Home / ڪور افيئر / !مفاهمت جي نالي تي سنڌ سان منافقت
above article banner

!مفاهمت جي نالي تي سنڌ سان منافقت

شهيد ڀٽي جي بيگناهيءَ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ وزارت تان استيعفيٰ ڏيندڙ ”راولپنڊيءَ“ جي وفادار فرزند بابر اعواڻ کي سنڌ جي وحدت جا فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏئي آصف علي زرداريءَ پاڻ سان ويساهه گهاتي ته نه ڪئي پر اهو به يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ون يونٽ کانپوءِ سنڌ جي وجود تي ڪاري ضرب بابر اعواڻ صرف پنهنجي منشا مطابق ته نه لڳائي هوندي! کيس نوابشاهه ڄائي جي تائيد ۽ حمايت ڪيئن نه حاصل هوندي؟ پر اِها عام سنڌي ماڻهوءَ جي للڪار ئي هئي جنهن جي ڪري حڪمران پارٽيءَ کي محسوس ٿيو ته سنڌ سندن کيسي جو رومال ناهي ۽ سنڌ ڪارڊ تي سندن حق لامحدود ناهي رهيو. ”سنڌ، سنڌين جي آهي“ قومپرست ڪارڪنن جو اهو عام نعرو هاڻي وڌيڪ اهم لڳي ٿو جڏهن سنڌ جي عوام پارٽين سان وابستگيءَ کان بالاتر ٿي سنڌ ايم ڪيو ايم کي وڪرو ڪري ڏيڻ جي شديد مخالفت ڪئي. ڪمشنري نظام بحال ڪرڻ جي جعلي جرئت ڪرڻ کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ مان اِها اميد نه هئي ته سنڌ کي ورهائي ٻه ڀاڱا ڪرڻ جو ڪارو ٽِڪو اها پارٽي پنهنجي سِر تي کڻندي! لياري ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽيءَ جي ايم اين اي نبيل گبول پنهنجي اندر جو ماتم ٿڌو ڪرڻ لاءِ ئي چيو آهي ته” مفاهمت ۽ منافقت ۾ ڪو فرق ناهي“. پر مونکي اي اين پي رهنما اسفند يار وليءَ جو اهو جملو به ياد آهي جيڪو هن اسلام آباد جي ميريٽ هوٽل ۾ حڪومتي اتحاد ٺهڻ وقت ميان نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جي موجودگيءَ ۾ چيو هو ته ”مفاهمت ۽ منافقت ۾ وارَ جيتري وِٿي آهي“. هڪ عام بحث جي موقعي تي ڪنهن پراڻي جيالي جو اهو جملو به وسارڻ جهڙو ناهي ته ”آصف زرداريءَ محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمت جي وڏي فلسفي کي به ذاتي سياسي مقصدن لاءِ آلوده ڪري وڌو آهي“. پنهنجي خانداني اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪندڙ حڪمران سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي جرئت شايد ان ڪري به ڪئي جو هو پاڻ سنڌي آهي ۽ هن سمجهيو ٿي ته سنڌي سندس سياسي کيڏ ۾ خوش ٿيندا! اهو جملو ته پنجاب ۾ به هر دفعي ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي ته سنڌي متحد ناهن ۽ ستل آهن ان ڪري سندن قسمتن جا فيصلا کانئن پڇڻ بنا ڪيا وڃن ٿا. پر 13 آگست واري هڙتال توڙي ان کان اڳ عام سنڌي ماڻهوءَ جي ڪاوڙ مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي، سنڌ کان لاتعلق ناهي.

پيپلزپارٽيءَ جي قيادت کي سنڌ انتطامي طور ٻن حصن ۾ ورهائي، ايم ڪيو ايم کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي سندن چال ڪهڙي هئي؟ ان متعلق پيپلزپارٽيءَ جي سنڌي اڳواڻن ذاتي محفلن ۾ اها ڳالهه فخريه انداز سان پيش ڪئي ته ”پيپلزپارٽيءَ جي اها ڪوشش آهي ته مارچ تائين حڪومت برقرار رکجي ته جيئن سينيٽ چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪجي ۽ مستقبل جي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جو ميدان تيار ڪجي. جڏهن ته پنجاب صوبي کي ورهائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم توڙي پارليامينٽ اندر ايندڙ قراردادن منظور ڪرائڻ لاءِ گهربل اڪثريت برقرار رکڻ خاطر ايم ڪيو ايم جو گڏ هجڻ ضروري آهي، مارچ تائين ايم ڪيو ايم کي استعمال ڪري بعد ۾ کين ڪراچيءَ اندر سوڙهو ڪري سنڌي عوام کي خوش ڪيو ويندو“ پيپلزپارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي اها انفراديت ئي هاڻي شهرت بڻجي پئي آهي ته، هُو سياسي فيصلا سياسي انداز سان نه پر چالبازيءَ واري انداز سان ڪرڻ واري فن ۾ ماهر آهي. نواز ليگ کي پنجاب ۾ اڪيلو ڪري اقتدار کان پري رکڻ ۽ سرائيڪي علائقي ۾ نئون صوبو ٺاهي پنهنجي پارٽيءَ لاءِ وڏي وقت تائين حمايت وٺڻ جي عزم هيٺ نئون صوبو ٺاهيو پيو وڃي، ان لاءِ ايم ڪيو ايم جو پيپلزپارٽيءَ سان گڏ هجڻ ضروري آهي. يقين ڪري سگهجي ٿو ته نواز ليگ جي طاقت ٽوڙڻ لاءِ آصف زرداري ايم ڪيو ايم کي استعمال ڪندو ۽ ان ڪم ۾ مدد ڏيڻ لاءِ کين سنڌ جا شهري علائقا ليز تي ڏئي ڇڏيندو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته آصف زرداري، نواز ليگ سان نبرڻ بعد ايم ڪيو ايم کي ڌڪي ڌار ڪري سنڌ اندر ووٽ بينڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ جا شهر ٻيهر کانئن واپس وٺندو. جيئن پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن چيو پئي ته ڪجهه مهينن کانپوءِ ئي سنڌ جي اصل شناخت بحال ڪئي وڃي ها. پر مسئلو صرف پيپلزپارٽيءَ جي اقتدار کي طاقت بخشڻ جو يا سرائيڪي صوبو ٺاهڻ جو نه هو، سنڌي عوام سمجهيو ته آصف علي زرداريءَ نواز ليگ خلاف سياسي پيشقدمي يا سرائيڪي صوبو ٺاهڻ جي رٿابندي سنڌ جي وحدت ٽوڙڻ جي بنياد تي ڪئي. سڀاڻي ايم ڪيو ايم کي ڏنل سهوليت واپس به ورتي وڃي ها پر اها ڳالهه رڪارڊ ۾ لکجي وڃي ها ته سنڌ ايم ڪيو ايم کي هڪ صوبي طور لکي ڏني وئي هئي. ۽ اها لکت به ان پارٽيءَ ڪئي جيڪا سنڌ مان هميشه سڀ کان گهڻا ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندي آهي ۽ ان پارٽيءَ جا خالق توڙي مالڪ سنڌي آ هن. پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن سمجهيو پئي ته سنڌي مزاحمت ڪرڻ واري قوت کان خالي ٿي چڪا آهن سنڌ وڪڻڻ جهڙي قهري ڪم تي به خاموش رهندا ۽ پيپلزپارٽي جيئن چاهيندي تيئن سنڌ کي خريد ۽ وڪرو ڪندي رهندي. پر ايس ايم ايس ۽ فيس بڪ ذريعي سنڌين توڙي جو مصر جهڙو انقلاب نه آندو پر هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو ته عام سنڌي ماڻهو سنڌ سان لازوال محبت ڪري ٿو. ڪنهن سرائيڪي دوست حجت مان چيو پئي ته ”پنجاب جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ لاءِ قرباني ڏيو، اسان جو صوبو ٺهڻ تائين صبر ڪيو“ سنڌي دوستن مٿس واضح ڪيو ته سنڌ جي وحدت اسان کي سرائيڪي صوبي کان وڌيڪ پياري آهي.

بلوچستان ۾60 سالن جي خراب پاليسيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اتان جي هٿياربندن پنجاب سان تعلق رکندڙ آبادڪارن خلاف ڪارروايون ڪرڻ تي سندرو ٻڌو، جڏهن ته سنڌ ۾ آباد پنجاب جي آبادڪارن هميشه سنڌي ماڻهن خلاف ڏاڍ ۽ اڳرائيءَ وارو رويو رَوا رکيو آهي، محرابپور، ڀِريا روڊ ۽ ٻين شهرن ۾ پنجابي ڳالهائيندڙن سنڌ ساگردن تي هٿياربند حملا ڪيا آهن. تازو ئي ڀريا روڊ ۾ 14 آگست تي حملو ڪري 12 سنڌي نوجوانن کي شديد زخمي ڪيو ويو آهي. اهڙي صورتحال کي پنجابي دانشور جڏهن سنڌ جي وحدت ٽوڙن خلاف 13 آگست تي ٿيل هڙتال سان گڏائي ڏسي ٿو ته کين اهي جملا نذير ناجيءَ کان لکرائڻا پون ٿا ته سنڌ ڪارڊ جي حقيقي مالڪ پيپلزپارٽي آهي جيڪا پاڪستان جي استحڪام جي ضامن آهي ۽ سنڌ ۾ وسندڙ تمام قومن کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. پيپلزپارٽي بيشڪ وفاقي پارٽي آهي، سندن مفاد آهي ته هو سڄي پاڪستان تي حڪمراني ڪن، پوءِ ان لاءِ ڀلي کين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن تي سمجهوتو به ڪرڻو پوي. پر نذير ناجيءَ پاران اهو جملو لکڻ ته سنڌ ڪارڊ صرف پيپلزپارٽيءَ جو آهي ۽ سنڌ جي قومپرستن لاءِ ذوالفقار مرزا ئي ڪافي آهي دراصل ان خوف جي علامت آهي ته سنڌي عوام اگر متحد ٿيو ته پوءِ سنڌ اندر به سنڌي مخالف ايجنڊا تي عمل نه ٿي سگهندو. نذير ناجيءَ کي اها خبر ئي ناهي ته سنڌ دشمن فيصلو ڪرڻ کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ جي انهن اڳواڻن جيڪي بابر اعواڻ سان گڏ سنڌ جي گورنر عشرت العباد سان ڳالهيون ڪرڻ واري ٽيم ۾ شامل هئا انهن سنڌي عوام جو ردعمل ڏسي پنهنجي منهن تي پاڻ پنجن آڱرين سان ”رهڙا“ ڏئي چيو هو ته ”اسان جي سڄي محنت تي پاڻي ڦري ويو، جيڪو ڪم ضياءُ الحق نه ڪري سگهيو اهو ڪم اسان پاڻ سان پاڻ ڪري ڇڏيو“. بيشڪ پيپلزپارٽي ماني، ڪپڙي ۽ گهَر جي ڪوڙي واعدي تي سنڌين جا سڀ کان گهڻا ووٽ کڻي ٿي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته پيپلزپارٽي سنڌ وڪڻي ڇڏي!

ڪراچيءَ ۾ مهاجر صوبي جي گهُر وارا بينر لڳڻ کانپوءِ هاڻي حيدرآباد ۾ به اهڙا بينر لڳڻ شروع ٿيا آهن، اهي بينر قربانيءَ جي کلون جمع ڪرائڻ يا فطري جي رقم گڏ ڪرڻ لاءِ ناهن لڳايا ويا جن کي نظرانداز ڪري ڇڏجي. اينٽي گريٽر ٿل ڪينال توڙي ٻين سنڌ دوست ڪمن ۾ قومپرستن سان گڏ ويهندڙ پيپلزپارٽيءَ کي ڀلي سنڌ جي وجود خلاف آويزان ٿيندڙ اهي بينر هٽرائڻ ۽ بينر لڳائيندڙن خلاف ڪارروائيءَ جو اونو نه هجي پر پيپلزپارٽيءَ کي اچڻو وري به سنڌي عوام وٽ آهي. سندن جمهوريت ۽ اقتدار جا سڀ رستا سنڌ کان شروع ٿين ٿا. سنڌ جي قومپرستن جي اَنا سبب سنڌ جو آواز ڪڏهن به سگهارو ناهي ٿي سگهيو ان ڪري قومپرستن کي سڄو ڪريڊٽ ڏيڻ بجاءِ سنڌ جي وحدت خلاف جاري ٿيل آرڊينينس خلاف ٿيل احتجاج جو ڪريڊٽ سنڌي عوام کي ڏجي ته مناسب ٿيندو. اهو به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جو سست ۽ ڪاهل ٿي پيل وچولو طبقو پنهنجي سياسي ذميواريءَ کي سمجهندي متحرڪ ٿيڻ لڳو آهي، پر افسوس جو وٽن ڪا هڪ مضبوط سياسي پارٽي نه آهي. شهرن ۾ سنڌ جي ورهاڱي جا بينر لڳڻ خلاف سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين جي هڪ گڏيل احتجاجي ريلي نڪرڻ به هڪ خواب آهي. ٻوڏ ۽ بارشن ۾ لڙهندڙ سنڌين جي واهر ڪرڻ ۽ فلاحي ڪم ڪرڻ ته اڃان به ديواني جو خواب آهي.

اهو ئي هڪ دليل آهي جنهن جو فائدو پيپلزپارٽي وٺي ٿي، پيپلزپارٽيءَ جا اڳواڻ پنجاب توڙي اسلام آباد ۾ اهو ئي باوَر ڪرائيندا رهن ٿا ته سنڌ جا حقيقي وارث هُو آهن. اگر پيپلزپارٽيءَ جي سياست ۽ هاڻوڪي اقتداري ڪارڪردگيءَ جي ڳالهه ڪجي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيپلزپارٽيءَ گلگت بلتستان کي سياسي حق ڏنا، ارڙهين ترميم منظور ڪرائڻ جو تاريخي ڪم ڪيو. سياسي محاذ تي طالبان سان جنگ جوٽڻ جي همت ڪئي. عدليه جي هڪ طرفي ڪارروائيءَ جو نشانو بڻجڻ باوجود جمهوري نوعيت جي حڪومت کي برقرار رکيو آهي. پر پيپلزپارٽي جمهوري روايتن کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ انهن جي شڪل به بگاڙي آهي، ڪمزور ٿيندڙ اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي غلطي ڪرڻ سان گڏ خراب گورننس جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن. ملڪ جي ٻين جمهوريت پسندن جيان سنڌ جو جهوريت پسند عوام به چاهي ٿو ته پيپلزپارٽي مينڊيٽ مطابق پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪري، ان وچ ۾ سينيٽ جون چونڊون به ٿين ۽ بلاول زرداريءَ کي مستقبل جو وزيراعظم بڻائڻ جي رٿابندي به ڪامياب ڪرائڻ جي ڪوشس ڪئي وڃي پر پيپلزپارٽيءَ کي اها چال نه کيڏڻ گهرجي ته سڄي پاڪستان تي حڪمراني ڪرڻ جو خواب سنڌ جي قرباني ڏئي ساڀيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. پيپلزپارٽيءَ جي سينيئر ليڊرشپ کي گهرجي ته سنڌي عوام کان معافي وٺي اها خاطري ڪرائي ته آئنده سنڌ جي وحدت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

 


 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو