Home / ڪرنٽ افيئر / !لاڙ ۾ آيل هٿرادو ٻوڏ
above article banner

!لاڙ ۾ آيل هٿرادو ٻوڏ

10 آگسٽ 2011ع جي وچ واري رات جي آخري پهر کان اوچتو اڀرندي ٿرپارڪر واري طرف کان ايندڙ ڪارن ڪڪرن جڏهن بدين ضلعي جي حدن ۾ پلر جي پالوٽ ڪئي. تڏهن هتي جي هزارين هارين ۽ آبادگارن ان کي سانوڻي مند جي پاڇاٽي معمول واري برسات سمجهي انکي سوڪهڙي ۾ تباهه ٿيل پنهنجن زرعي فصلن خاص طور تي ساريالي ۽ ڪمند جي فصلن لاءِ هڪ نعمت قرار ڏنو. پر عام ماڻهن کي اها ڪل ئي ڪا ئي نه هئي ته راجستان ۽ ٿرپارڪر کان ايندڙ اها برسات بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندي ۽ بنا ڪنهن بريڪ، واري اها غير معمولي برسات سندن سر به کڻندي. شروع ٿيل اها قيامت خيز برسات جڏهن لڳاتار بند نه ٿي ۽ بدين ضلعي جو ڏاکڻو قديم ڊيلٽا ڀاڱو ولاسو، ونگو ۽ مانڌر جتان قديم دريا پراڻ سميت اٽڪل ڇهه عدد قديم درياهه وهي وڃي ڪوري کاري ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. باغن، ٻيلن ۽ خوشبو وارن ڳاڙهن چانورن ۽ سرهاڻ وارن گاهن جي سنڌ جي ڪشمير واري ان خطي کي واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي پيدا ڪيل ايل بي او ڊي جي تباهڪارين بعد 90 واري ڏهاڪي کان، بدين جي سامونڊي پٽي وارو خطرناڪ علائقو ۽ ڊزاسٽر ريڊ زون سڏيو وڃي ٿو. هن خطي تي 25 جولاءِ 2003 تي ايل بي او ڊي جي تباهه ٿيل اجگر سم نالن وسيلي تيز برسات هلندي ٻوڏ جي هڪ اهڙي ڪاري قيامت ڪڙڪي هئي جيڪا قيامت 19 مئي 1999ع جي ڀيانڪ سامونڊي طوفان سائڪلون اي 2 کان به وڌيڪ موتمار ثابت ٿي. هڪ ئي رات ۾ اوچتو ماڻهن جي سرن تي سامونڊي پاڻي چڙهي ويو. روپاماڙي، شيخاڻي گهاڙي ۽ علي بندر کان موجوده بدين شهر تائين سڄو ڏاکڻو ڀاڱو 10 کان 17 فوٽ پاڻي ۾ غرق ٿي ويو ۽ سمنڊ بدين شهر تائين ڇوليون هڻڻ لڳو ۽ سمنڊ جي ان اٿل واري پاڻي تي سوين انساني لاش ۽ حيوانن جا مڙهه تري رهيا هئا. جڏهن 11 آگسٽ خميس واري ڏينهن آبپاشي کاتي جون برانچ سم ناليون ابتيون وهڻ لڳيون ۽ پاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ اچي داخل ٿيو ۽ تڏهن هتي جي ماڻهن کي هڪدم 2003ع واري ڀيانڪ خوني ٻوڏ ياد اچي ويئي ۽ هزارين ماڻهو پنهنجا گهر گهاٽ مال متاع ڇڏي پنهنجا سر کڻي جڏهن ڪڍڻ، ٻهڊمي، نندو شهر، کوسڪي، ٽنڊوباگو، سيراڻي، پنگريو، لنواري شريف، احمد راڄو، ترائي گولاڙچي، کور واهه ۽ بدين وغيره جي شهرن ڏانهن معصوم ٻارڙن سميت پاڻ مرادو، پنهنجي مدد سان تار پاڻي جهاڳي هلندڙ تيز برسات ۾ انهن شهرن ۾ پهتا تڏهن خود اهي مٿيان بدين ضلعي جا شهر پاڻي جو ڪو به نيڪال نه هئڻ ڪري تيزي سان ٻڏي رهيا هئا ۽ انهن شهرن جا هزارين شهري پنهنجا گهر ٻڏڻ ڪري لڏپلاڻ جي تيارين ۾ مصروف هئا.

 

11 آگسٽ جي شام تائين 2003 جي ٻوڏ ۾ غرق آب ٿي ويل ڪڍڻ شهر 80 سيڪڙو ٻڏي چڪو هو. شهر جي قدرتي نيڪال واري قديم کاڻ جي پلٽڻ ڪري جت، ميگهواڙ، راهما، ملاح جمالي، ڪولهي ۽ درگاهه حسين شاهه جا سمورا اڌ شهر پاڙا چيلهه جيڏي پاڻي ۾ ٻڏي ٿي ويا. هزارين شهري پنهنجا سر بچائڻ لاءِ پناهن جي تلاش ۾ لڏپلاڻ ڪري اچي شهر جي سرڪاري اسڪولن ۾ پهتا جتي وري هزارين ڳوٺاڻن پڻ انهن ساڳي اسڪولن جي دروازن تائين اچي پهتا. شهر جي انهن 8 سرڪاري اسڪولن تائين پهتل هزارين ٻوڏ متاثرن جي حالت زار لفظن ۾ بيان ڪري نٿي سگهجي. انهن اسڪولن جي عمارتن ۾ ايتري قدر ٻڪر ٻوساٽ ٿي جو سوين جهور پيرسن عورتون ۽ معصوم ٻار پيرن ڀر ٻيٺل هئا. انهن جي ويهڻ جي به جاءِ نه هئي، نه ڪو پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي هو ۽ نه ئي حاجت لاءِ جاءِ خالي هئي. هر طرف روڄ راڙا ۽ بکايل اڃايل معصوم ٻارڙن جون ڪيهون هيون پنهنجا سر بچائي ڳوٺن کان لنگهڻ ايندڙ متاثرن لاءِ انهن پاڻ مرادو قائم ڪيل ڪئمپن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري طرح کاڌي خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي جو ڪوبه انتظام نه هئڻ ڪري اها رات ٻوڏ متاثرن بک تي گذاري.

رپورٽ موجب ان رات بدين جي ضلعي انتظاميه طرفان تعلقي اسڪول بدين جي انهن ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپن تي پهچي ڊيوٽي ڏيندڙ استادن کي چيو ته اهي هزارين ٻوڏ متاثرن کي کاڌو کارائڻ جو بندوبست ڪن. جنهن تي انهن لاچاري ڏيکاريندي چيو ته اسين غريب آهيون هزارين متاثرن کي ڪٿان کاڌو کارايون. اها ساڳي حالت بدين ضلعي جي مٿين سڀني شهرن ۾ هڪجهڙي ڏسڻ ۾ آئي. يعني ته بدين جي ضلعي انتظاميا هن سالن ٻوڏ جهڙي اهڙي ڊزاسٽر جي نه فقط اڳواٽ ڪابه تياري نه ڪئي هئي هئي پر جي اچڻ بعد سوين ڳوٺن مان هزارين ماڻهن کي پاڻي مان ڪڍي رليف ڪئمپن تائين پهچائي پاڻي ۽ کاڌي خوراڪ جو انتظام ڪرڻ ۾ پڻ بري طرح ناڪام ثابت ٿي آهي.

بدين ضلعو ڊزاسٽر زون هجڻ جي باوجود آبڪلاڻي جي هن مند ۾ جڏهن سال جي خوفناڪ پاڇاٽي برسات مئي ۽ جون جي بجاءِ 10 آگسٽ کان شروع ٿي ايستائين بدين جي ضلعي انتظاميه سميت آبپاشي، سيڊا، واپڊاسميت سمورن واسطيدار کاتن جا اهلڪار اگهور ننڊ ۾ ستل هئا. جنهنڪري هن سال پڻ بدين ضلعي ۾ برساتن ايڏي ڀيانڪ تباهي آندي. تباهي اچڻ بعد به هن سال لاوارٽ ۽ يتيم بڻيل ضلعي ۾ ڊزاسٽر مئنيجمنٽ جو ڪوبه وجود نه هئڻ ڪري لکين ٻوڏ متاثرن جي ڪابه واهر ٿي نه سگهي. اهي مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي ويا. هن آفت ۾ نه فقط حڪومت ۽ بدين جي ضلعي انتظاميه ٻوڏ متاثرن جي ڪابه واهر نه ڪئي پر لاڳيتو آفتن جي اچڻ ڪري بدين ضلعو جيڪو اين جي اوز لاءِ جنت بڻجي ويو آهي. مختلف اين جي اوز وارا بدين ضلعي جي تباهي هيٺ آيل سامونڊي پٽي ۾ ڪروڙين روپين جا مختلف پراجيڪٽ گذريل ڏهاڪو سالن کان هلائي رهيا آهن. انهن ڀوتارن پڻ هن ڀيانڪ ٻوڏ ۾ متاثرن جي رليف لاءِ ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو. هن ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ڪڍڻ شهر ۽ سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ 14 آگسٽ تائين حڪومت ۽ اين جي اوز طرفان ڪنهن به قسم جي ڪابه امدادي ڪاروائي شروع نه ڪئي وئي هئي. سڄي ضلعي جا لکين ٻوڏ متاثر اڃن ۽ بکن ۾ پاهه ٿي روڊن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. اربع جي وچ واري رات کان جمع جي ڏينهن تائين اٽڪل 70 ڪلاڪن جي تيز برسات جيڪا موسميات کاتي وارن 224 ملي ميٽر ان برسات جو رڪارڊ 300 ملي ميٽر کان وڌيڪ ڄاڻائي رهيا آهن. ان برسات بدين ضلعي ۾ ڪيڏي تباهي ڪئي آهي ان جو اندازو يوسي ڪڍڻ جي هڪ ننڊي آبادگار ڊاڪٽر عبدالله رهياڙ جي ان ڏک مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. هو چوي ٿو ته منهنجون 70 ايڪڙ ڦٽيون، 5 ايڪڙ مرچ ۽ ٽي بلاڪ ساريال جا پوکيل هئا. جيڪي منهنجا اهي سڀئي فصل پاڻي ۾ ٻڏي 100 سيڪڙو تباهه ٿي ويا آهن جن مان مونکي ۽ منهنجي مسڪين هارين کي هڪ مڻ جي به اميد ناهي.

ديهه سينگاري جي آبادگار علي احمد بروهي “افيئر” کي ٻڌايو ته منهنجون هن سال ست ايڪڙ ڦٽيون هيون ۽ ٻه ايڪڙ مرچ هئا. مون هن سال موٽر سائيڪل وٺڻ جو ارادو ڪيو هو پر هاڻي منهنجو الهه تلهه تباهه ٿي ويو آهي ٻچا وات ۾ اچي ويا آهن. ديهه جانجهلي جو هڪ ننڍو آبادگار شريف چانڊيو چوي ٿو ته اسانجي سڄي ديهه مڪمل طور تي تباهه ٿي ويئي آهي. اسان وٽ کائڻ لاءِ هاڻي هڪ داڻو به اناج جو نه بچيو آهي. ڪڍڻ شهر جي هڪ دڪاندار سياسي ۽ سماجي ڪارڪن محمد خان ٽالپر ٻڌايو ته گذريل ڏيڍ مهيني کان ڪڍڻ جهڙي ننڍڙي شهر مان ڦٽين جون اٽڪل 30 ٽرڪون ڏهاڙي ڀرجي رهيون هيون، جنهن مان ڏهاڙي هارين ۽ پورهيتن کي 18 لک روپيه فقط ڦٽين جي چونڊائي جي مزدوري ملندي هئي جنهن مان هو پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا. هاڻي ٻوڏ بعد ڪڍڻ شهر واري علائقن ۾ ڦٽين جي فصل جو وجود ئي ختم ٿي ويو آهي. هڪ مڻ جي اچڻ جو به آسرو نه آهي. جتي هن سال فقط ڪڍڻ واري علائقي ۾ اربين روپين جي ماليت جون ڦٽيون تباهه ٿي ويون آهن. اتي سڄي بدين ضلعي به فقط ڦٽين جو گهڻو نقصان ٿيو آهي ان جو ڪاٿو ڪيترو آهي. ان سوال جي جواب ۾ محمد خان ٻڌائي ٿو ته هن سال بدين ڦٽين جي فصل ۾ شايد سانگهڙ ضلعي کي به ملهه ماري وڃي ها. ڪڍڻ شهر جي ٻڏي وڃڻ تي هتان جو سماجي ڪارڪن ڪفايت سنڌي ان جو الزام بدين جي ضلعي حڪومت ۽ چونڊيل عوامي نمائندن تي هڻندي چوي ٿو ته هن شهر جو ڊرينيج نظام تباهه ٿيل نه هجي ها ته هي شهر ڪڏهن به نه ٻڏي ها. هڪ سروي موجب هتي جا سوين ٻوڏ متاثرن ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪڏهن ايل بي او ڊي جي سم نالي ۽ آبپاشي جون سم ناليون ابتيون نه وهن ها ۽ واهن ۾ گهارا نه پون ها ته ايڏي ڀيانڪ تباهي نه اچي ها ۽ برسات جو پاڻي نڪري وڃي ها ته ايترا گهر، ڳوٺ، شهر ۽ زرعي فصل تباهه نه ٿين ها. هن ٻوڏ ۾ فقط زرعي معيشت تي مدار رکندڙ ڪنگال ٿي ويل بدين ضلعي جا ڦٽين، مرچ، ساريال، آرڻ، ڪمند جا خريف جا سمورا لکين ايڪڙن تي بيٺل اربين روپين جا زرعي فصل 100 سيڪڙو تباهه ٿي ويا آهن، لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ مري ويو آهي.

ٽنڊو محمد خان ۽ ماتلي کان وٺي علي بندر تائين لکن جي تعداد ۾ لاڙ جو چوپايو مال ٿر ڏانهن وڃي رهيو آهي. هن شاهراهه تي سوين مئل ڍورن جا ڍانچا ڏسي سگهجن ٿا سڄي بدين ضلعي جي پنجن تعلقن جا لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جن جا گهر گهاٽ، اناج سميت الهه تلهه تباهه ٿي ويو آهي.

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو