ته ٻئي طرف عالمي قوتن خاص طور تي چين ۽ آمريڪا اُتي پنهنجي سرگرمين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي. آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر هڪ ڀيرو وري بلوچستان جو دورو ڪيو، جتي هن مختلف سياسي اڳواڻن ۽ قبائلي وڏڙن سان ملاقاتون ڪيون. هن بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر اسلم ڀوتاڻي سان به ملاقات ڪئي. ڪيمرون منٽر بلوچستان جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته بلوچستان آمريڪا لاءِ اهميت رکي ٿو، ان جي مسئلن جو حل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر اسلم ڀوتاڻي سان سندس چيمبر ۾ ملاقات کانپوءِ آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته “اسان جمهوري ادارن جي استحڪام ۾ يقين رکون ٿا. اسان کي بلوچستان جي صورتحال جو اندازو آهي. بلوچستان حڪومت جا سمورا مسئلا حل ڪنداسين اسان صوبي ۾ ترقي جا خواهشمند آهيون ۽ پاڪستان ۾ ڊگهي مدي واري منصوبي جي تڪميل ۽ جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوريت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. بلوچستان جا ماڻهو ملنسار آهن ۽ هميشھ وٽانئن محبت ملي آهي. بلوچستان ۾ نون ڊيمن جي اڏاوت جي سلسلي ۾ صوبائي حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. صوبي ۾ آمريڪي سهڪار سان جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ امداد مهيا ڪندا رهنداسين. پاڪستان کي جڏهن به اسان جي ضرورت پوندي اسان ان جي مدد لاءِ موجود هونداسين”

هن جو چوڻ هو ته اسپيڪر بلوچستان اسيمبلي سان ملاقات ۾ بلوچستان جي مجموعي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ملاقات دوران صوبي ۾ پاڻي ۽ تعليم جي شعبي ۾ درپيش مسئلن ۽ ٻين گڏيل دلچسپي جي مامرن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن گوادر پورٽ لاءِ روڊ نيٽ ورڪ کي فعال ڪيو وڃي ته صوبي ۾ ترقي جا موقعا اڃا وڌندا.

آمريڪي سفير بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي سان به ملاقات ڪئي. آمريڪي سفير بلوچستان جي ترقي ۾ گهري دلچسپي وٺندي چيو ته صوبائي حڪومت جن شعبن جي نشاندهي ڪندي آمريڪا انهن شعبن ۾ ڀرپور سهڪار مهيا ڪندو. وزير اعليٰ آمريڪي سفير کي ٻڌايو ته بلوچستان کي مواصلات، تعليم، صحت، زراعت ۽ خاص ڪري فني تعليم جي شعبن ۾ مدد جي ضرورت آهي. هن نيٽو جي رسد گوادر بندر گاهه وسيلي گهرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ايئن ٿيڻ سان علائقي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي.ملاقات دوران بلوچسان ۾ سيڙپڪاري بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي سفير جو چوڻ هوته منهنجي خيال ۾ صوبي ۾ واپاري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ بلوچستان کي دنيا لاءِ کولي ڇڏڻ گهرجي.

ان موقعي تي وزير اعليٰ بلوچستان اهو پڻ چيو ته پاڪستان جو وجود اسان لاءِ اڻٽر آهي مفاهمتي پاليسي وسيلي ناراض دوستن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ چاهيون ٿا. ملان عمر ۽ ايمن الظواهري هتي ناهن، نه وري ڪوئيٽا شوريٰ جو ڪو وجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچ ۽ پٺاڻ هتي صدين کان آباد آهن ۽ سندن وچ ۾ ڪوبه اختلاف ناهي. گم ٿيل ماڻهن بابت اسان کي به ڳڻتي آهي، ان سلسلي ۾ سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي. اهو مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.

جڏهن ته مختلف حلقن طرفان آمريڪي سفير جي دوري تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي مذهبي جماعتن جو چوڻ آهي ته آمريڪا طرفان لڳاتار بلوچستان جا دورا نه رڳو هتي آمريڪي سفارتخانو کولڻ جي ڪڙي آهن بلڪه هتان جي اَمن کي خراب ڪري هتي مستقبل ۾ ڊرون حملا ڪرڻ پڻ آهي.

جماعت اسلامي بلوچستان جي امير عبداالمتين خوانزاده جتي آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر جي دوري تي تنقيد ڪئي آهي، اتي هن اهو پڻ چيو آهي ته حڪمرانن فوجي ڪاررواين وسيلي بلوچن جي هٿياربند ۽ سياسي مزاحمت چيڀاٽڻ لاءِ طاقت جو استعمال پئي ڪيو آهي. فوج، پيرا ملٽري فورسز ۽ ڳجها ادارا ماوراءِ قانون قتل، سياسي قيادت ۽ ڪارڪنن ۾ خوف، هراس ڦهلائڻ، سندن اغوا ۽ مٿن غير انساني تشدد جي حوالي سان بلوچن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن. انساني ۽ شهري حقن کي هميشھ پيرن هيٺان لتاڙيو ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ حڪمران بلوچ عوام کان ڪهڙي چڱائي جي اميد رکن ٿا.

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو