Home / پروفائيل / ٻريا ٻه پل وسامڻ کان اڳ ۾
above article banner

ٻريا ٻه پل وسامڻ کان اڳ ۾

”پنهنجي ٿوري عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به منهنجي احساس کي اُٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙا ئي احساس اُٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا، جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.

اهي لفظ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي پهرينءَ شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن، جيڪڏهن تنوير عباسيءَ جي زندگيءَ کي انهن لفظن تي پرکبو ته انهن تي پوري لهندي نظر ايندي.

تنوير عباسيءَ جو اصل نالو ”نور نبي عباسي“ آهي ۽ ’تنوير‘ تخلص اٿس. خيرپور ضلعي (ان وقت رياست) جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ گل حسن عباسي جي گهر ۾ 7ڊسمبر1934ع تي ڄائو. پرائمري تعليم نوشهري فيروز ۾ شروع ڪيائين. ٻين درجي کان مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشوري مان ايم-بي-بي-ايس جو امتحان پاس ڪيائين. ان وقت کان وٺي، پنهنجي وفات کان ٻه هفتا اڳ تائين پاڻ خيرپور ۾ رهيو ۽ خانگي اسپتال هلائيندو رهيو.

تنوير عباسيءَ جو پهريون شعر ”فنڪار“ (حيدرآباد) ۾ 1950ع ۾ ڇپيو. ’تنوير‘ کان اڳ پاڻ ”مغموم“ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس پهريون شعري مجموعو ”رڳون ٿيون رباب“ 1958ع ۾ ڇپيو. تنوير عباسي شاعري کان سواءِ تحقيق، تدوين، ترتيب، اڀياس، سفرناما لکيا۽ ترجما پڻ ڪيا. انهيءَ کان سواءِ پاڻ هڪ ڪهاڻي ”لوئي“ پڻ لکيائين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي سٺين ڪهاڻي ۾ شمار ٿئي ٿي، جيڪا ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپي. ان کان سواءِ، پنهنجي شروعاتي ادبي زندگيءَ ۾ هڪ ناول پڻ لکيائين، جيڪو اڻ ڇپيل ئي رهيو. سندس ڪجهه شاعري انگريزي ،پنجابي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپي.

تنوير عباسي ڪيترن ئي ادبي ادارن جو صلاڪار ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ سچل چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو صلاڪار ۽ ڊائريڪٽر ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سچل اڪيدمي خيرپور، ميمبر-بورڊ آف ايڊوائيزر سنڌالاجي، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ميمبر ريجنل ايڊوائيزري ڪاميٽي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ سيڪريٽري ”سچل يادگار ڪميٽي سنڌ“ شامل آهن.

ڊاڪٽر تنوير عباسي، شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ سچل چيئر جوخيال ڏيندڙ ۽ اُن جو سربراهه رهيو ۽ سنڌي شعبي ۾ ايم-فل ۽ پي-ايڇ-ڊي جي اسڪروٽني ڪاميٽي جو ميمبر ۽ اعزازي ليڪچرار پڻ رهيو.

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جونالو ٻه ڀيرا لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور نامزد ٿيو، پر تر جي با اثر قوتن جي سخت مخالفت سبب کيس انهي عهدي تي اچڻ نه ڏنو ويو.

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ 1966ع کان 1969ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو ۽ سنگت جي شاخن ۽ مرڪز جي جوڙجڪ ۽ ڪار وهنوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

تنوير عباسيءَ لکڻ جي شروعات شاعري کان ڪئي، پر اڳتي هلي سندس ڌيان تخليق کان وڌيڪ تحقيق ڏانهن ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ لطيفيات، سچليات ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تي تحقيقي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا، جن جو وچور هيٺين ريت آهي.

شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ شعر تي، سنڌي زبان جي عالمن ۽ محققن گهڻو ڪم ڪيو آهي، پر تنوير عباسي روايتي انداز بدران ڏيهي ۽ پرڏيهي نقادن جي راين جي روشني ۾ شاهه جي فن کي پرکيو ۽ پروڙيو، جيئن شاهه جي شعر کي عالمي معيارن موجب پرکي ۽ پروڙي سگهجي .انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪيل شاهه لطيف جي شاعري تي تحقيقي ڪم جو پهريون جلد 1976ع ۾ ۽ ٻيو 1985ع ۾ ڇپيو ۽ اڳتي هلي جڏهن ٽيون جلد لکيائين ته پهرين ٻن جلدن سان گڏ 1989ع ۾ ٽنهي جلدن کي شايع ڪيو ويو۽ اڳتي هلي هر نئين ڇاپي ۾ هڪ اڌ مضمون جو واڌارو ڪندو ويو. شاهه لطيف تي سندس اهو ڪم نهايت اهم نوعيت جو ۽ سائنسي بنيادن تي ٻڌل آهي، جنهن جي سنڌ جي ادبي حلقن گهڻي پذيرائي ڪئي ۽ پسند ڪيو. تنهن کان سواءِ 1975هه جي شاهه جي رسالي تي تحقيق ۽ ترتيب جي بٺيءَ مان ڪڍي ’مسودي‘ جي شڪل ڏنيم جيڪو اڃا نه ڇپيو آهي. يقيناً اهو رسالو به لطيفيات جي حوالي سان قابل قدر اضافو ٿيندو.

سچل تي ڪم ڪندي، تنوير عباسيءَ سچل جي ٻن عقيدتمند شاعرن، نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام سهيڙي، سموهي ڀيٽي ڌار ڪتابن ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ (1982ع) ۽’خوش خير محمدهيسياڻيءَ جو ڪلام‘(1982ع) شايع ڪرايو، جيڪي ٻيئي ڪتاب ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران ڇپرايا ويا آهن. انهن ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ تي سچل سائينءَ جي اسلوب توڙي، فڪر جي ڇاپ آهي. پر هنن سرمست جي روايتن کي اسلوب توڙي فڪري لحاظ کان به اڳتي وڌايو.

لطيف کان پوءِ تنوير عباسي ”سچل سرمست“ تي پڻ ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ڪرايو. جيئن ته لطيف يونيورسٽي ۾ ”سچل چيئر“ جو خاڪو سندس ئي ڏنل هو، تنهن ڪري ”سچل چيئر“ جي برپا ٿيڻ سان پاڻ انهيءَ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ سچل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري هئڻ جي ناتي هر سال درازن ۾ ٿيندڙ ’سچل سائين‘ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا ۽ ٻيو ”سچل چيئر“ ۾ ٿيل تحقيقي ڪم چيئر پاران نڪرندڙ ’سرمست‘ ۾ ترتيب ڏيئي ڇپايو. سندس نگرانيءَ ۾ اهڙيون يارهن ڪڙيون نڪتيون، جن جي نڪرڻ جو زمانو 1980ع کان 1991ع آهي. تنهن کان سواءِ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڻ چونڊ ۽ ترتيب ڏيئي ”سچل سرمست“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.

”سچل چيئر“ پاران ئي پاڻ ”سچل جو ڪلام“ مختلف رسالا ڀيٽي تحقيق ڪري، ترتيب ڏنائون، جيڪو ڇپائيءَ هيٺ آهي. البت اهو ضرور آهي. ته جيِئن شاهه لطيف جي شاعري تي سندس ڌار اڀياسي ڪتاب آهي، تيئن سچل جي شاعري تي ڪونهي، سندس سچل تي لکيل مقالن کي ترتيب ڏيئي ڌار ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو.

تنوير عباسي هڪ ويٽنامي ناول ”جي ماريا نه موت“ جو پڻ ترجمو ڪيو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1973ع ۾ ڇپيو، انهيءَ انقلابي ناول جا اڳتي هلي ڪيترائي ڇاپا ڇپيا ۽ سنڌ جي قومي ۽ انقلابي ڪارڪنن لاءِ وڏي اُتساهه ڏياريندڙ ڪتاب آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف تمام گهڻي مقبول رهي آهي. تنويرعباسيءَ جا ٻه سفرنامه ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ (1984ع) ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ (2000ع) ۾ ڇپيا. جيئن ته تنوير صاحب بنيادي طور تي شاعر هو. تنهن ڪري سندس سفرنامن ۾ شاعراڻو عنصر پڻ شامل ٿي وڃي ٿو. سندس سفرنامي ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ جي باري ۾ ڪتاب جو پبلشر طارق اشرف لکي ٿو:

”تنوير جي هن سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سفرنامو ڇا آهي ۽ ڪيئن لکجي. مان نٿو سمجهان ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفرنامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي.“

سندس هڪ ٽيون ”دبئي“ جو سفرنامو به آهي، جيڪو سندس ڪتاب ”ترورا“ ۾ ’چنڊ ٻه ٽڪر‘ جي نالي سان ڏنل آهي.

تنوير عباسيِءَ بنيادي طور تي شاعر هو ۽ تنوير کان اڳ ”مغموم“ تخلص استعمال ڪندو هو. انهيءَ تبديليءَ واري سفر جي روداد ۽ سبب بيان ڪندي، هڪ انٽرويو ۾ پاڻ چيو اٿائين.

”اُهي ٻن قسمن جا سبب هئا هڪڙا داخلي، ٻيا خارجي.ان وقت مان ’بزم خليل‘ ۾ عروض سکندو هوس ۽ جمعيت الشعراءِ واري دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس. مون محسوس ڪيو ته اها شاعري فقط غزل تائين محدود هئي ۽ غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيا لفظ، جملا، ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال ورائي ورائي ڪتب آندا وينداهئا.

اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه ديوان پڙهو تڏهن به ساڳئي ڳالهه.وري جڏهن فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم. پتو پيو ته فارسي وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري بيٺا آهن، اهي اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌي ۾ اچڻ لڳيون آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾ جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اُڃ، انهيءَ ٻوليءَ واري مواد ۽ روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿئي. ٻيو ته مون ڏٺو، منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن وارن پيڙيل، ڏتڙِيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن، انهن سان به ڪو رشتو آهي. وطن ۽ ويڙهيچن سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا پنهنجا آهن، انهن جا ڏک ۽ سُور جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي، تيستائين اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي ڏک، درد اوريا وڃن، سو اهي ڳالهيون هيون، جن مون کي مغموم مان تنوير بنايو.“

پاڻ انهيءَ سفر ۾ پنهنجي شاعريءَ جا خوب جوهر ڏيکاريائين ۽ سندس شاعري جا پنج ڪتاب ڇپيا، جن جا نالا هي آهن. ”رڳون ٿيون رباب“ (1958ع)، ”شعر“ (1970ع)، ”سج تريءَ هيٺان“ (1977ع)، ”هي ڌرتي“ (1985ع). اڳتي هلي انهن چئن ئي مجموعن کي گڏي سنڌالاجي پاران ”تنوير چئي“ جي نالي سان گڏيل ڪلام جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سندس آخري شعر جو مجموعو ”ساجن سونهن سرت“ (1996ع) آهي.

تنوير عباسيءَ جي مٿئين ادبي، تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول (چونڊ ۽ ترتيب 1973ع)، ”جديد سنڌي شاعري (1981ع)، ”تِرورا“ (خاڪا، يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-1988ع)، ”منهن تنين مشعل“ (خاڪا-1990ع).

سنڌي ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر 25 نومبر1999ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته سندس ”جسدخاڪي“ ايل ايم سي کي ڏنو وڃي، جيئن ميڊيڪل جا شاگرد سندس جسم تي ”ميڊيڪل جا تجربا ڪن“، پر افسوس جو ڪن سببن جي ڪري هن انسان دوست اديب جي اها وصيت پوري ٿي نه سگهي ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي دفنايو ويو.

ٻريا ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾،

هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو