Home / افيئر / !جرمني: برلن ڀت کي محفوظ ڪرڻ جي رٿا
above article banner

!جرمني: برلن ڀت کي محفوظ ڪرڻ جي رٿا

اوڀر ۽ اولهه جرمني کي ورهائيندڙ ديوار برلن جي خاتمي جي 22 ورهين کانپوءِ گڏيل جرمني ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اُن ڀت جي باقي رهيل حصي کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن تاريخ کي زندهه ڪري ان کي سياحت لاٰءِ پيش ڪري سگهجي. 155 ڪلو ميٽر اها ڊگهي ڀٿ هاڻي فقط ٽي ڪلو ميٽر باقي رهجي وئي آهي ۽ ان هڪ ورثي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. برلن سٽي گورنمينٽ جي ثقافتي مامرن جي عملدار جو چوڻ آهي ته 1990ع جي شروعات ۾ برلن جو 90 سيڪڙو عوام انهي ڀت مان جان ڇڏائڻ لاءِ بي چين هو ۽ آزادي جي خوشي منڍ ۾ ايتري هئي جو ان ڀت جو وڏو حصو تباهه ڪيو ويو ڇو ته اهو ڊپ به موجود هو ته جيڪڏهن اها ڀت برقرار رهي ته سرحد ٻيهر بند ٿي پئي سگهي. ليڪن 2000 جي ڏهاڪي ۾ برلن جي شهرين ان معاملي تي سوال اٿارڻ شروع ڪيا. ان کانپوءِ انهن برلن ڀت جو منصوبو جوڙيو جنهن کي برلن جي سٽي گورنمينٽ 2006 ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان منصوبي هيٺ باقي رهيل ڀٿ کي هڪ ٿيم طور ورهايو ويندو. ان منصوبي ۾ سرد جنگ جي دور جي مشهور چيڪ پوائنٽ “چارلي” به شامل آهي جتي آڪٽوبر 1961ع ۾ آمريڪي ۽ روسي ٽئنڪون جنگ لاءِ تيار ٿي ويون هيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو