Home / ڪور افيئر / !مفاهمتي سياست: سنڌ جي وحدت لاءِ
above article banner

!مفاهمتي سياست: سنڌ جي وحدت لاءِ

13 هين آگسٽ تي سنڌ اندر جيڪا تاريخي هڙتال ٿي، اها رڳو شٽرڊائون ڦيٿاروڪ نه هئي پر قوم پرست ڪارڪن آصف بالادي جي لفظن ۾ سنڌ جو قومي ۽ عوامي ريفرينڊم هئو. اها هڙتال ڪمشنري نظام جي بحالي يا مشرف جي نظام خلاف نه پر سنڌ جي جاگرافيائي، قومي وحدت خلاف هر قسم جي سوچ ۽ عمل جي خلاف ريفرينڊم هئي.پيپلز پارٽي حڪومت جو سنڌ کي انتظامي طور ورهائڻ وارو حد درجي جو غير دانشمنداڻو فيصلو سنڌ مٿان ڇپ جيان ڪريو ته جواب ۾ سنڌ ٻرندڙ جبل جيان لاوو اوڳاڇيوجيڪو بينطير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ ايترو شديد عوامي رد عمل ڪنهن به موقعي تي نظر نه آيو هو.

 

ان سڄي عمل ۾ هڪ طرف اها ڳالهه ثابت ٿي ته سنڌ واسي سنڌ جي جاگرافيائي ۽ قومي وحدت خلاف ڪوبه سڌو يا اڻ سڌو وار برداشت نه ٿا ڪري سگهن. پوءِ ڇو نه کڻي اهو سندن مقبول ترين سياسي پارٽيءَ طرفان ئي ڇو نه ٿيو هجي. ٻي اهم ڳالهه جيڪا ان سڄي واقعي ۾ ثابت ٿي اها هئي ته بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پيپلز پارٽي هاڻي اهڙن فردن جي ملڪيت بنجي چڪي آهي. جيڪي سنڌ لاءِ ڪنهن به وقت سيڪيورٽي رسڪ بنجي سگهن ٿا. ان واقعي پارٽي اندر فردن جي هڪ هٽي، رابطن ۽ صلاح مشوري جي اڻ هوند ۽ سياسي وائڙائپ کي وائکو ڪري ڇڏيو.

جڏهن ٻه ٽي هفتا اڳ پيپلز پارٽي پنهنجي شهري اتحادي ڌر سان ناتا خراب ٿي وڃڻ کان پوءِ جهڙي طرح سنڌ جي وڏي ۾ وڏي قومپرست جماعت ٿيڻ جو تاثر ڏيندي رات وچ ۾ ڪراچي ۽ حيدر آباد جي اصلوڪي شڪل بحال ڪرڻ، ناظمي نظام ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي ۽ حيدر آباد جي مڪاني ادارن جا آڊٽ ڪرائڻ جا اعلان ڪيا ته صاف نظر اچي ويو ته اهو سڀ ڪجهه سنڌ دوستيءَ کان وڌيڪ پنهنجي ارڏي اتحاديءَ کي اکيون ڏيکارڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. گورنر جي آرڊيننس کي بنا دير اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ايڪٽ منظور ڪرايو ويو. سڄي قوم کي مبارڪون ڏنيون ويون، مٺايون ورهايون ويون ۽ وزيرن فخر سمجهي اعلان ڪيا ته اهو فيصلو سنڌ جي حلالي پٽن ڪيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ٻن هفتن اندر سنڌ جا ساڳيا حلالي پٽ ٻن وفاقي عيوضين طرفان سنڌ جي انتظامي ورهاست واري اعلان وقت هٿ ٻڌيو چپ بيٺا هئا. قوم کي 18 هين ترميم وسيلي صوبن جي خودمختياريءَ تي روز مبارڪون ڏيندڙ سنڌ جي انهن عيوضين 18 هين ترميم جي ان لتاڙ تي ڪجهه نه ڪڇيو ته هڪ وفاقي وائسراءِ جنهن وٽ سنڌ جو نه ووٽ آهي، نه مينڊيٽ سو ڪيئن آڌي رات جو اعلان ڪري رهيو هو ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ خاطر سنڌ ۾ ٻه انتظامي نظام لاڳو ڪيا پيا وڃن. ساڻس گڏ وفاق جو ٻيو اهم عيوضي اهو آرڊيننس جاري ڪري بيٺو هو، جنهن جو ليڊر روز ٿو اعلان ڪري ته مان سنڌ جو پٽ آهيان ۽ ان جي ورهاست جي خلاف آهيان.

پيپلز پارٽيءَ جي کوکلي فيصلي سازيءَ جا ٻيا ڪيئي منظر هڪ ٻئي پٺيان نظر آيا. سنڌي عوام جي شديد رد عمل کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي پيپلز پارٽي ٻن نظامن وارو فيصلو واپس وٺندي سڄي سنڌ ۾ مشرف جو اهو ناظمي نظام لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن بابت شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ پارٽي منشور اندر ان کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري وئي هئي. سنڌ واسين کي اهو فيصلو به هڪ شرمناڪ شڪست جي گهاءَ جيان لڳو. اها ساڳي سنڌ اسيمبلي جنهن رڳو ٻه هفتا اڳ تاڙين ۽ هوڪرن جي گونج ۾ ان نظام کي ختم ڪرڻ جو ايڪٽ منظور ڪيو هو ان ساڳي اسيمبليءَ کي وري گورنر جو نئون آرڊيننس منظور ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ اها پنهنجي گذريل فيصلي کي 180 ڊگرين جو ڦيرو کائي رد ڪندي. مزي جي ڳالهه ته سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر نثار احمد کهڙو صاحب پهريون آرڊيننس خود وقت جي گورنر طور جاري ڪري واڌايون وصول ڪري چڪو هئو. جڏهن سنڌ ان اونڌي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ته هاڻي چيو پيو وڃي ته 1979 ۽ 2001 وارن ٻنهي نظامن کي گڏائي هڪ اهڙو وچولو نظام متعارف ڪرايو ويندو جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قبوليت جوڳو هجي.

ايئن پيپلز پارٽي روز هڪ نئون فيصلو ڪندي رهي ٿي. سندس مکيه قيادت جي اندروني رابطن جي اڻ هوند ان مان به واضح ٿئي ٿي ته هڪ طرف صوبائي سڌ سماءُ واري وزير سنڌي قوم کان معافي وٺندي ان کي فني غلطي قرار ڏنو ته ٻه ڏينهن پوءِ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان ڪا غلطي ئي نه ڪئي آهي ته معافي ڇا جي و‎ٺون. پيپلز پارٽيءَ جي ايڏي ڪمزرو فيصلي سازيءَ واري صلاحيت ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيڏي ساري سنڌ جي جيئڻ مرڻ جا فيصلا اهڙي پارٽيءَ جي حوالي ڪيئن ٿا ڪري سگهجن جيڪا چوويهه ڪلاڪن تائين پنهنجي فيصلن تي قائم نه رهي سگهندي هجي. اهڙي پارٽي جيڪا اتحادين جي آڏو ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا گوڏا کوڙيندي هجي ۽ پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ سنڌ جا بنيادي مفاد به اهڙي طرح نيلام ڪرڻ لاءِ تيار هجي ان جي رحم وَ ڪرم تي سنڌ کي ڇڏڻ هڪ وڏي غلطي ٿيندي. سنڌ واسين کي هن تجربي کان پوءِ اهو اندازو ٿي چڪو آهي ته هي اها پيپلز پارٽي ناهي، جيڪا سياسي مصلحتن جي سلسلي کي اتي اچي بريڪ هڻندي جتان سنڌ جي زندگي ۽ موت جا معاملا شروع ٿيندا هجن. 90 واري ڏهاڪي ۾ به پيپلز پارٽي شهري تنظيم سان مفاهمتون ڪيون هيون ۽ ان وقت به سنڌ جي عوام ۾ ناراضگي هئي پر بينظير پنهنجي ٻنهي حڪومتن ۾ هڪ انتها تي اچي انهن مفاهمتن تان هٿ کنيو ۽ پنهنجون حڪومتون به وڃايون. پر هاڻوڪي پيپلز پارٽي اهو طئي ڪري چڪي آهي ته پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ مفاهمت جي نالي ته سڄي سنڌ جو آئيندو به داءَ تي لڳائڻو پوي ته ان تان پوئتي نه هٽبو. پيپلز پارٽيءَ جي ان روش سنڌ واسين کي شديد صدمو پهچايو، ڇو ته گذريل چاليهن سالن کان سنڌ واسي پيپلز پارٽيءَ کي ملڪ اندر پنهنجي نمائنده پارٽيءَ طور بنا حساب ڪتاب جي ووٽ ۽ ويساهه ارپيندا رهيا آهن. بد قسمتيءَ سان پارٽيءَ اندر هينئر عوام جو آواز ٻڌڻ واري قيادت موجود ناهي. عوام ته ٺهيو پر پيپلز پارٽيءَ جا اهم اڳواڻ ۽ پارليامينٽ ميمبر به ان فرسٽريشن جو شڪار آهن ته پارٽيءَ اندر هاڻي ڪو به اهڙو فورم موجود ناهي جتي هو کلي طرح پنهنجي سوچن ۽ راين جو اظهار ڪري سگهن.

پيپلز پارٽيءَ جي اندر ويٺل سينيئر اڳواڻ پڻ آف دي رڪارڊ ڪچهرين ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته هاڻي پارٽي اندر سندن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. پارٽيءَ جي هڪ تمام سينئر اڳواڻ ذاتي دوستيءَ ۾ ڪيل اعتراف سان پريشان ڪري ڇڏيو، جڏهن کيس چيم ته اوهان جهڙن سمجهدار ماڻهن جي موجودگيءَ سان اميد ته پارٽي قيادت وٽ صحيح تصوير پيش ٿيندي ۽ غلطيون ٺيڪ ٿيڻ جي ٿوري گهڻي اميد ڪري سگهجي ٿي. مون کي بنا رک رکاءَ جي چٽن لفظن ۾ چيو ته اهڙي ڪابه اميد نه رکو، سنڌ جي ڀلي لاءِ ڪجهه ڪرڻو اَٿو ته ڪو ٻيو ميدان ڳوليو باقي هاڻي منهنجي پارٽيءَ مان اهڙو آسرو رکي نه ويهجو.

جڏهن پارٽيءَ جا پراڻا ذميوار اڳواڻ ۽ چونڊيل عيوضي اهو اعتراف ڪندا هجن ته پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته سنڌ واسين کي پنهنجي تاريخي حيثيت ۽ سڃاڻپ جي بقا توڙي ملڪ اندر پنهنجي حقن جي حفاطت لاءِ ڪجهه ڳنڀير فيصلا ڪرڻا پوندا.

هن وقت پ پ ان معاملي بابت ڪابه چٽي حڪمت عملي عوام اڳيان ظاهر ڪرڻ بجاءِ پنهنجي اتحادين کي ٻيهر حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ۾ سرگرميءَ سان رڌل آهي ۽ امڪان آهي ته هي مضمون توهان وٽ پهچڻ تائين ڌريون کير کنڊ به ٿي چڪيون هجن. ظاهر آهي ته هن ڀيري اتحادين جي وزارتن ۽ حڪومت ۾ موٽ ڪنهن وڏي بارگيننگ کان پوءِ ئي ٿي هوندي. مڪاني ادارن جو نظام ڪجهه به وڃي بيهي پر اها ڳالهه پڪي آهي ته ان نئين ڍانچي ۾ ڪراچي ۽ حيدر آباد جي اصلوڪي حيثيت بحال نه ڪئي ويندي ۽ مڪاني ادارن جي ڪنهن به نوعيت جي ڍانچي ۾ اهي شهر بحرحال انتظامي طور سرڪار جي اتحادين جي حوالي ئي رهندا. اهڙي طرح پيپلز پارٽي سنڌ سان هڪ بدترين ويساهه گهاتي ڪري اقتدار جي باقي ڏيڍ سال جي پورائي جي شڪل ۾ ان جي قيمت وصول ڪندي.

هاڻي سوال اهو آهي ته ان صورتحال ۾ سنڌ واسي ڇاڪن؟ هڪ ته 13 هين آگسٽ تي سڄي سنڌ غير معمولي سياسي شعور جو مظاهرو ڪندي ڀرپور احتجاج ڪري پيپلز پارٽي قيادت اڳيان اهو واضح ڪري ڇڏيو ته هو ان ڪڌي ڪرتوت ۾ ساڻس گڏ ناهن. هن ڀيري جهڙي طرح سنڌ جي قوميپرست قيادت سياسي ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي هڪ ئي پليٽ فارم تان عوامي رد عمل کي قيادت فراهم ڪئي، ان جي نتيجي ۾ پاڪستان اندر توڙي ملڪ کان ٻاهر سنڌي قومپرست هڪ مضبوط ڌر ٿي اڀريا آهن. کين گهرجي ته ان سياسي بالغپڻي کي برقرار رکندي سنڌي قوم لاءِ متبادل قيادت بنجڻ لاءِ جدوجهد ڪن. هاڻوڪي صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پت وائکي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ان لاءِ شديد نفرت پکڙيل آهي، جنهن کي قومپرست ڌريون سياسي حڪمت عملي سان پنهنجي سگهه ۾ بدلائي سگهن ٿيون. جيڪڏهن قومپرست ڌريون سياسي ۽ ذاتي انائن کان مٿاهون ٿي سنڌ جي مفادن خاطر گڏيل فورم تان جدوجهد ۾ ثابت قدم رهن ته ڪجهه ئي عرصي اندر اهي سنڌ ۾ هڪ انتهائي مضبوط سياسي ڌر ٿي اڀري سگهن ٿيون ۽ سنڌ کي پيپلز پارٽيءَ جي هڪ هٽي ۽ بليڪ ميلنگ کان بچائي سگهن ٿيون.

 


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو