Home / شوبز / ڪوڙي ڪرينا
above article banner

ڪوڙي ڪرينا

 

بالي ووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور جيڪا پنهنجن اسڪينڊلز سبب خبرن جي دنيا ۾ رهڻ ۾ سڀني اداڪارائن کان گوءِ کڻي وئي آهي، چيو وڃي ٿو ته فقط خبرن ۾ رهڻ لاءِ ئي هوءَ روز روز پنهنجا بواءِ فرينڊز مٽائيندي آهي، پر ڊگهي عرصي کان سيف علي خان سان سندس جوڙ رهندو اچي، ڏسجي ته اهو جوڙ گهڻا ڏينهن ٿو هلي. خير، ڪرينا ڪپور اسڪينڊلز ذريعي ميڊيا کي پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿي، پر ڪي ڪي خبرون ڳچيءَ به پئجي وينديون آهن. ڪرينا ڪپور پاران مارڪيٽ ۾ ڇڏيل هڪ خبر ڪوڙي ثابت ٿي، جنهن تي ڪرينا مٿان خلق کلي آهي. ٿيو ايئن جو ڪجهه مهينا اڳ ڪرينا ڪپور مارڪيٽ ۾ اها خبر هُلائي ته مادام تسائو ميوزم لنڊن پاران سندس مجسمو تيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو 15 آگسٽ تي ميوزم ۾ نمائش لاءِ رکيو ويندو. سڀ حيران ۽ پريشان ته ڪرينا ڪپور ايڏي قد واري اداڪاره بڻجي وئي آهي جو سندس مجسما پيا ٺهن! واهه مائي واهه…. چيو پئي ويو ته فلم “چميلي” ۾ ڪرينا پاران ڪيل ڪردار جو مجسمو ٺهي رهيو آهي، جنهن جي افتتاحي تقريب 15 آگسٽ تي مادام تسائو ميوزم ۾ ٿيندي، مجسمو به ٺهي راس ٿيو ۽ آگسٽ جي 14 تاريخ به اچي پهتي، پر ان ڏينهن سيف علي خان جي 41هين سالگرهه تقريب ۾ صحافين پاران ڪرينا کان سندس مجسمي بابت پڇيو ويو تڏهن هن سچي ڪئي ته اهو مجسمو دراصل مادام تسائو نه، پر لنڊن جي بليڪپول ۾ شروع ٿيندڙ هڪ نئين ميوزم ۾ رکيو پيو وڃي، جيتوڻيڪ اهو ميوزم پڻ مادام تسائو جي آرگنائيزرز پاران شروع ڪيو پيو وڃي، پر ڪرينا پير ٻڌي اهو ڪوڙ پئي هنيو ته سندس مجسمو مادام تسائو ميوزم ۾ اميتاڀ بچن، سچن ٽنڊولڪر، شاهه رخ خان، سلمان خان، ايشوريا بچن ۽ ريتڪ روشن سان گڏ رکيو ويندو، هلا ٿئي ڪوڙي ڪرينا….

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو