Home / ڪرنٽ افيئر / !ايل بي او ڊي جا راڱا ۽ اختيارن ڌڻين جي خاموشي
above article banner

!ايل بي او ڊي جا راڱا ۽ اختيارن ڌڻين جي خاموشي

 

سنڌ ۽ مسلسل تباهي……. لڳي ٿو ته هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن جو ڪوبه اهڙو ڏينهن يا گهڙي نه ٿي گذري، جنهن ۾ اڳ ۾ ئي ڦٽيل ۽ هيڻي ٿيل سنڌ کي نوان سور نصيب نه ٿين.

انساني مزاج ۾ جيڪڏهن ويڙهه جي طاقت نه هجي ها يا ڊڪشنريز ۾ لفظ ”اميد“ نه هجي ها ته سنڌ ڪڏهوڪو ڦرجي، لٽجي ۽ ٿڪجي اعلان ڪري ڇڏي ها ته اسان هارايو. هن قوم کي ڪا اهڙي ستي پيل آهي جو پئي وڙهي رڙي ۽ مقابلو ڪري .

گذريل سالن جي ٻوڏ جي تباهڪارين ۾ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيمن جي نمائندن ۽ ڪارڪنن جڏهن سنڌ ۾ پير رکيو ته هو اچرج جو شڪار ٿي ويا هئا ۽ انهن مان ڪيترن ئي واتان اهو ُٻڌوسين ته سنڌي صفا ڪي ڏاڍا ۽ غير رواجي ماڻهو آهن جو ههڙي موت مار ٻوڏ سندن هر شيءِ لوڙهي برباد ڪري ڇڏي سواءِ سندن اميد ۽ ايمان جي.

سنڌ اندر بدترين طرز حڪمراني، ادارن جي مڪمل تباهي، ضلعي حڪومتي نظام جي ڦرلٽ، انتظامي ڪرپشن ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي کي ڏسندي هو اچرج ۾ اچي چوندا هيا ته ههڙي ادارن جي برباديءَ واري صورتحال ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ برپا هجي ته اتان جا شهري اهڙي بربادي کي ڏسي اجتماعي خودڪشي ڪن ها پر سنڌي ههڙن هاڃن باوجود به جيئرا ڪيئن آهن.

آفريقا سميت دنيا جي ڪيترن ئي تباهه ٿيل خطن ۾ ڪم ڪرڻ جا تجربا کڻي سنڌ پهتل اهڙن همراهن جي تبصرن جو جهان اڃان ٿڌو ئي نه ٿيو هو ۽ سنڌ اڃان ٻوڏ جي نتيجي ۾ آيل تباهي مان نڪري سک جو ساهه نه پٽيو هو ته وري هڪ ٻي تباهي لاڙ کي ٻوڙيندي سموري سنڌ جي معاشي ۽ سماجي بيهڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي.

سنڌ سرڪار جي نااهلي، ڊزاسٽر جي انتظامڪاريءَ جي اداري (PDMA ) جي غفلت، ايل بي او ڊي جي غلط ڊزائين ۽ ڊسچارج ۽ درياهن جي وهڪرن ۽ برساتن جي اڳڪٿين جي غلط رپورٽنگ جي نتيجي ۾ هن وقت اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ آهي. ان کي منهن ڏيڻ وارن اپائن ۾ سستي صورتحال کي اڃا ڳنڀير ڪري ڇڏيو آهي.

نتيجي ۾ اڌ سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو آهي، هزارين ماڻهو بي گهر ٿي لڏپلاڻ جو شڪار ٿيا آهن، ڳوٺن جا ڳوٺ ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، سم نالن جي گهارن زرعي زمين ۽ فصل جي بربادي ڪري ڇڏي آهي، ڪيترائي ماڻهو، عورتون ۽ ٻار مري چڪا آهن. اها آهي اڄوڪي جديد دنيا ۾ سنڌ جي تازي تصوير، جيڪا قبل مسيح جي ڪنهن سماج جو ڏيک ڏئي رهي آهي.

هاڻ ان تباهيءَ جي نتيجي ۾ پهتل نقصانن جا انگ اکر ورجائڻ کان بهتر ٿيندو ته ان ڳالهه تي بحث ڪجي ته آخر سنڌ ڪيستائين ايئن لوڙهيندي رهندي ۽ هر دور جي حڪومت پوءِ اها جرنيلي آمريت هجي يا جمهوري آمريت خبر ناهي ڇو سنڌ اندر هر معاملي کي ”ڊيلي ويجز“ جي بنياد تي کنيو ٿو وڃي.

ڇونه ٿا حڪمران ۽ منصوبا جوڙيندڙ ادارا سنڌ لاءِ ڊگهي مدي واريون حڪمت عمليون جوڙِي سنڌ کي اهڙين تباهين کان بچائين، جيڪي سنڌ کي معاشي ۽ سماجي طور ڏهاڪا پويان ڌڪيون ڇڏين.

پنهنجي ڪوتاهي ۽ ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ بدران اسان جا اڄوڪا حڪمران هڪ دفعو ٻيهر ساڳئي روايتي انداز ۾ سموري بحران جو سبب واپڊا ۽ ايل بي او ڊي کي زميوار ٺهرائڻ بدران ڇو نه ٿا پنهنجي حڪمراني جو احتساب ڪن. .

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا صاحبه اهو چوي ٿي ته وزير اعظم گهٽ پيسا ڏنا ۽ هو سموري بحران جو ذميوار ايل بي او ڊي پراجيڪٽ کي قرار ڏئي ٿي. يا ٻئي پاسي سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ آبپاشي کاتي جو وزير ڌاريجو چوي ٿو ته انتظاميه ان تازي بحران کي منهن ڏين ۾ ناڪام وئي آهي ته انهن همراهن کي اخلاقي طور پنهنجن پنهنجن عهدن ۽ سياسي پوزيشنسز تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي جو اهي ناڪاميون دراصل سندن ناڪاميون آهن.

سنڌ سدائين ميگا منصوبن جي آڙ ۾ نقصان کاڌا آهن، اڃا ايل بي او ڊي جي منصوبي جي سنڌ کي تاريخي فائدا پهچائڻ واري ٿيسز تي بحث جاري هو ته هزارين ڊالرن جي پگهارن تي ڀرتي ٿيل فني ماهرن جي لوڌ چوڻ شروع ڪيو ته هاڻ وري آر بي او ڊي ٺاهيو ته جيئن خوشحال ۽ سرسبز سنڌ جو رهيو سهيو نور به چٽ ٿئي ۽ کاڌ خوراڪ، ڏڌ مکڻ ۽ اٽي چانور ۾ ڪنهن حد تائين آسائتي سنڌ اڃان غريب ۽ بدحال ٿئي.

گذريل سال جي ٻوڏ کانپوءِ جيڪا تباهي آئي ان ٻوڏ تي ڪم ڪندڙ بين الاقوامي ادارن، سنڌ اندر ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ واري سرگرمي دوران مختلف تحقيقي رپورٽون، فيلڊ جا تجربا ۽ ڪيس اسٽڊيز لکندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن اهڙو ٽرينڊ جاري رهيو ۽ حڪومتون ڊزاسٽر کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن سنجيده منصوبا بنديءَ واري فيز ۾ داخل نه ٿيون ته سنڌو نديءَ جي پڇڙيءَ واري سنڌ ڪجهه سالن اندر ئي چاڊ، سوماليه، اٿوپيا ۽ سوڊان بڻجي ويندي.

سنڌ آبادگار بورڊ ۽ ٻيا زرعي ماهر چون ٿا ته هيلوڪي برسات ۽ ايل بي او ڊي جي تباهي ڪارين جي نتيجي ۾ 33 لک ايڪڙ متاثر ٿيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ هلندڙ سال ئي سنڌ اندر ڏڪار واري ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي.

اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهو آخر ڪيستائين اميد جي ڏئي کي ٻاريندو رهندو. آخر حڪومتون ، ادارا، رياست جو به ڪو ڪردار آهي يا انهن جو ڪم رڳو ڦرلٽ ۽ قومن کي معاشي ۽ سياسي طور غلام بڻائڻ جي رٿابندي تي عمل ڪرڻ آهي.

گذريل سال ٻوڏ جو سڀ کان وڏو سبق اهو هو ته انساني ترقي ۽ ڀلائيءَ لاءِ ريسڪيو ۽ رليف هڪ حد تائين اهم فيڪٽرز آهي پر اصل ڪم هي آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن وڏي تباهي کان بچڻ جا اڳواٽ اپاءَ وٺجن، پر بدقسمتيءَ سان گذريل سالن جي تباهين مان اسان سبق نه پرايو ۽ نتيجي ۾ سنڌ هڪ ٻي تباهيءَ کي منهن ڏئي رهي آهي.

لڳي ته ائين ٿو ته حڪومت ۽ رياست طئي ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ جي واهر نه ڪبي، ۽ رڳو فوٽو سيشن ڪري، لکين متاثرين مان چند ماڻهن کي نالي ماتر امداد ڏئي، ٽي وي چينلز لاءِ فوٽيج ٺهرائي، غريب ماڻهن جي ٽيڪسن سان ڀرجندڙ قومي خزاني جي ڀينگ ڪري سرڪاري دورا ڪبا ۽ ماڻهن کي بدحال ڇڏي ڏبو.

اڄ لاڙ جي خوشحالي تي لاڏ ڪندڙ ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاوليءَ جو روح به حاڪمن کي اسان وانگر پاراتا ڏيندو هوندو ۽ هو ضرور سوچيندا هوندا ته ملير جي مارئي ۽ لاڙ جي ٻاگهل ٻائي، شهيد بينظير ڀٽو جي رت مان چونڊيل هيءَ حڪومت سنڌين کي آخر ڪهڙيِ ڏوهه جي سزا ڏئي رهي آهي.

اچو ته ڪي گهڙيون سياسي بحثن مان آزاد ڪري،سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي اوج واري آسمان جي چوڏهين جي چنڊ ”لاڙ“ کي ارپيون ۽ هيلوڪي تباهي ۾ ڏک ۽ سختين ۾ ڦاٿل پنهنجن جي واهر لاءِ وک اڳتي وڌايون ۽ انهن جو ڀرجهلو ٿيون.

”مند آهي چري رات آهي ٺري

مهڪ موتيءَ سندي، واهوندي ۾ وري” منشي

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو