Home / افيئر / !لبيا: قذافيءَ جو سج لهي ويو
above article banner

!لبيا: قذافيءَ جو سج لهي ويو

لبيا ۾ ڪافي عرصي کان عوامي بغاوت هلندڙ هئي، ماڻهن کي ڪيڙا مڪوڙا سڏي قتلام ڪندڙ ڪرنل قذافي پنهنجي هوڏ تي لڳاتار قائم رهيو جنهن سبب وڏي خونريزي ٿي. هن خلق خدا کي مات ڏيڻ لاءِ الجزائر، چاڊ ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن مان ڪرائي جا قاتل به گهرايا، جن ڌرتي ڄاون جا سينا گولين سان پئي پروڻ ڪيا ليڪن باغين جي حمايت ۾ نيٽو ۽ نيٽو جا حامي عرب ملڪ اڳيان اڳيان رهيا جن ۾ قطر پاڻ ملهايو. اوڀر بن غازي کان شروع ٿيل اها پر امن ويڙهه جنگاڻ ۾ بدلجي وئي تڏهن به قذافي تي وحشت جو ڀوت سوار هو، جنهن ڪارڻ اها ويڙهه ڊگهو عرصو جاري رهي.

تيونس، مصر ۽ يمن ۾ آيل انقلاب ۽ اتان ورهين کان بادشاهت جا مزا ماڻيندڙن جي ڀاڄ کانپوءِ عام تاثر اهو هو ته قذافي پنهنجي هوڏ تان لهندو ۽ اقتدار عوامي خواهشن موجب منتقل ڪندو، جنهن جي کانئس اولهه جا ملڪ پڻ تقاضا ڪري رهيا هئا پر هن ايئن ڪرڻ بدران اهو اعلان ڪيو ته “آءُ نه ته حسني مبارڪ آهيان ۽ نه وري زين العابدين علي جو ملڪ ڇڏي وڃان، نه وري صدر آهيان جو استعيفيٰ ڏيان، آءَ سولجرآهيان رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس” قذافي جي اهڙي احمقاڻي روش سبب عالمي قوتن کي اهو خوف ٿيو ته هو اڃا به وڌيڪ معصوم ماڻهو مارائڻ جي راهه تي نڪتل آهي، ان ڪارڻ ان کي روڪڻ جي حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي، جنهن تحت 1973ع واري قرارداد گڏيل قومن پاس ڪندي، لبيا کي نو فلاءِ زون قرار ڏنو. فرانس جي سربراهي ۾ نيٽو پنهنجي طاقت سان معصوم انسانن کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ لٿي ۽ قذافي جي طاقت کي نشانو بنائڻ جو اعلان ڪيو. ايئن مارچ ۾ شروع ٿيل ڊبل مارچ 25 آگسٽ تي لڳ ڀڳ انجام تي پهتو. انقلاب جون دعوائون ڪندڙ ۽ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهڻ جون گدڙ ڀڀڪيون ڏيندڙ قذافي باغين جي طرابلس ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ لاڳيتو غائب آهي. سندس محل تي به باغين جو قبضو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته باغين طرفان نه رڳو سندس ڳولا ڪئي پئي وڃي بلڪه کيس زندهه گرفتار ڪرڻ يا اطلاع ڏيڻ تي به انعام رکيو ويو آهي.

جيتوڻيڪ دنيا جي اڪثر ملڪن لبيا جي عبوري سرڪار کي تسليم ڪري ورتو آهي ليڪن الجزائر واحد ملڪ آهي جنهن اڃا تائين عبوري سرڪار کي تسليم نه ڪيو آهي. جڏهن ته قذافي جي چئن گهر ڀاتين کي الجزائر پناهه ڏني آهي، جنهن ۾ سندس زال، ٻه پٽ ۽ ڌي عائشه شامل آهن. الجزائر سرڪار جو ان سلسلي ۾ موقف اهو آهي ته کين انساني بنيادن کي پناهه ڏني وئي آهي.

وقت جا عجيب فيصلا آهن ڪو وقت هيو جڏهن لبيا تي اهي الزام هوندا هئا ته اهو دنيا جي دهشتگرد تنظيمن جو حامي آهي ۽ انهن جي باقاعده سرپرستي ۽ مدد ڪري ٿو. ان ڪارڻ ئي ان تي Rogue رياست جو الزام هو، جڏهن اهو ان ليبل کان آجو ٿيو آهي تڏهن ڪرنل قذافي رڳو ڏاکڻي پنهنجي اباڻي شهر تائين محدود ٿي چڪو آهي باقي لبيا قذافي ۽ سندس ساٿين جي هٿ وس ناهي رهيو.

قذافيءَ جو اهو سفر ڪاميابيءَ کان زوال تائين ڪيئن پهتو؟ اها نه نهايت دلچسپ ڪٿا آهي. نوجوان قذافي جيڪو شاهي فوج ۾ هو ان عمر مختار جي نقش قدم تي هلندي 1969ع ۾ بادشاهه ادريس کي اقتدار تان هٽائي ان تي قبضو ڪيو. ان وقت اتر آفريڪا جا ملڪ اهڙي انقلاب جي تاڙ ۾ هئا. 1952ع ۾ شاهه فاروق جي اقتدار جو تخت اونڌو ڪيو ويو. تيونس 1960ع واري ڏهاڪي ۾ آزادي ماڻي، سوڊان ۾ جعفر نميري اقتدار تي قبضو ڪيو. ايئن انهن سمورن ملڪن ۾ قومپرستي جو گڏيل ٽرينڊ هو، پر اهو سوويت يونين طرف مائل هو. يورپين ان کي سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ سمجهيو. پر ايئن نه هيو. اهي قومپرست ٽرينڊ سان ڌڪجي کاٻي ڌر جي ڪئمپ ۾ اچي ويا. لبيا ۾ قذافي جي اقتدار تي قبضي کانپوءِ تيل وڏي مقدار ۾ دريافت ٿي چڪو هو، جنهن کي هن قومي تحويل ۾ ورتو. تيل جي دولت ماڻهن تي دل کولي خرچ ڪئي وئي. ايئن قبيلائي جنگاڻ جي شڪار لبيا ۾ ‎ٺاپر آئي. روايتي طرح هتي ٽي مضبوط قبيلا عرب، بربر، آفريڪن ڪارو نسل رهيا آهن. اميه دور ۾ جڏهن هي ملڪ اسلام جي قبضي ۾ آيو ته مذهب جي نالي تي عرب ان تي قابض ٿي ويا، ۽ مٿيان ٻئي قبيلا مذهبي عبادت ۽ ڀائيچاري جي نالي ۾ هٿ مهٽيندا رهجي ويا.

جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسين ته قذافي جي اچڻ سان قبيلن وچ ۾ جنگاڻ جي بدران ويجهڙائپ پئدا ٿي. تيل جي دولت ماڻهن جي فلاح تي خرچ ڪئي وئي. لبيا ملڪ جي حيثيت سان عرب ليگ ۽ او آءِ سي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عرب قومپرستي جي حوالي سان به سندس ڪردار ڳڻپ جوڳو رهيو. ليڪن قذافي کي پنهنجي اقتدار دوران جيڪي سڌارا ڪرڻا هئا. اهي نه ڪري سگهيا. ان ۾ خاص طور تي يونيورسل بنيادن تي تعليم، صحت ۽ روزگار جا مسئلا سرفهرست هئا. هن پنهنجي قذافي قبيلي کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي سلسلي ۾ وڌيڪ اهميت ڏئي متڀيد جو رواج وڌو. فوج ۽ سول سروسز ۾ به پنهنجي قبيلي جا ماڻهو ڀري ڇڏيا. ترقي جو اهو عالم رهيو جو ٻين نسلن جي علائقن کي ترقي ۾ به پٺتي رکيو ويو. لبيا جيتوڻيڪ گهڻ نسلي ملڪ آهي پر اتي ٻين نسلن مٿان عربي ٻولي ۽ ثقافت کي مڙهيو ويو. اوڀر وارن گهٽ ترقي يافته علائقن کي نه ترقي جي عمل ۾ نه وري روزگار جي عمل ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ڪارڻ انهن ۾ حڪمرانن لاءِ ڪروڌ پئدا ٿيڻ فطري ڳالهه هئي.

ٿيڻ ايئن کپندو هو ته انقلاب کانپوءِ ڪرنل قذافي کي هڪ سچي انقلابي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها، جيڪو هو نه ڪري سگهيو. ان لحاظ کان اهو تمام ضروري هو ته هو لبيا جي مختلف قبيلن کي گڏ ڪري سندن وچ ۾ موجود قبائلي نفرت ختم ڪري ها، سڀني کي برابري جي بنياد تي اقتدار ۾ شريڪ ڪرڻ سان گڏ تيل جي دولت ملڪ جي سڀني نسلن جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪئي وڃي ها. وقت سر چونڊون ڪرايون وڃن ها. مختلف ٻولين ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائي وڃي ها. ليڪن قذافي ايئن نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري اندر ئي اندر سندس خلاف لاوا پچندو رهيو، جيڪو آخرڪار عوامي اڀار جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، جنهن هڻي ته سندس اقتدار جا ڌاڃوڙا ڪڍي ڇڏيا.

ڏٺو وڃي ته لبيا ۾ فيبروري 2011 کان عوامي بي چيني پکڙيل هئي. عوام بغاوت جي پنڌ تي هو. سياسي طريقي سان جيڪڏهن مسئلي جو حل ڳولهيو وڃي ها ته ماڻهن سان ڳالهيون ڪري، طاقت جو استعمال گهٽائي، وقت جي تقاضائن موجب تبديليون آڻي معاملا سلجهائي سگهجن پيا. ايئن به ٿي سگهيو ٿي ته قذافي رضاڪاراڻي نموني اقتدار ڇڏي ڏئي ها ۽ عوام کي اپيل ڪري ها ته توهان جي خواهش موجب اقتدار توهان جي حوالي ڪريان ٿو. پر هو پنهنجي روايتي هوڏ سبب ايئن نه ڪري سگهيو. جنهن ڪارڻ عوامي بغاوت نه رڳو سندس اقتدار لوڙهي ڇڏيو آهي بلڪه هاڻي کيس سر لڪائڻ لاءِ به جاءِ نٿي ملي ۽ ڪوبه ملڪ کيس پناهه ڏيڻ کاءِ تيار ڪونهي.

هاڻي جڏهن عرب بهار قذافي جي 42 ساله اقتدار جو سج لاهي ڇڏيو آهي تڏهن ٽي اين سي کي به سياسي عقلمندي جو مظاهرو ڪندي اهي پراڻيون غلطيون نه دهرائڻ گهرجن جيڪي قذافي پنهنجي دور ۾ ڪندو رهيو ۽ آخرڪار اهي غلطيون ئي سندس زوال جو ڪارڻ بڻيون. قذافي دشمني جي سزا قذافي قبيلي کي ڏيڻ درست ناهي. جيڪي فوجي هٿيار ڦٽا ڪري پيش پون ٿا تن کي فوج ۾ ٻيهر شامل ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ عراق وانگر خطرناڪ خونريزي ٿيندي. باقي قذافي اڄ يا سڀاڻ صدام وانگر ڪنهن بنڪر مان گرفتار ڪيو ويندو. سندس اولاد عراقي صدر جي ٻارن وانگر ماريو ويندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته لبيا جو عبوري اقتدار سنڀاليندڙ ٽي اين سي کي ملڪ هلائڻ ۾ ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، پر جيڪڏهن انهن متڀيد ترڪ ڪري سڀني گروپن ۽ نسلن کي هڪجهڙائپ ۽ برابري جو احساس ڏياريو ۽ عملي طور شامل ڪيو ته پوءِ اهي هڪ نئون لبيا اڏي سگهندا.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو