Home / ڪرنٽ افيئر / !ڪراچي آپريشن: اکين ۾ ڌوڙ
above article banner

!ڪراچي آپريشن: اکين ۾ ڌوڙ

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي ۽ ڀتو و‎ٺڻ جي ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ طرفان شروع ڪيل سرجيڪل آپريشن جو ڊرامو ظاهر ٿيڻ کانپو ۽ آرمي چيف جنرل ڪياني، ڊي جي رينجرز اعجاز چوڌري کي اڱاري ڏهاڙي 6 سيپٽمبر تي باضابطه طور ڪراچيءَ ۾ بنا فرق جي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جنهن کانپوءِ 6 سيپٽمبر تي شام جو دير سان ڊي جي رينجرز ڏوهارين خلاف بنا فرق آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن کان اڳ امن امان ۽ آپريشن جي حوالي سان پوليس ۽ رينجرز جو سرڪاري موقف وفاقي گهرو ملڪ بيان ڪندو رهيو آهي. ڄاڻو ذريعن “افيئر” کي ٻڌايو ته رمضان شريف ۾ 150 ماڻهن جي قتل کانپوءِ شروع ڪيل (سرجيڪل ۽ ٽارگيٽيڊ) آپريشن اصل ۾ هڪ لساني ڌر کي خوش ڪرڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڌماڪيدار پريس ڪانفرنس جو اثر زائل ڪري کين ٻيهر اهتمام سان حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هئو. انهن ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ان ڪري ئي ان آپريشن جو دائرو صرف سنڌي، بلوچ ۽ پختون علائقن تائين محدود ڪيو ويو. جڏهن ته دهشتگردن جي اصل مرڪزن لياقت آباد،عزيز آباد، اورنگي، ڪورنگي، لانڍي، پاڪ ڪالوني، لائينز ايريا وغيره جي علائقن ۾ ڪوبه آپريشن نه ڪيو ويو. ان سنگين صورتحال جو فوج پڻ نوٽيس ورتو. ڪراچي پوليس ۾ موجود ذريعن جو چوڻ هئو ته ڇنڇر 4 سيپٽمبر تي وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ کي فوج جي ماتحت ڳجهن ادارن جي سربراهه هڪدم ڪراچي ڇڏڻ جو حڪم ڏيندي پنهنجي ادارن کي ڪراچي ۾ بنا فرق جي ڪاروايون ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن کانپوءِ ان ئي ڏينهن ڪارواين جو آغاز شروع ٿي ويو آهي. جنهن ۾ سڀ کان پهرين لائينز ايريا جي ڳتيل ۽ پوليس، رينجرز لاءِ نوگو ايريا بڻيل علائقي ۾ ڳجهي اداري ڪاروائي ڪندي متحده قومي موومينٽ جي ٽارگيٽ ڪلر دهشتگرد شهروز کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته شهروز جي نشاندهيءَ تي ان ئي علائقي مان هڪ لاش جيڪو خود شهروز قتل ڪيو هئو هٿ ڪري ورتو. شهروز هن مهل تائين 10 قتل ۽ ڪيترن ئي ٻين ڏوهن جو اعتراف ڪري ورتو آهي. سندس چواڻي هن سموريون ڪاروايون پارٽي (متحده) اڳواڻن جي هدايتن تي ئي ڪيون هيون شهروز جو تعلق متحده جي ڏکڻ آفريڪا جي دهشتگرد نيٽ ورڪ سان ٻڌايو پيو وڃي. جنهن کانپوءِ ڳجهن ادارن آچر 5 سيپٽمبر تي متحده جي ڳڙهه گلستان جوهر جي روفي ليڪ ڊرائيو اپارٽمينٽ مان متحده جي هڪ ٻئي ٽارگيٽ ڪلر آصف عرف ڪالا منا کي گرفتار ڪري سندس نشاندهي تي شاهه فيصل ڪالونيءَ مان عامر فنٽا، جنيد انڌا سميت 10 دهشتگرد گرفتار ڪري ورتا. جڏهن ته هڪ ڳجهي اطلاع تي لياقت آباد (لالو کيت) جي علائقي ۾ ڇاپو هنيو ويو پر دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ڪراچي شهر ۾ آيل عارضي ٺاپر جي حوالي سان ڪراچيءَ جي معاملن تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته هي عارضي امن رحمان ملڪ جي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ۽ ڊرامائي آپريشن جي ڪري نه پر ڪراچيءَ جي امن امان جي خرابيءَ جي مکيه ڌر جي ڪارڪنن جي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ڪراچي ايئر پورٽ تان گرفتاري لنڊن ۾ ان ئي ڌر جي ايجوئر ۾ واقع مرڪزي سيڪريٽريٽ ۽ ان جي ڀرسان واقع گيسٽ هائوس تي اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ڇاپن، سندس اڳواڻن جي آخري اسٽيج تي پهتل بيماري ۽ مواصلاتي خطابن تي عارضي پابندي جيڪا مستقل پابندي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف ۽ سپريم ڪورٽ جو پاڻ هرتو ورتل نوٽيس آهي. جنهن ڪري اها نسل پرست ڌر سخت دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن جو واضح مظهر 90 تي ڪراچيءَ جي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس پڻ آهي. دنيا جهان جي هر ننڍي وڏي مسئلي تي قائد تحريڪ جا فڪر انگيز خطاب هر ٽي وي چينل تي متحده اڳواڻن جو براجمان هجڻ هاڻي ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي.

پر رينجرز ڊي جي چواڻي “دهشتگرد ڪنهن به مهل ڪو وڏو ممڻ ٻاري سگهن ٿا ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي رتو ڇاڻ شروع ٿيڻ جوانديشو هر وقت موجود آهي”

ڪراچيءَ ۾ امن امان جي خراب صورتحال ته 1986ع کان جنرل ضيا پاران نسلي بنيادن تي ٺهرايل جماعت ٺهڻ کانپوءِ ئي ٿي. امن امان جي حوالي سان دنيا جو محفوظ ترين شهر هن وقت دنيا جو ٽيون نمبر وڏو خطرناڪ شهر آهي. واضح رهي ته افغانستان جو شهر ڪابل، عراق جو بغداد به ڪراچيءَ کان گهٽ خطري وارا شهر آهن. هن ئي شهر۾ ريڙهي واري کان وٺي ڪارخانيدار تائين ڀتو اوڳاڙيو ويندو آهي. عاصمه جهانگير جي سپريم ڪورٽ آڏو ڏنل بيان مطابق“ ممڪن آهي ته ڪراچيءَ ۾ ڀتو اوڳاڙڻ جو ڪم ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ کان اڳ ئي هجي پرايم ڪيو ايم ڀتو اوڳاڙڻ ۾ جدت آڻڻ سان گڏ ٻيا ڏوهه به جديد انداز ۾ متعارف ڪرايا آهن”

ڪراچيءَ ۾ رمضان شريف ۾ رتو ڇاڻ جي شروعات طارق روڊ مان 5 بلوچ نوجوانن کي اغوا ڪرڻ سان شروع ٿي. بلوچ نوجوانن رمضان شريف جي ٻئي ڏهي ۾ طارق روڊ تان عيد جي شاپنگ ڪرڻ آيا هئا. 5 ئي نوجوانن کي اغوا کانپوءِ تارچر سيلن ۾ سخت تشدد جو نشانوبڻائي قتل ڪري سندن لاش ٻورين ۾ بندڪري طارق روڊ ۽ پي اي ايس ايڇ سي ۾ اڇلايا ويا. ان جي ٻئي ڏهاڙي کارادر ۾ لياري سان تعلق رکندڙ فقير صفت اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي واجه ڪريمداد کي 4 ساٿين سميت قتل ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ مختلف علائقن مان مڇريل ماڻهن 10 اردو ڳالهائيندڙن کي اغوا ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل هٿياربندن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪورنگي جي پر امن سنڌي وسندين چڪرا ڳوٺ تي فطري جي نالي ۾ ڀتو ڏيڻ تان حملو ڪري ٻن نوجوانن محمد خان ۽ حسن لنڊ کي قتل ڪري 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سنڌي ماڻهن جي قتل عام کانپوءِ دهشتگردن اتي بيٺل بسن، ڪارن ۽ دڪانن سميت ڪروڙين روپين جي ملڪيتن کي پڻ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان ئي ڏينهن رات جو ڪورنگي اڍائي نمبر علائقي ۾ متحده سان لاڳاپيل هٿياربندن پرائيويٽ بس ۾ سوار پوليس اهلڪارن ئي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار قتل ۽ 20 کان مٿي زخمي ٿي پيا. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ متحده ڊيٿ اسڪواڊ جو سربراهه ڪامران ماڌوري، متحده اڳواڻ ۽ ڪراچي شهري حڪومت جي خود ساخته غير قانوني بڻايل ڪميونٽي پوليس (سٽي وارڊ) جو اهلڪار سهيل ڪمانڊو ۽ متحده ڪورنگي جو يونٽ انچارج ابو بشر بنگالي زخمي ٿي پيا. جڏهن ته شاهد چمن نالي دهشتگرد جيڪوبه ڪميونٽي پوليس جو اهلڪار هئو مارجي ويو. حيرت جي ڳالهه اها ٿي ته سرڪاري سطح تي ڪامران ماڌوري، سهيل ڪمانڊو ۽ ابو بشر بنگالي جي گرفتاري باوجود سندن نالا پوليس وين حملي ڪيس واري ايف آءِ آر ۾ داخل نه ڪيا ويا ۽ سپريم ڪورٽ طرفان ان سنگين بي قائدگيءَ جو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ اڱاري 6 سيپٽمبر تي به پوليس انهن دهشتگردن جو عام عدالت جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر محمد افضل جي عدالت مان ريمانڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوليس کي مذڪوره دهشتگردن کي دهشتگردي روڪ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا انڪشاف ڪيو هئو ته وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ڪامران ماڌوري کي اسلام آباد وٺي وڃي آزاد ڪرڻ ٿو چاهي”

ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 ڏينهن کان وڌيڪ عرصو پوليس تحويل ۾ هجڻ باوجود ڪامران ماڌوري، سهيل ڪمانڊو ۽ ابو بشر بنگالي جو نالو ان ڪري ڪنهن ڪيس ۾ شامل نه ڪيو ويو ڇو جو پيپلز پارٽي سرڪار رحمان ملڪ معرفت ايم ڪيو ايم سان انهن دهشتگردن کي آزاد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. جيڪو هاڻ سپريم ڪورٽ جي نوٽيس کانپوءِ ممڪن نه رهيو آهي. پر پوءِ به آخري ڪوشش جي طور تي سنڌ حڪومت جي گهرو وزير منظور وساڻ جي هدايت تي زمان ٽائون پوليس مذڪوره دهشتگردن کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه جي ڪيس ۾ سول ڪورٽ مان ريمانڊ وٺي دهشتگردن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا جوڊيشل مئجسٽريٽ ناڪام بڻائي. هن کان اڳ بلديه جي علائقي مان متحده جي خطرناڪ دهشتگرد اعجاز عرف ڇوٽو کي گرفتار ڪندڙ سابق ايس ايڇ او بلديه ڪريم بخش ڦلپوٽو کي صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ جي حڪم تي آءِ جي سنڌ واجد دراني معطل ڪري چڪو آهي. چيو وڃي ٿو ته منظور وساڻ کي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ان لاءِ هدايت جاري ڪئي ۽ چيو ته ايس ايچ او ڦلپوٽي صدر جي مفاهمتي پاليسي کي نقصان پهچايو آهي.

ليکڪ انگريزي اخبار پاڪستان ٽوڊي جو سينيئر رپورٽر آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو