Home / افيئر / بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي: خواب يا سراب؟
above article banner

بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي: خواب يا سراب؟

اُهو ڏينهن لاڙڪاڻي واسين لاٰ هڪ خوشيءَ جو جو لمحو هيو جڏهن سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاه پاڪستان چوڪ تي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو هو ته لاڙڪاڻي ۾ محترمه بي نظير ڀٽو جي نالي پٺيان هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي ٺاهي ويندي. اهڙي اعلان تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، جيڪو 1973 ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽي قائم ڪيو هو، ۾ انتظاميه جشن ملهايا هيا ۽ پوءِ هڪ وڏو ميڙاڪو ان وقت جي جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر شيخ ڪوٺايو هيو جنهن ۾ ملڪي اڪابر ۽ ڊاڪٽر شريڪ ٿيا هئا. انهن مڙني جي اِها گڏيل راءِ هئي ته هن علائقي لاءِ، جيڪو بلوچستان ۽ پنجاب جي وڏي علائقي جي ويجهو لڳي ٿو. هڪ يونيورسٽي تمام ضروري آهي جنهن لاءِ ڏاهن پنهنجا رايا انگن اکرن سان ثابت ڪيا هئا. ان ۾ سڀ کان مٿانهين ڳالهه اِها هئي ته هن علائقي ۾ اڳ ٽي طب جون اهڙيون سهولتون موجود آهن جن کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو.

سنڌ اسيمبليءَ (جنهن ۾ نثار احمد کهڙي هڪ اسپيڪر جي حيثيت سان سڀ رولز آف بزنيس کي پاسيرو رکندي) 15 آگسٽ 2008 هڪ بل پاس ڪري لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي.

سنڌ سرڪار 9 جولاءِ 2009 تي شهيد محترمه بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ٻن سالن جي مدي لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر شيخ کي ان جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو. جيڪو جيڪڏهن تاريخي پس منظر ۾ ڏسبو ته اچڻ شرط ئي اقتداري ايوانن ۾ ويٺل ڪجهه ڌرين جي پسند ۽ ناپسند جو شڪار ٿي ويو. انهن حالتن ۾ اتي ترقي ٿيندي ته سهي پر ڪجهه آهستي آهستي ۽ سڄو ملبو ته ڪيرايو ويندو آهي اداري جي سربراه تي يا وري اقتدار ۾ ويٺل نمائندن تي جيڪي سڌي يا اڻسڌيءَ طرح ان ڳالهه لاءِ ذميوار ٺهرايا ويندا ته انهن هڪ ادارو بي نظير جي خواب مطابق ٺاهيو ته سهي پر اُهو ايتري تيزيءَ سان ترقي نه ڪري سگهيو آهي جيڪا هن کي ڪرڻ کپندي هئي.

نوان ادارا جوڙڻ ۽ انهن کي ان معيار تي آڻي هلائڻ لاءِ وقت به کپي ۽ ڏوڪڙ به_ پر افسوس ان ڳالهه تي ٿيندو آهي ته محترمه جي نالي ۾ اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ کانپوءِ اهو فخر سان اعلان ڪرڻ ته لاڙڪاڻو هڪ ماڊل ضلعو ٿيندو ۽ دنيا جي عظيم اڳواڻ شهيد بي نظير ڀٽو جي نالي ۾ قائم ٿيندڙ يونيورسٽي ايئن اڄ سوڌو ڇا چئجي “جونءِ پير” هلي رهي آهي. ان لاءِ وقت جا حاڪم ڀلي انيڪ ڳالهيون ڪن ۽ سوين سبب ڄاڻائين ان سست رفتار ڪم لاءِ_ پر وقت هڪ اِهڙو ماپو آهي جيڪو گذرندو ويندو ۽ تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجا اُهي نشان ڇڏي ويندو آهي جيڪي ايندڙ وقت جا مورخ (جيڪڏهن سچا هوندا ته) ضرور لکندا.

ڇا ان کي سست رفتاري چئجي يا آفيسر شاهيءَ جو ڪمال چئجي جو جڏهن هي يونيورسٽي ڀل ڪتابن ۾ ئي سهي وجود ۾ آئي ته سنڌ حڪومت ان لاءِ 200 ملين روپيا هيڊ منيءَ طور رکيا_ اُهو وقت 2009 هيو ۽ گهڻو مٿي ماريءَ کانپوءِ هاڻي آگسٽ 2011 ۾ وڃي باقي بچيل 100 ملين مليا آهن. هڪ ادارو نئون ٻيو وري مٿان سياسي ڇڪتاڻ، آخر ڪجهه ته ڪرتب ڏيکاريندي. نقصان ڪنهن جو ٿيو_ وري به حڪومت جو ۽ عوام جو ۽ ويساه ڪنهن جي کي ڇيهو رسيو؟ اُهو اڳتي هلي وقت ٻڌائيندو؟

اهڙي طرح مرڪزي حڪومت جي پبلڪ ڊولپمينٽ سيڪٽر پروگرام 2009_2010 سال ۾ هن پراجيڪٽ لاءِ 300/= ملين روپيا رکيا ويا_ پر ڇا چئجي_ حڪومت ساڳي ئي آهي جنهن ملڪ ۾ آيل وڏين ٻوڏن جي بهاني اُها رقم به نه ڏني. ان لاءِ ڪنهن ٻي کي ڇو چئجي_ ڦري ڦري به حڪومت ۽ حڪمرانن تي آڱر کڄندي_ موجوده يونيورسٽيءَ جي انتظاميه اشارن ۽ ڪناين ۾ اِهو چئي رهي آهي ته اڳوڻي يونيورسٽي انتظاميه جي سستيءَ ڪري اُهي 300/= ملين روپيا ڪونه ملي سگهيا. ڇا بنا ناڻي ڪم هلي سگهندو آهي؟

سوني تي سهاڳو وري حڪومت سال 2011_2010 لاءِ پنهنجي ترقياتي پروگرام ۾ هن اهم پراجيڪٽ لاءِ هڪ ڪوڙي به رکي نه وئي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن پراجيڪٽ سان وقت جي حڪمرانن جو ڪيترو لڳاءُ آهي ۽ اُهي ڪيترا سنجيده آهن.

اهڙي صورتحال ۾ وقت جي انتطاميه نئين وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومري جي اڳواڻيءَ ۾ اِهي ڪوششون ڪيون ته ڪيئن به ڪري ڪجهه نه ڪجهه رقم حاصل ڪجي ته هي ادارو قائم ٿي پوي_ پر ذريعن “افيئر” کي ٻڌايو ته هاير ايجوڪيشن ڪميشن به ان جي ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ظهير اعواڻ جي معرفت VC کي 21 مئي 2011 هڪ خط کلي آگاهه ڪيو ته سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي پنهنجي هڪ ميٽنگ ۾ جيڪا 13 مئي 2011 تي ٿي ان ۾ ان ڳالهه کان لاچاري ڏيکاري ته ڪنهن به نئين اسڪيم کي PSDP ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي ۽ اهڙي طرح شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي کي اتان به مايوسي ٿي آهي_ جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت يونيورسٽي انتظاميه کي ٺلهي آٿت ڏئي رهي آهي ته انهن کي وقت سر گهربل رقم مهيا ڪئي ويندي. پر سوال اِهو آهي ته سڀ ڪجهه ڪڏهن ۽ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟

ڪيڏي نه ٻه اکيائي آهيHEC ۽PSDP وٽ جو انهن هي پراجيڪٽ جيڪو بينظير ڀٽو جي نالي ۾ آهي ان کي منظور نه ڪيو پر ان جي برعڪس_ ٻين پراجيڪٽس، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، ڪامسيٽس، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، آزاد ڄمون ڪشمير يونيورسٽي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هلندڙ ۽ نون اسڪيمن کي منظور ڪندي ان لاءِ فنڊ منظور ڪيا ويا.

ٻيو ته ٺهيو PSDP وارن HEC جي طرفان 27 اپريل 2011 تي لکيل سفارشي خط کي چيڪ به نه ڪيو ۽ اهڙي طرح 2012_2011 ۾ وري به هڪ پيسو به هن پراجيڪٽ لاءِ نه رکيو ويو.

جڏهن وقت جا حڪمران جيڪي محترمه شهيد جي نالي ۾ قائم ٿيندڙ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ کي فنڊ مهيا نه ڪري سگهيا آهن جيڪا اقتداري ايوانن ۾ پهتي به ان جي نالي ۾ آهي. جڏهن موجوده VC سان هن سلسلي ۾ رابطو ڪيو ويو ته هن اهڙين ڳالهين مان ڪنهن جي به ترديد نه ڪئي آهي ۽ شايد وقت جي زخمن تي ٿڌو پهو رکندي اِهو چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي موجوده بجيٽ 2012_2011 ۾ شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي سان لاڳاپيل_ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، غلام محمد مهر ميديڪل ڪاليج سکر لاءِ ڪُل 550/= ملين روپيه رکيا آهن. جڏهن ته صرف گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ لاءِ حڪومت 430 ملين روپيه رکيا آهن.

ٿورڙي نظر هن ورهاست تي وڌي ويندي ته اِهو پڌري پٽ پيو آهي ته هيڏي ساري شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ لاءِ جدا ڪابه بجيٽ نه رکي وئي آهي جڏهن ته ان سان لاڳاپيل صرف هڪ اداري گمبٽ انسٽيٽيوٽ لاءِ هڪ جهجهي رقم رکي وئي آهي_ جيڪا لڳ ڀڳ انهن ٻن ادارن جي برابر آهي جيڪي هن يونيورسٽيءَ جو حصو آهن. يونيورسٽي انتظاميه هن ورڇ تي خوش نظر نٿي اچي ۽ سڌي اڻ سڌيءَ طرح اِهو مطالبو ڪري رهي آهي ته بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ لاءِ بلڪل جدا رقم رکي وڃي ته بهتر آهي.

اِها ڪٿان جو انصاف آهي جو هڪ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ لاءِ ڪجهه به نه رکيو وڃي ۽ ان جي ادارن (جيڪي ماتحت آهن) ان لاءِ وڏي رقم رکي وڃي. اهڙين حالتن ۾ اِها ڳالهه بلڪل پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته يونيورسٽي وري به جي ڀاڙيندي ته 100/= ملين روپين تي ۽ HEC طرفان ملندڙ 20/= ملين تي به گذريل سال جي بجيٽ مان رقم کڻي چنگھندي چنگھندي رڙهندي رهندي.

ٿورڙو غور ته ڪيو (صرف سست رفتاريءَ تي) ته يونيورسٽي ٺهندي ئي ان وقت جي انتظاميه سخت محنت ڪندي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي صلاح مشوري ۽ مدد سان هڪ اهڙي پلاٽ جي ڳولها شروع ڪئي جيڪا ايندڙ وقت جي گهرجن مطابق هجي_ تنهن لاءِ لاڙڪاڻو_ ڪراچي روڊ تي، جُهو ڪر جي دڙي ڀرسان 220 ايڪڙ زمين تجويز ڪئي_ پر ٿيندڙ رتحقيق ۾ معلوم ٿيو ته زير زمين پاڻي کارو آهي ۽ مٺي پاڻي جا ذخيرا تمام تورڙا آهن. ان کان سواءِ زمين ڪلراٺي آهي. اهڙين رپورٽن کانپوءِ ايئرپورٽ روڊ تي هڪ ٻي زمين جي نشاندهي ڪئي وئي جيڪا اوٺا ڳوٺ ڀرسان لاڙڪاڻو_ خيرپور ويندڙ پل واري روڊ تي ايئرپورٽ روڊ جي ڀرسان آهي. هي علائقو جيڪو رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال کان سواءِ سنڌو درياءَ جي ڀاڪر ۾ آهي اتي زير زمين پاڻي جا ذخيرا تمام گهڻا مليا. جنهن لاءِ هائڊرو لڪ سروي ڪرائي پڪ ڪئي وئي. پر وقت وڏو ظالم آهي جيڪو گذري ته وڃي ٿو پر پنهنجا نشان اهڙا ته چٽيون وڃي جو ايندڙ نسل ان کي هميشھ ياد ڪري ٿو.

سرڪاري طرح اِها ڳالهه تمام گهڻي چئي وئي ته آخر اُهو پلاٽ يا زمين ڇو نه ٿي ڳولهي وڃي جيڪا سرڪاري هجي ۽ حڪومت اُها بنا معاوضي يونيورسٽي کي الاٽ ڪري. ٿيڻو اِهوئي هيو ۽ ايئن ٿيو ته اِهو بهترين ايريا ڇڏي حڪومت آريجا ڦيڙ هي وارا ڳوٺ ڀرسان ايئرپورٽ روڊ تي 220 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين ڳولهي ڪڍي ۽ان کي هن هيڏي ساري پراجيڪٽ لاءِ مخصوص ڪيو.

سڀ ڪجهه اتي اچي پورو نه ٿو ٿئي ڇو ته“ مالڪيءَ جا حق ته اڃا يونيورسٽيءَ جي نالي ٿيڻا آهن. روينيو عملدار ته زمين يونيورسٽيءَ کي ڏئي ڇڏي. پر اڃا سوڌو ان جي روينيو جي زبان ۾ `MUTATION` ٿيڻ باقي آهي. ڇو ته ان کان سواءِ اُها ان جي مالڪ نه ٿي سگهندي. هن خصيص ڪم لاءِ به شايد حڪومت کي اڃا وقت لڳي ڇو ته سرڪار کي معاوضو ته ڏيڻو پوندو ۽ يونيورسٽي بغير ناڻي جي با اختيار ٿي نه سگهندي.

اهڙين ڏکيائن کانپوءِ يونيورسٽي انتظاميه بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۽ بي نظير انسٽيٽيوت آف نرسنگ ۽ ڪميونٽي هيلٿ سائنس (جنهن جي پيڙهه جا پٿر 21 جون تي صدر پاڪستان آصف زرداري نئين ديري ۾ رکيا هئا) لاءِ 75/= ملين روپيا موجوده بجيٽ ۾ آيا آهن ته ڪيئن به ڪري اُهي پراجيڪٽ شروع ڪري سگهن. موجوده VC جو چوڻ آهي ته اصل مسئلو وري به اِهو آهي ته يونيورسٽيءَ پاران تيار ڪيل PC_1 جيڪا تقريباََ ساڍن چئن اربن جي آهي ان کي حڪومت جلد کان جلد منظور ڪري.

اهڙين ڏکين حالتن ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي سال 2011_2012 جي بجيٽ 1029/= ملين روپين جي منظور ڪئي آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 323/= ملين جو خسارو ڏيکاريو ويو آهي. خساري جي رقم کي پورو ڪرڻ لاءِ موجوده رقم مان (جيڪي يونيورسٽيءَ وٽ موجود آهن) 706/= ملين کنيا ويندا ته جيئن وقت سر مالي معالا هلائي سگهجن.

هن بجيٽ ۾ شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ لاءِ في الحال 304/= ملين، چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي لاءِ406/= غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر لاءِ243 ملين، بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاءِ Rs:55 لاءِ ملين روپيه ۽ بي نظير انسٽيٽيوت آف نرسنگ ۽ ڪميونٽي هيلٿ سائنس لاءِ20/= ملين رکيا ويا آهن.

وائيس چانسلر ان خوشي جو اظهار ڪيو آهي ته رقم جي گهٽ هجڻ ڪري ICU ۽ ٻين پراجيڪٽن تي ڪم هلائي سگهي.

ميٽنگ کي خطاب ڪندي سنڌ جي قانون واري وزير اياز سومري چيو ته تازوئي صدر پاڪستان طرفان واعدو ڪيل1 Billion هڪ ارب روپيه تمام جلد يونيورسٽي کي ملي ويندا ۽ حڪومت ان ۾ سنجيده آهي ته بي نظير ڀٽو جي نالي ۾ قائم ٿيندڙ هيءَ يونيورسٽي وڌي ويجهي ۽ ان جو معيار وڌ کان وڌ هجي.

هي وقت ڳالهين ۽ ڪاغذي واعدن جو نه آهي. ٿيڻ ايئن گهرجي ته سرڪار بنا وقت ضايع ڪرڻ جي ايئر پورٽ روڊ تي واقع 220 ايڪڙ زمين باقائده هن ميڊيڪل يونيورسٽيءَ حوالي ڪري

ان کان وڌيڪ اهم اِهو آهي ته هن هيڏي ساري پراجيڪٽ لاءِ گهربل رقمون جلد کان جلد مهيا ڪيون وڃن ته جيئن حڪومت جي ساک پت به برقرار رهي ۽ هيڏي وڏي عظيم نالي ۾ ٺهندڙ ادارو دنيا اکين سان ڏسي.

هڪ پاسي زمين جي مالڪي ملي ڪونهي، ٻئي پاسي فنڊن جو فقدان ۽ اهڙين حالتن ۾ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ لاءِ FM ريڊيو اسٽيشن قائم ڪيو پيو وڃي ۽ PEMRA کي لکيو ويو آهي ته ميڊيڪل يونيورسٽيءَ کي هڪ TV چينل جو لائسنس ڏنو وڃي.

ڇا چئجي اڃا سوڌو يونيورسٽيءَ جي ڪا آفيس مستقل نه جڙي سگهي آهي ان ۾ حڪومت ايترو ڍلو رويو ڇو ٿو رکي.

ڏسجي ته حڪومت ڪيترا تڪڙا قدم کڻي رهي آهي ته اها هن اهم پراجيڪٽ کي پورو ڪري سگهي.؟

 

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو