Home / شوبز / !جينيليا-رتيش پريم ڪهاڻي، بس ست ڦيرا باقي
above article banner

!جينيليا-رتيش پريم ڪهاڻي، بس ست ڦيرا باقي

بالي ووڊ ۾ هر ڪنهن جو جوڙ ڪنهن نه ڪنهن سان آهي. بالي ووڊ ۾ اسڪينڊلز به ايترا ئي ٺهن ٿا، جيتريون فلمون، ڪي پريم ڪهاڻيون ڪاميابي ماڻي وٺن ٿيون ته ڪن جو حشر وري شاهد ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور جي پيار ڪهاڻيءَ جهڙو ٿئي ٿو، جو جوڙي ٽٽڻ بعد به خواري نه ٿي کُٽي. ايئن ئي ڪيترائي جوڙا ٺهيا ۽ ٽُٽا. ڪن شاديون ڪري وڃي گهر وسايا ته ڪن وري نه ٺهڻ جي صورت ۾ هڪ ٻئي جون گلائون شروع ڪري ڇڏيون، جيئن اڄ ڪلهه انوشڪا شرما ۽ رنوير سنگهه واري پريم ڪهاڻيءَ جي انت کانپوءِ شوبز ميڊيا کي مرچ مصالحن واريون خبرون هٿ اچي ويون آهن. اداڪاره جينيليا ڊيسوزا ۽ اداڪار ريتيش ديش مک جو جوڙ به تازو ئي جڙيو آهي، پر ٻنهي پاران ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن به ريت سندن پيار ڪهاڻي لڪائجي. پر چوندا آهن ته عشق ۽ مشڪ ڪٿان ٿان لڪن. نيٺ سندن نينهن جي ناتي جون خبرون به شوز ميڊيا جي زينت بڻجي ويون. چيو پيو وڃي ته جينيليا ۽ رتيش ديش مک اڄڪلهه هر جاءِ تي گڏ گڏ نظر اچن ٿا. تازو ئي هڪ مندر ۾ گڏ ڏٺا ويا. خبر ناهي هنن اُتي ڪهڙي پرارٿنا ڪئي، پر چوڻ وارا چون ٿا ته جوڙو مندر پهچي ويو آهي، بس ست ڦيرا باقي آهن…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو