Home / ڪرنٽ افيئر / !لياري ۾ ڪوس: ضيا جو بد روح روڊن تي
above article banner

!لياري ۾ ڪوس: ضيا جو بد روح روڊن تي

بينظير ڀٽو پنهنجي پهرين يا ٻي حڪومت جي دور ۾ لياري جنرل اسپتال ۾ نرسنگ اسڪول جو افتتاح ڪرڻ آئي ته ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويا. محترمه جڏهن اسپتال اندر قائم جلسي گاهه جي اسٽيج تي وڃي ويٺي ته ٻه چار مقامي ماڻهو هڪ هڪ ڪري اسٽيج تي چڙهي ويا ۽ پري کان پنهنجي محبوب اڳواڻ کي بلوچي طرز ۾ کيڪاريائون. پوءِ ته عوام ۾ لائن هلي پئي ته اسٽيج تي چڙهڻو آهي ۽ بي بي کي کيڪارڻو آهي. هڪٻئي جي پويان ماڻهن جي قطار اسٽيج تي چڙهڻ لڳي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت پارٽي جي مقامي قيادت کي اهو سلسلو بند ڪرائڻ لاءِ چيو.

پارٽي جا مقامي اڳواڻ پنهنجي ماڻهن جي مزاج کان ڀلي ڀت واقف هئا. ڪنن تي هٿ رکي چيائون ته اسانجي دال نه ڳرندي. پارٽي جي هڪ سينيئر اڳواڻ اسٽيج جي ڀڪ تي بيهي عوام جي سيلاب کي روڪڻ چاهيو ته هن سان جيڪو حشر ٿيو اهو لکڻ جهرڙو ناهي. پوءِ اڌ ڪلاڪ اهو سلسلو هلندو رهيو. لياري جا ديوانا هڪ هڪ ڪري اسٽيج تي چڙهندا رهيا ۽ هٿ جي اشاري سان ڄڻ ته بي بي کي چوندا رهيا “تو جوڙي شر جوڙي”

جيڪڏهن بي بي مائڪ تي اچي ماڻهن کي چئي ها ته اهو سلسلو بند ڪن ته هو پڪ سندس ڳالهه مڃين ها پر هن ايئن نه ڪيو. سڪون سان اسٽيج تي ويٺي رهي، مرڪندي رهي ۽ عوامي محبت جي هن اظهار کي هٿ جي اشاري سان قبول ڪندي ۽ ورجائيندي رهي.

۽ جڏهن هو مائڪ تي آئي ته هن پنهنجي تقرير هنن لفظن سان شروع ڪئي “لياري ڪي عوام ميري والد ذوالفقار علي ڀٽو ڪي لاڊلي ٿي اور ميري لاڊلي هين” ان تي تاڙين جو جيڪو وسڪارو ۽ جيئي ڀٽو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳا انهن جو اندازو اوهان لڳائي سگهو ٿا.

پر لياري جا اهي لاڏلا، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي نظير جا اهي دادلا پنهنجي ئي پارٽي جي حڪومت ۾ اڄ نڌڻڪا آهن ۽ پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومنٽ جي اقتدار جي جنگ ۾ ٻوڙن جيان لتاڙجن پيا.

پر رڳو لياري ڇو، پيپلز پارٽي جي بي بصيرت قيادت سنڌ سان اهو سلوڪ پئي ڪري جيڪو هڪ بدمغز وڏيرو پنهنجي هارين ۽ راڄ سان ڪندو آهي.

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ مقامي حڪومت جي نظام تي ڇڪتاڻ ته ٻنهي جي اتحادي حڪومت ٺهڻ سان شروع ٿي ۽ اينگهندي رهي. ڪشمير اسيمبلي جي ٻن سيٽن تي چونڊون ملتوي ڪرڻ بعد ايم ڪيو ايم پ پ کي ڪراچي ۾ ترسيل ڪشميرين جي ووٽن سان چونڊجندڙ اهي ٻيون سيٽون کيس ڏئي وري دٻاءُ وجهڻ خاطر ٽيون يا چوٿون ڀيرو صوبائي حڪومت کان علحدگي حاصل ڪئي ۽ هن ڀيري مڪمل علحدگي جو جو کان هن ڀيري گورنر عشرت العباد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ته پي پي وجهه وٺي نه فقط سنڌ ۾ ڪمشنري نظام ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪئي بلڪه ان ڏس ۾ اسيمبلي کان قانون به منظور ڪرائي ڇڏيا.

ايم ڪيو ايم کي ڍڪر چڙهي ويا. نه ڪڇهه هم نه تم. ڇاڪاڻ ته اها هڪ اهڙي سوڙهي گهٽي ۾ ڦاسي پئي جنهن مان نڪرڻ جو رستو کين نظر پئي آيو.

پر اهو رستو کين بدين جي بالم ڏنو. عوامي نيشنل پارٽي جي دعوت ۾ هن مولا ڄٽ جنهن انداز سان ڳالهايو ان ايم ڪيو ايم کي موقعو ڏنو ته هو ڪراچي جي روڊن رستن تي رت جي راند کيڏي ۽ مهاجر صوبي جا نعرا هڻي پ پ کي بليڪ ميل ڪري پ پ هڪڙي پاسي چوڌري شجاعت وسيلي ايم ڪيو ايم کي پرچائيندي به رهي ۽ ٻي پاسي ملير جي علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي طاقت ٽوڙڻ جي ڪوشش به ڪيائين. يعني لٺ ۽ چٺ جي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پر بدمعاشي ۽ مڪاري جي سياست ۾ ايم ڪيوا يم وارا پ پ کان اڳڀرا نڪتا. دير نه ٿي جو پ پ گوڏا کوڙيا ۽ رحمان ملڪ جي ٻي روپ ۾ بابر اعواڻ کي ڪراچي موڪليائون ته هو سنڌ اسيمبلي جي توهين ڪندي مارشل لا دور جي باقيادت مان هڪ يعني آرڊيننس ذريعي سنڌ ۾ ٻٽو نظام رائج ڪري سنڌ جي ورهاڱي جو اعلان ڪري.

پ پ جي پيارن کي ڪل ئي ڪونه هئي ته انجو ردعمل ڇاٿيندو. سڄي سنڌ ۾ ڀنڀٽ ٻري پيو. هڪڙي پاسي قومپرستن جي سڏ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هڙتال ڪري سنڌي عوام پاڻ مڃايو ته ٻي پاسي پيپلز پارٽي ۾ موجود صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن حميرا علواڻي، نواز چانڊئي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر يوسف ٽالپر ۽ ظفر علي شاهه ضمير جي آواز تي ليڪ چوندي پارٽي پاليسي کي رد ڪري ڇڏيو.

پوءِ جڏهن حيدرآباد کان گهاري ۽ ڪنڌڪوٽ تائين پ پ وزيرن جي در تي دانگيون ٽنگيون ويون ته ويچارن ۾ ڦڙ ڦوٽ پئجي وئي ۽ هو وڃي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ صدر آصف زرداري کي ليلهائڻ لڳا ته ٻيلي اسانکي اوڙي پاڙي ۾ خوار ٿيڻ کان بچايو.

ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ ضلعي حڪومت ۽ باقي سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي نفاذ جو فيصلو ڪري ڄڻ پيپلز پارٽي نقصان کان بچڻ (damage control) جي ڪوشش ڪئي پر حيدرآباد ۽ ڪراچي جي پراڻي حيثيت بحال رهي.

ان تي ايم ڪيو ايم کي هشي ملي وئي ۽ اها سنڌ حڪومت ۾ واپسي لاءِ گهرو ۾ مڪاني ادارن وارن کاتن جي به گهر ڪرڻ لڳي. پنهنجي هير موجب هن حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ گذريل اڱاري ۽ اربع واري ڏينهن چونڊي چوندي لياري جا لاڏلا ماريا ۽ ان ڪوس ۾ سياست کان ذري گهٽ ڪناره ڪش ٿيل اڳواڻو ايم اين اي واجه ڪريم داد به ڪُسجي ويو.

جنهن مهل هي ڪوس هلي رهيو هو ته سنڌ جي گهرو وزير منظور وساڻ ايم ڪيو ايم جي افطار پارٽي ۾ ڏند پئي ڪڍيا.

بابر اعواڻ ۽ رحمٰن ملڪ پارن صلاحڪارن ذريعي جن سگهارين قوتن صدر زرداري کي ايم ڪيو ايم جي علحدگي دوران ڪمشنري نطام بحال ڪرڻ جي صلاح ڏني هوندي تن کي پڪ هئي ته سندن پيداوار ايم ڪيو ايم جو ان تي ردعمل ڇا ٿيندو ۽ اهو سلسلو ڪيڏانهن ويندو.

ضياءُالحق جو ڀوت پاڪستان جي سياست جي ڪلهن تان ڪڏهن لٿو ئي ڪونه هو پر هاڻي اهو پنهنجي پوري جاه و جلال ۽ حشمت سان ٺينگ ٽپا ڏيندو پيو وتي ۽ هن ڌمچر ۾ ميڊيا ۽ عوام کي اهي ٻه اشو وسري ويا آهن جيڪي هن رتوڇاڻ کان اڳ سڀني جي ذهنن تي ڇانيل هئا.

مهراڻ نيول بيس تي حملو ۽ ايبٽ آباد آپريشن.

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو