Home / ڪور افيئر / !ايم ڪيو ايم سنڌ ٽوڙڻ چاهي ٿي، سنڌ ٽٽي ته پاڪستان ٽٽي ويندو
above article banner

!ايم ڪيو ايم سنڌ ٽوڙڻ چاهي ٿي، سنڌ ٽٽي ته پاڪستان ٽٽي ويندو

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ملڪي سياست ۾ تازو جيڪو بحث ڇيڙيو آهي. ان پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ، عدليه ۽ سرڪار کي لوڏي ڇڏيو آهي. ٻن عالمي سپر طاقتن آمريڪا ۽ برطانيا کي وضاحتون ڪرڻيون پئجي ويون. ماڻهو ذوالفقار مرزا جي انڪشافن کي “وڪي ليڪس” سان مشابهت ڏين پيا. مون کيس چيو ته ماڻهو اوهانکي “ذلفي ليڪس” چئي رهيا آهن ته سندس چوڻ هُئو ته “ذلفي از نيوز ليڪس”. حڪومت ڇڏڻ کانپوءِ سندس سياسي قد وڌي ويو آهي. سندس گهر تي ماڻهن جا هشام نظر اچن ٿا. هر روز ڪيترائي ماڻهو سندس گهر ٻاهران گلدستا ڇڏي ويندا آهن. جن ۾ اڪثريت غير سنڌين جي آهي. گلدستا پيش ڪندڙن ۾ عورتون به شامل آهي. جيڪي نامعلوم خط به ڇڏي وڃن جن ۾ سندن مارجي ويل ڀائرن، ڀينرن ۽ ورن جا تفصيل هوندا آهن.

هُو فرقي جي لحاظ کان شيعو آهي چوي ٿو ته حسيني قافلو کڻي نڪتو آهي. سندس گهر اڄ به وزير ۽ اسيمبلي ميمبر اچن ٿا. سرڪاري ڪامورا ۽ پوليس آفيسر به ساڻس ملڻ اچن ٿا. سڄو ڏينهن ٽي وي چينلز جي انٽرويو جي وٺ وٽان دوران کانئس تفصيلي انٽرويو وٺڻ پڻ سولو ڪم ناهي. ڪچهري دوران ساڻس سوال ٿيا_ (عين جيم)

افيئر: ڊاڪٽر صاحب اوهان کي خبر آهي ته ماڻهو اوهان کي چاهين ٿا اوهان سان محبت ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي خوف آهي ته اوهان قتل به ٿي سگهو ٿا؟

مرزا: ماڻهن جي مهرباني. مان ان جي لائق شايد ناهيان. خدا جو شُڪر آهي. مون ته سِڌو سولو سچ جو رستو ورتو آهي جيڪو ڏاڍو سولو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جا گهمرا ڏيڻا پوندا آهن. سچ ته تمام سولو آهي. ها اِهو صحيح آهي مونکي خبر آهي ته مون زندگيءَ کان بغاوت ڪري موت جو رستو ورتو آهي. سِر تريءَ تي رکي اڳتي وڌيو آهيان. پنهنجي جان، پنهنجي خاندان، اولاد ۽ پنهنجي گهرواريءَ جي جان خطري ۾ وڌي اٿم. پر سچ خاطر، سنڌ خاطر، پاڪستان خاطر اهو سڀ ڪريان پيو. سنڌ پاڪستان کي جنم ڏنو آهي، سنڌ پاڪستان جي ماءَ آهي مان اِهو سمجهان پيو ته پاڪستان کي خطرو آهي. سنڌ ماءَ کي خطرو آهي. اسانجي ايندڙ نسلن کي خطرو آهي. آمريڪا عالمي سطح تي هڪ دهشت گرد تنظيم ذريعي پاڪستان کي ٽوڙي رهيو آهي. اسانکي دهشتگردن ذريعي اندران اندران کوکلو ڪيو پيو وڃي. هِن مُلڪ جون پاڙون کوٽجي چُڪيون آهن. پاڪستان ٽٽي رهيو آهي. پاڪستان ٽوڙڻ جو ڪم ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي پر اِهو الزام بهرحال پيپلز پارٽيءَ تي اچڻو آهي. مون اِها ڳالهه صدر آصف علي زرداري، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، آءِ ايس آءِ جي سربراهه سميت هر ذميوار کي ٻڌائي. مونکي چيو ويو صبر ڪر، بس ٿورو صبر، سڀ ڪجهه ٿيندو. مان ٽن سالن تائين ثبوتن سان ڳالهائيندو رهيس. هر فورم تي ڳالهائيندو رهيس. سڄي ڪابينا ان جي گواه آهي. آخر منهنجي ضمير، منهنجي خدا مون کي چيو ته مان ان گيم جو حصو ڇو بڻجان، جيڪا راند رحمان ملڪ پنهنجي آقائن جي اشاري تي کيڏي رهيو آهي. مان رحمان ملڪ جي وزارت جي ڪنٽرول ۾ هوس، تڏهن به مون سندس خلاف ڳالهايو پئي. ڇو ته هُو صدر، وزير اعظم کي هر فورم تي غلط رپورٽون ڏيندو آهي. هُو سڄي جو سڄو ڪوڙو ۽ بدمعاش آهي. پنهنجي خصيص مفادن، ڪروڙين اربين ڊالرز لاءِ رحمان ملڪ سڄي پاڪستان ۽ سڄي سنڌ جو سودو ڪري رهيو آهي. ان ڪري مون هي رستو اختيار ڪيو. رحمان ملڪ غير قانوني مني ايڪسچينج هلائي ٿو، جنهن جي ذريعي ڪروڙين ڊالر هُو ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪرائي چُڪو آهي. هُو پي ٽي سي ايل ۾ پنهنجي عرب پارٽنر سان گڏ آهي. رحمان مڪ پاڪستان جا اربين ڊالر لُٽي چُڪو آهي. ٺاهي وڃي جوڊيشل ڪميشن، مان ٿو ان جا ثبوت پيش ڪريان.

افيئر: اوهان رحمان ملڪ لاءِ کوڙ ڳالهيون ٿا ڪريو. آخرهُو ڇا شيءِ آهي. محترمه بينظير ڀٽو کيس اڳتي ڪيو. زرداري صاحب جو هُو اهم ماڻهو آهي. ايڏو خطرناڪ ماڻهو آخر ويٺل ڪيئن آهي؟

مرزا: رحمان ملڪ غير ملڪي ايجنٽ آهي. سندس آقا کيس کيڏاري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم ۽ رحمان ملڪ جا انٽرنيشنل آقا ساڳيا آهن. هُو پاڪستان ۾ رهندڙ قومن جو دشمن آهي. مطلومن جو دشمن آهي. هتي رهندڙ سنڌين، بلوچن، پٺاڻن، سرائيڪين ۽ پنجابين جو دشمن آهي. هُو حجم جو اولاد آهي. اڄ اربين ڊالر وٽس آهن. صدر آصف علي زرداري يار ويس ماڻهو آهي. رحمان ملڪ جي گهر لنڊن ۾ بي بي سان گڏجاڻيون ڪندو هُئو. صدر آصف علي زرداي کيس اهم ذميواريون ڏنيون پر مان سمجهان ٿو ته آصف صاحب مٿس اعتماد ڪري تاريخي غلطي ڪئي آهي. مان رحمان ملڪ جي سازشن خلاف اٿيو آهيان، کيس ڪونه ڇڏيندس مان چاهيان ته سنڌ جي عوام کي ڪال ڏئي سگهان ٿو. رحمان ملڪ جو سنڌ ۾ هلڻ مشڪل ٿي ويندو. مان کيس پنهنجي جوتي هيٺان چيڀاٽي سگهان ٿو پر مان اهڙو ڪم نه ڪندس. مان نه ٿو چاهيان ته پيپلزپارٽيءَ کي نقصان پهچي پر رحمان ملڪ جهڙا ماڻهو شهيد بي بي جي پارٽيءَ کي تباهه ڪري رهيا آهن. پنهنجو ڪم ڏيکاري ٻاهر هليا ويندا. پويان ميدان خالي ٿي ويندو.

افيئر: هڪ راءِ اِها آهي ته اوهان سڀ ڪجهه صدر آصف علي زرداريءَ جي مرضي سان ڪري رهيا آهيو. توهان جي هن عمل ۾ به زرداري شامل آهي. اوهان ڇا چوندو؟

مرزا: صدر آصف جا مون تي وڏا احسان آهن. منهنجي زندگيءَ جو هر عمل سندس صلاح کانسواءِ نه هُئو. مونکي پنهنجي گهر واريءَ سان 30 سال گذريا پر آصف علي زرداريءَ سان منهنجي دوستي ۽ ڀائپي کي 42 سال گذريا آهن منهنجي بدن تي ڪپڙا به مان سمجهان ٿو ته آصف علي زرداريءَ جي مهرباني آهي. پر مان صدر آصف زرداريءَ کي مسلسل چوندو رهيو آهيان ته ڪراچي ۾ عجيڪو ڪجهه بي گناهه ماڻهن جو رت وهي ٿو. ا ن ۾ صرف هڪ جماعت جا دهشتگرد، قاتل، ڀتاگير، لڄ لٽيندڙ، شامل آهن. جيستائين انهن ۾ هٿ نه وڌو ويندو هتي امن نه ٿيندو نه جمهوريت ڪامياب ٿيندي. صدر زرداري مونکي چوندو رهيو ته سٺي وقت جو انتظار ڪريو. پر اوهان ڏٺو ته هن دهشت گرد، قاتل ۽ عالمي بدمعاش الطاف حسين هزارين ماڻهو مارايا ۽ هُو ماڻهو مارائيندا رهيا، صدر ۽ وزير اعظم کي بليڪ ميل ڪندا رهيا . مان هن جماعت جي سيڪٽر آفيسن تي ڇاپا هڻي سيڪٽر انچارج هٿيارن سميت گرفتار ڪيا. ٽارگيٽ ڪلرز پڪڙيا پر رحمان ملڪ انهن کي ڇڏرائيندو رهيو. چوندو هو هي نه ڇڏيندو ته فوج ناراض ٿيندي، آءِ ايس آءِ ناراض ٿيندي. حڪومت ختم ٿي ويندي. جمهوريت ختم ٿي ويندي. رحمان ملڪ چوندو هو ته فوج ۽ آءِ ايس آءِ به ايم ڪيو ايم سان مليل آهن پر مون جڏهن اها ڳالهه جنرل شجاع پاشا کي ٻڌائي ته هو حيران ٿيو. ان جو مطلب آهي ته ڪوڙي رحمان ملڪ سڀ ڪجهه غلط رپورٽون ڏنيون. رحمان ملڪ نه رڳو صدر ۽ وزير اعظم کي غلط رپورٽون ڏنيون پر فوج کي غلط رپورٽون ڏنيون. هُو ايم ڪيو ايم بابت فوج کي به غلط ٻڌائيندو رهيو. ان ڪري سندس ڪردار ۽ ڪوڙن کي وائکو ڪرڻ ضروري هو.

افيئر: ٽن سالن ۾ ڪيترا دهشت گرد ڇڏيا ويا يا رحمان ملڪ ڇڏرايا؟

مرزا: مون هڪڙو به دهشتگرد ڙحمان ملڪ جي چوڻ تي ڪونه ڇڏيو پر عدالت ذريعي دهشتگرد آزاد ٿيندا رهيا آهن. جيترا به دهشتگرد پڪڙيا ان جي جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم رپورٽون پيل آهن. مون وٽ ثبوت آهن. مان هڪ سال اڳي اسيمبلي جي فلور تي چيف جسٽس کي سوموٽو ايڪشن وٺڻ لاءِ اپيل ڪئي هُئي صوبي جي هوم منسٽر جي صورت ۾ اپيل ڪئي هُئي ته ڇا سپريم ڪورٽ سُتل هئي. ان وقت قدم کڻجي ها ته شايد سوين معصوم انساني جانيون قتل ٿيڻ کان بچي وڃن ها. اجمل پهاڙي جو بيان رڪارڊ تي آهي. هن پاڻ قبول ڪيو آهي ته کيس ايم ڪيو ايم شهر کي ڊسٽرب ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏيندي هُئي. 10 محرم جي عاشوري جي جلوس ۾ کيس هدايت ڪئي وئي ته جلوس ۾ ڪجهه ٿيندو انکان پوءِ اوهان کي ڪم ڏيکارڻو آهي. ان کانپوءِ جيڪا لٽ مار ٿي ڪاروبار سڙيو، ماڻهو جيئرا سڙيا اُهو سڀ ڪجهه اجمل پهاڙي مڃيو آهي. اهڙي ريت صحافي ولي بابر جا قاتل آهن. انهن تسليم ڪيو آهي ته هُو ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آهن ۽ کين ولي بابر کي قتل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هُئو. ان واقعي ۾ سڀ شاهد قتل ڪيا ويا. ان جا ثبوت موجود آهن. ان قتل جا پيرا جيو ٽي وي جي آفيسر ڏانهن وڃي رهيا آهن جيو جو ماڻهو گرفتار ڪيو سڀ ثابت ٿي ويندو. مون ٽن سالن ۾ 300 کان وڌيڪ دهشت گرد گرفتار ڪيا جن ۾ 99 سيڪڙو ايم ڪيو ايم جا آهن. گورنر عشرت العباد بابت کوڙ ثبوت آهن. رحمان ملڪ بابت کوڙ ثبوت آهن. ايم ڪيو ايم جي وزيرن بابت ثبوت آهن. نثار پنهور ۽ اشفاق منگي بابت ثبوت آهن. جيڪي هٿيارن جي وڏي مقدار سميت گرفتار ٿيا. ايم ڪيو ايم بارگيننگ ڪري انهن کي ڇڏرايو پر انهن مٿان ايف آءِ آر داخل آهي. اڄ به گرفتار ٿي سگهن ٿا.

افيئر: اوهان الطاف حسين سان ملاقات ۽ پاڪستان ٽوڙڻ واري ڳالهه ڪئي، جيڪڏهن ان بابت سُڀاڻي ثبوت گهريا ويا ته ڇا ڪندو؟

مرزا: مان مسلمان آهيان، قرآن پاڪ کانسواءِ مون وٽ ڪوبه ثبوت ناهي. پير مظهر الحق منهنجو شاهد آهي، کيس قرآن شريف تي هٿ رکرايو ته ٻڌائي الطاف حسين اهو چيو هو يا نه. اصل ۾ الطاف حسين اسان کي باور ڪرائي رهيو هُئو ته هُو ڄڻ پيپلز پارٽيءَ تي وڏو احسان ڪري رهيو آهي جو جمهوريت جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي. هُن جا اهي لفظ هُئا (چپٽي وڄائيندي) جيڪڏهن اسان کي آمريڪا اشارو ڪري اسان ٻن ڏهاڙن اندر پاڪستان ٽوڙي سگهون ٿا. اسان کيس چيو ته اسان توسان گڏ آهيون. اسانجي پارٽيءَ جا آمريڪا سان واسطا مضبوط آهن، منهنجو عالمي سياست ۾ ڪردار آهي. لنڊن ۾ ايئن ته ڪونه ويٺو آهيان نه. سو اِها ڳالهه مون اچي صدر زرداري ۽ ٻين کي ٻڌائي هئي. سڀني ان کي “نان سيريس” ورتو. بعد ۾ نيٽو جا ڪنٽينر غائب ٿيا. غير ملڪي هٿيار هٿ آيا. بابر غوري ان ۾ ملوث آهي. ڪراچي ۾ دهشت گردي هڪ خاص مقصد لاءِ ٿي رهي آهي. لينڊ مافيا، ڀتا مافيا سڀ ڪجهه آهي ۽ ڪراچي ۾ سڀني مافيائن جو ايم ڪيو ايم سان لِنڪ آهي. هي سڀ ڊرامو آهي اصل ۾ هڪڙي مافيا هي جيڪا آهي ايم ڪيو ايم. جنهن وٽ ڳجهيو نيٽ ورڪ آهي. سڄي دنيا جي مافيائن سان اِهو نيٽ ورڪ ڳنڍيل آهي. ايم ڪيو ايم هاڻي پنهنجو سيٽلائيٽ خريد ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. طالبان ته رڳو ايف ايم ريڊيو هلائيندا هُئا. هي سيٽيلائٽ استعمال ڪرڻ وارا آهن. ايم ڪيو ايم طالبان کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. جنهن جو واحد حل اِهو آهي ته ايم ڪيو ايم کي دهشت گرد تنظيم قرار ڏئي مٿس پابندي لڳائي وڃي. الطاف حسين کي واپس مُلڪ موڪليو وڃي. گورنر سنڌ عشرت العباد کي گرفتار ڪيووڃي. رحمان ملڪ کي گرفتار ڪيو وڃي. خود سڀ راز ظاهر ٿيندا. ڇو ته ايم ڪيو ايم سنڌ ٽوڙڻ سان گڏ پاڪستان ٽوڙائڻ چاهي ٿي. سنڌ نه رهندي ته پاڪستان به نه رهي سگهندو.

افيئر: ڊاڪٽر صاحب اوهان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ شرط لاڳو ڪيو ته ميڊيا ۾ اوهانکي سڌو ڏيکاريو وڃي توهان جو ڇا خيال آهي. عدالت اهو شرط مڃيندي؟

مرزا: سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو شرط تي پيش هوندس، مان بنا دعوت جي خدا وٽ به ڪونه ويندس. ڇو ته مونکي سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس تي اعتماد ڪونهي. هينئر تائين سڀ اهي سوموٽو ورتا ويا جن ۾ پيپلز پارٽي کي ذليل ڪري نواز شريف کي خوش ڪرڻ هُئو. اين آر او ڪيس ۾ شهيد بي بي ۽ صدر آصف تي ڪيس هليو. چهه هزار دهشت گرد به اين آر او تحت آزاد ٿيا هُئا اُهي سپريم ڪورٽ کي ڇو ياد نه هُئا. جناب افتخار چوڌري کي 12 مئي چو ياد ناهي سندس استقبال لاءِ ماڻهو ماريا ويا هُئا. تڏهن به بابر غوري شپنگ وزير هُئو ۽ سڄي شهر ۾ ڪنٽينر هڻي روڊ بند ڪيا ويا هُئا. ڇو خاموش آهي چيف جسٽس ۽ جج دهشت گردن کي ڇڏي ٿا ڏين. ڪنهن هڪ ڪيس ۾ به چيف جسٽس ڇو ڀلا سوموٽو ڪونه ٿو وٺي. آفاق احمد جو ڪيس هلائڻ لاءِ ڪو جج تيار ناهي. اهي سمورا ساڳيا ڪيس جن ۾ عامر خان آزاد ٿي ويو. جنهن نائن زيرو تي وڃي معافي ورتي ته پاڪ صاف ٿي ويو. آفاق احمد ڪيس هلائيندڙ هڪ جج نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ويو هن ۾ ايتري اخلاقي جرئت نه هُئي جو استعيفيٰ ۾ لکي ها ته دهشت گردن کيس ڌمڪيون ڏنيون، موت جي خوف کان هُو ڪيس نه ٿا هلائين بلڪه نوڪري ڇڏي ٿا ڏين. ججن کي دهشت گردن ڌمڪيون ٿا ڏين ۽ جج ڪيس ڪونه ٿا هلائين. ڇو چيف جسٽس رپورٽ نه ٿو گهرائي ڇو ايڪشن ڪونه ٿو کڻي. ان ڪري مونکي چيف جسٽس تي اعتبار ناهي مان سڀ ڪجهه ميڊيا آڏو ٻڌائڻ ٿو چاهيان، مان جڏهن جان جو سودو ڪري سڀ ڪجهه ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته پوءِ افتخار چوڌري کي ڇا جو ڊپ آهي.

افيئر: اوهان ٽي لک هٿيارن جا لائسنس ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. شراب پيئڻ جي ڳالهه ڪئي، ڇا هو سچ ميڊيا کي ٻڌائڻ گهرجي؟

مرزا: ٽن سالن ۾ سڄي سنڌ ۾ 3 لک لائسنس ڏيڻ وڏي ڳالهه ناهي. هر شهري کي لائسنس وٺڻ جو حق آهي. عام شريف شهرين کي سندن تحفظ لاءِ لائسنس ڏنا ڇو ته ڪروڙين غير قانوني هٿيار موجود آهن. ماڻهو کي پنهجي ماءُ ڀيڻ جي عزت ۽ لڄ جو تحفظ ڪرڻ لاءِ حڪومت ٻيو ڪجهه نه ڏئي سگهي گهٽ ۾ هٿيار جو لائسنس ڏئي سگهي ٿي. مون ڏنا لائسنس پر شهرين کي ڏنا. دهشت گردن کي ڪونه ڏنا پر مشرف دور ۾ پابندي وڌل هزارين هٿيارن جا لائسنس ڏنا ويا هُئا. مان گهرو وزير هُجان هان ته 3 لک وڌيڪ لائسنس جاري ڪيان هان. ان تي ڪا پابندي ڪانهي ۽ نه اهو غير قانوني آهي. سنڌ جي 23 صلعن ۾ هر سال هڪ لک لائسنس جاري ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه ناهي. شراب پيئڻ جي ڳالهه مون ڪئي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۾ ايتري همٿ آهي دل گرده آهي. ڪير الطاف حسين کان به اِهو سوال ڪري نه ۽ کانئس پڇي ته هُو غريب ملڪ جي پيسن مان هرسال ڪيتري جو شراب پيئي ٿو. پنهنجي عياشين تي هر سال اربين پائونڊز خرچ ٿو ڪري. پئسو ته اسانجو آهي غريب عوام جو آهي.

افيئر: لياري آپريشن ته اوهانکي اعتراض آهي يا آپريشن تي اعتراض آهي؟

مرزا: هي رحمان ملڪ ڪو آپريشن ڪونه پيو ڪرائي ڊرامو آهي. جيڪڏهن ڪراچي ۾ دهشت گردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز خلاف آپريشن شروع ڪرڻو آهي ته اُهو نائن زيرو کان شروع ڪيو وڃي. پاڪستاني فوج ڪعبته الله ۾ به آپريشن ڪيو هُيو نائن زيرو ڪعبته الله کان وڌيڪ ناهي. باقي سنڌين بلوچن جي علائقن ۾ آپريشن جو ڊرامو رچائي ايم ڪيو ايم کي خوش ڪيو پيو وڃي. لياري ۾ ماڻهن خلاف ڪاروائي ٿي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بندوق کڻي پهچي ويندو ۽ لياري وارن سان گڏ هوندو. ٻي ڳالهه هتي وڏي خوني انقلاب جي ضرورت آهي. امام خمينيءَ جهڙو انقلاب اچڻو آهي. گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال آهي. مان بندوق کڻي اهڙي انقلاب جي اڳواڻي ڪندس. دهشت گردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسانکي ٻاهر نڪرڻو پوندو. پنهنجي زمين ۽ پنهنجي حقن لاءِ اڪبر بگٽي به ته ميدان ۾ نڪتو هُئو مان کيس سلام ٿو ڪريان. منهنجي خواهش آهي ته منهنجو موت به شهيد اڪبر بگٽيءَ جهڙو هُجي. مون موت کي چُمي ڏئي هي رستو ورتو آهي. مان هاڻي سياست، حڪومت ۽ وزارت بابت ڪڏهن به ڪونه سوچيندس. پاڻ کي صرف خدا جي آڏو ۽ پنهنجي ضمير جي آڏو جوابده سمجهان ٿو. هِن واٽ ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪندس. سڀ ٻيڙيون ساڙي نڪتو آهيان. سڄي سنڌ جا باضمير، باغيرت نوجوان ۽ سنڌ ماءُ جا پُٽ منهنجو ساٿ ڏيندا. تنهنجي جان ڏاڍي ننڍي ۽ خصيص شيءِ آهي..

 

Exclusive Interview by Aaijz jamali

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو