Home / ڪرنٽ افيئر / !ڏاکڻي سنڌ جا لکين ٻوڏ متاثر لاوارث
above article banner

!ڏاکڻي سنڌ جا لکين ٻوڏ متاثر لاوارث

گذريل سال آگسٽ مهيني ۾ اڌ سنڌ ٻوڏ ۾ ٻڏي تباهه ٿي وئي. جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو سخت متاثر ٿيا جن جو اَلهه تلهه تباهه ٿي ويو. جنهن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور مجبور ٿيا. سنڌ جي زرعي معيشت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. هن سال وري ذري گهٽ اڌ سنڌ مها ٻوڏ جو شڪار ٿي تباهه ٿي وئي آهي. گذريل سال جي ٻوڏ سنڌو درياهه جي ساڄي طرف کان آئي جنهن ۾ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ڀيانڪ تباهي مچائي، گذريل سال جي مها ٻوڏ لاءِ اهو ثابت ٿي ويو هو ته اها هٿرادو ٻوڏ هئي جيڪا ملڪي حڪمرانن جي ڪن دادلن وزيرن، ٽوڙي بند ۽ ڪوٽ عالمون وٽان اي ايس بند کي هٿرادو طرح سان ٽوڙائي اڌ سنڌ کي ٻوڙائي اها قيامت برپا ڪئي. هن سال وري ساڳي آگسٽ مهيني جي 10 تاريخ کان شروع ٿيل برسات بعد سنڌو دريا جو ساڄو پاسو ۽ ڏاکڻي سنڌ برساتي ٻوڏ ۾ تباهه ٿي وئي.

جيتوڻيڪ هن ٻوڏ ۾ ڏاکڻي سنڌ جا ست ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن، پر اصل ٻوڏ جو نشانو وري به بدين ضلعو بڻيو آهي. جيڪو سو سيڪڙو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي. هن سال جي مها ٻوڏ لاءِ نه فقط بدين ۽ ڏاکڻي سنڌ جا لکين ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته مها ٻوڏ واپڊا ۽ ورلڊ بينڪ جي ناقص منصوبي ايل بي او ڊي جي وگهي آئي آهي. جيڪا ٻوڏ به قدرتي نه پر هٿرادو ٻوڏ آهي. جيڪا ڳالهه حڪمران ڌر جا ماڻهو ۽ سرڪاري ڪامورا پڻ ڪري رهيا آهن. بدين جي تڪ مان چونڊيل پ پ جي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ بدين مان چونڊيل اڳوڻي ايم پي اي ۽ اڳوڻي سينئر وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هن ٻوڏ جي تباهي جو ذميوار ناڪام واپڊا ۽ ورلڊ بينڪ جي ايل بي او ڊي جي ميگا پراجيڪٽ کي قرار ڏئي رهيا آهن. ساڳي ڳالهه موجوده ڊي سي او بدين ڪاظم جتوئي ميڊيا تي اچي ڪري رهيو آهي ته ايل بي او ڊي وگهي آيل هن ٻوڏ بدين ضلعي کي ته هن ڀيري به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پر ايل بي او ڊي جي سم نالي اسپائينل ڊرين ۾ گهار اپوڻ ڪري ميرپور خاص ضلعي جو وڏو ڀاڱو پڻ ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي. جنهن ۾ ميرپور خاص ضلعي جا ٽي تعلقا، جهڏو، ڪوٽ غلام محمد ۽ ڊگهڙي سخت متاثر ٿيا آهن ۽ اسپائينل ڊرين ۾ پيل گهارن نئون ڪوٽ واري ٿر جي وارياسي علائقي ۽ خود ٿر پارڪر ضلعي جي بئراجي علائقي کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پراڻ ڍورو اٿلڻ ڪري يوسي ڪلوئي تائين سمورا زرعي فصل تباهه ٿي ويا ۽ ٻوڏ جو پاڻي سوين ڳوٺن کي ٻوڙيندي خود تاريخي شهر جهڏي ۾ پڻ داخل ٿي ويو ۽ علائقي ۾ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي پڪن روڊن جي ڪنارن تي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا.

ڏاکڻي سنڌ ۾ هٿرادو ڪڙڪايل هن مها ٻوڏ ۾ ٽنڊي محمد خان ضلعي جو وڏو ڀاڱو تباهه ٿي ويو ۽ بدين کان سواءِ لاڙ جو تاريخي ضلعو ٺٽو جنهنجو وڏو ڀاڱو گذريل سال جي ٻوڏ ۾ ڪوٽ عالمون وٽان ايم ايس بند جي ٽٽڻ سان ٻڏي تباهه ٿي ويو هو ۽ هن سال پڻ ضلعي ٺٽي جا خاص طور ٻه تعلقا ميرپور بٺورو ۽ جاتي ڪارو گونگڙو مين سم نالي ٽٽڻ ڪري سخت متاثر ٿيا ۽ تعلقي جاتي جي يوسي ڄار جا سمورا زرعي فصل ۽ ڪيترائي ڳوٺ گهارن واري پاڻي سبب ٻڏي ويا ۽ ان پاڻي تعلقي سجاول جي ڪن ڳوٺن کي ٻوڙيو. ڏاکڻي سنڌ ۾ آيل هن مها ٻوڏ ۾ جيئن ته سڀ کان وڌيڪ بدين ضلعو متاثر ٿيو آهي. جنهن ضلعي مان چونڊيل پ پ جي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ميڊيا تي آن رڪارڊ چيوآهي ته 18 لکن جي آبادي واري بدين ضلعي جا 16 لک ماڻهو سخت متاثر ٿيا آهن جنهن ۾ 12 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ ضلعي جا خريف جا زرعي فصل ڦٽيون، ساريال، مرچ، ٽماٽا، ڪمند، ڀاڄيون ۽ چانهن جا آرڻ 90 سيڪڙو تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ سروي موجب بدين ضلعي جا 1500 فش فارم، 800 ڪڪڙين جا فارم پڻ لڙهي ويا آهن جيڪو نقصان پڻ اربين روپين جي ماليت جوآهي. ڪجهه رپورٽن موجب ڏاکڻي سنڌ ۾ آيل هن ٻوڏ ۾ خريف جي ساڍا ٽي لک زرعي فصلن جي تباهي جو مجموعي ڪاٿو، 50 ارب روپيه لڳايو ويو آهي. مٿين انگ اکرن کي ضلعي بدين جا آبادگار ۽ ٻيا سڃاڻ ماڻهو، رد ڪندي چون ٿا ته هن سال بدين ضلعي ۾ لکين ايڪڙن تي جيڪو زرعي فصل پوکيل هو ان ۾ اٽڪل ٽي لک ايڪڙن تي فقط ڦٽين جي روڪڙي ناڻو وارو قيمتي فصل هو. جيڪو تمام ڀلو ٿيو هو. پر افسوس جو بدين جون اهي لکين مڻ ڦٽيون سو سيڪڙو اهڙي طرح سان تباهه ٿي ويون آهن ڄڻ ته بدين جي هزارين هارين ۽ آبادگارن هن سال بدين ۾ ڦٽين جو اهو فصل پوکيو ئي نه هو.

“افيئر” طرفان ڪيل هڪ سروي ۾ بدين جا آبادگار ۽ عثمان راهو ڪڙو، نصر الله جروار جهڙا سينئر صحافي ٻڌائين ٿا ته هن سال بدين ضلعي ۾ 50 ارب روپين کان وڌيڪ ته فقط ڦٽين جو زرعي فصل پوکيل هو. جيڪو سو سيڪڙو تباهه ٿي ويو آهي. جڏهن ته بدين ۾ ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي ٽماٽن جي منڊي آهي. اهي لکين مڻ ٽماٽا پڻ سو سيڪڙو تباهه ٿي ويا آهن. بدين ضلعي ۾ ساريالو فصل پڻ لکين ايڪڙن تي پوکيل هو. گولاڙچي تعلقو ته سڄو ساريالو اسٽيٽ آهي. ٽنڊي باگي ۽ گولاڙچي تعلقن ۾ سارين جا سوين ننڍا وڏا ڪارخانا آهن. اهو ساريالو فصل پڻ 80 سيڪڙو تباهه ٿي ويو جڏهن ته بدين شگر ڪين اسٽيٽ آهي، جتي 6 عدد شگر ملون آهن. ڪمند جو اهو فصل پڻ 80 سيڪڙوتباهه ٿي ويو آهي. اهڙي طرح ڦٽين کانسواءِ بدين جا ٻيا زرعي فصل جيڪي تباهه ٿيا آهن انهن جي ماليت جو ڪاٿو پڻ 50 ارب روپين کان وڌيڪ لڳايو پيو وڃي. اهڙي طرح هن مها ٻوڏ ۾ فقط بدين ضلعي ۾ ئي هڪ کرب روپين کان وڌيڪ غريب هارين ۽ آبادگارن جا زرعي فصل تباهه ٿي ويا آهن. جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ مري ويل چوپائي مال، مڇي ۽ ڪڪڙين جي فارمن جي تباهي جو ٿيل نقصان الڳ آهي ۽ بدين جا جيڪي لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جن جو اَلهه تلهه تباهه ٿي ويو آهي. انهن تباهه ٿيل گهرن ۽ لڙهي ويل اناج ۽ ٻئي سامان جو ڪاٿو پڻ 10 اربن کان وڌيڪ لڳايو پيو وڃي. مٿيون نقصان ته فقط بدين ضلعي جو آهي، باقي ڏاکڻي سنڌ جي وڌيڪ ڇهن ضلعن ۾ ٿيل ڀيانڪ تباهي جا اڃا تائين انگ اکر به گڏ نه ڪيا ويا آهن. بدين ضلعي سميت ڏاکڻي سنڌ ۾ آيل تباهي کي ٽي هفتا ٿيڻ وارا آهن. اڃا تائين ڪٿان به ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آهي. علي بندر کان وٺي حيدرآباد شهر جي گنجي ٽڪر تائين مين روڊ جي ٻنهي طرفن کان بيٺل ڇر پاڻي هڪ سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. سيڊا ۽ آبپاشي جا اهلڪار تماشائي بڻيل آهن.

هڪ سروي موجب ايل بي او ڊي جي سم نالن آبپاشي جي واهن ۽ ڪوٽڙي سرفيس ڊرينيج جي سم نالن ۾ 250 کان وڌيڪ پيل گهارا ٽي هفتا گذري وڃڻ جي باوجود بند ٿي نه سگهيا آهن. آبپاشي کاتي جون تباهه ٿيل سموريون مين ۽ برانچ سم ناليون ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ڪري رهيون آهن. هڪ طرف بدين ضلعي سميت ڏاکڻي سنڌ جي ٻنين ۽ ڳوٺن مان اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي، ڪڍڻ، نندو شهر، کوسڪي، گولاڙچي، ترائي، پنگريو، ٽنڊو باگو، تلهار وغيره سميت خود ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر بدين مان به هن رپورٽ جي موڪلڻ تائين ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو هو جنهن ۾ ڪڍڻ شهر جي حالت بنهه خراب آهي شهر جو اٽڪل 70 سيڪڙو رهائشي علائقو، پاڻي ۾ ٻڏل هو. شهرن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سوين شهري روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن. پر بدين جي ضلعي انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي. بدين ۾ 2003 جي ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ جيڪا پڻ ايل بي او ڊي جي تباهه ٿيل سم نالن وسيلي آئي هئي جنهن ۾ سمنڊ بدين تي اٿلي پيو هو. علي بندر ۽ روپا ماڙي کان وٺي بدين شهر تائين سڄو ڏاکڻو علائقو 10 کان 17 فوٽ سامونڊي پاڻي ۾ غرق ٿي ويو جنهن پاڻي تي سوين انساني لاش ۽ لکين مئل جانورن جا ڍانچا تري رهيا هئا. قبرستان ٻڏي وڃڻ ڪري ڪٿي به انساني لاش دفن ڪرڻ لاءِ پاڻي کان خالي زمين جا ٻه گز به نه بچيا هئا. هن مها ٻوڏ ۾ جيتوڻيڪ جاني نقصان گهٽ ٿيو آهي پر هڪ سروي موجب، معاشي نقصان 2003 واري ٻوڏ کان ٻيڻو ٿيو آهي.

بدين جي ضلعي انتظاميه ۽ حڪومت ٻوڏ جي متاثر لکين ماڻهن جي رليف ۽ بحالي جي ڪم ۾ بري طرح سان ناڪام ٿي آهي. بدين جا لکين ٻوڏ متاثر جن جا گهر گهاٽ ۽ الهه تلهه تباهه ٿي ويو آهي. اهي بي يارو مددگار ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. حڪومت طرفان ڪابه واهر نه ٿيڻ ڪري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ قيامت جو منظر آهي. اڃن ۽ بکن ۾ پاهه ٿي ويل لکين ماڻهن جي جنگي بنيادن تي واهر نه ٿي ته هزارين معصوم انسان موت جو بک بڻجي ويندا ۽ بک جا ماريل لکين ماڻهو ڦرلٽ ۽ سنگين ڏوهه ڪرڻ کان به نه مڙندا. هن ٻوڏ ۾ حڪومت کان سواءِ اين جي اوز وارا پڻ اڃا تائين گم آهن.

بدين جا 12 لک ماڻهو هن ٻوڏ ۾ سخت متاثر ٿيا آهن جن مان سرڪاري رڪارڊ موجب فقط ٻه لک چاليهه هزار ماڻهو پاڻ مرادو سرڪاري رليف ڪئمپن ۾ پهتا آهن. جن کي به سرڪاري اهلڪارن زبردستي رليف ڪئمپن مان تڙي ڪڍي رهيا آهن، اهو عمل 20 آگسٽ کان شروع ٿيو ۽ 26 آگسٽ تي ڊي سي او بدين ڪاظم جتوئي پنهنجي هڪ بيان ۾ اها تصديق ڪئي ته سرڪاري رليف ڪئمپن ۾ هاڻ فقط 38 هزار ماڻهو وڃي بچيا آهن ڊي سي او بدين جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثر پنهنجي مرضي سان رليف ڪئمپون خالي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته متاثرن جو چوڻ آهي ته بدين جي ضلعي انتظاميه سندن کاڌ خوراڪ وارو راشن بند ڪري کين زبردستي رليف ڪئمپن مان تڙي رهي آهي. بدين جا هزارين ٻوڏ متاثر حڪومت طرفان ڪابه واهر نه ڪرڻ خلاف روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪري رهيا آهن. اٽي ۽ کاڌ خوراڪ جي راشن جي حاصلات لاءِ 25 آگسٽ ٿي بدين ضلعي جي ديهه مٺي ٿري، ديهه دڦري ۽ ڳوٺ حاجي هاشم خاصخيلي جا سوين ٻوڏ متاثرن ٽي اي ايم آفيس اڳيان جڏهن احتجاجي مظاهرو ڪيو ته انهن تي رليف واري سامان جي نگراني ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي مقرر ڪيل خاص ماڻهو ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جي گارڊن ٻوڏ متاثرن تي اٽي جي جواب ۾ سڌيون گوليون هلايون. گوليون لڳڻ ڪري ٽي ٻوڏ متاثر هر هڪ سليم ملاح، رمضان ملاح ۽ خدابخش شيدي زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ سول اسپتال بدين ڏانهن موڪليو ويو، جتان هڪ زخمي رمضان ملاح جنهن کي هڪ ٽنگ ۽ هٿ ۾ گوليون لڳيون هيون. انکي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد ڊاڪٽر عزيز ميمڻ اتان فرار ٿي ويو. بعد ۾ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ميڊيا اڳيان پنهنجي ذاتي محافظن جي ٻوڏ متاثرن مٿان ڪيل فائرنگ جي تصديق ڪندي چيو ته سندس محافظن سڌي نه پر هوائي فائرنگ ڪئي هئي جيڪا سندن بيوقوفي هئي. جڏهن هي رپورٽ فائيل ڪرڻ وقت موسميات کاتي جا اهي اعلان هلي رهيا آهن ته چند ڏينهن ۾ ڏاکڻي سنڌ ۾ شديد برساتن جو امڪان آهي. هن وقت جڏهن بدين ۽ ڏاکڻي سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي پاڻي جي نيڪال جا سمورا گس بند آهن اهڙي وقت ۾ بدين ۽ ڏاکڻي سنڌ ۾ جيڪڏهن وڌيڪ تيز برسات پئي ته هتي الله جو نالو وڃي بچندو، جنهن ۾ وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو