Home / سياسي افيئر / !متحده بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي پئي
above article banner

!متحده بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي پئي

مان مئٽرڪ جو شاگرد هيس. رول هيس. اسڪول ٽائيم کانپوءِ موڪلن ۾ ڪراچي جا روڊ رستا گهٽيون گهيڙ ماپيندو رهندو هيس. لياري ۾ رهائش هئي. دوستن يارن سان ملڻ ۽ ٻين اجاين سجاين ڪمن سانگي اولڊ ٽائون معنيٰ رنڇوڙ لين کان پيلس سينيما ۽ لي مارڪيٽ کان ٽاور، بندر روڊ، برنس روڊ، (۽ سولجر بازار لسٻيلي جا) لامارا پيا ڏينداهياسين.بولٽن مارڪيٽ کان ٿاڻي جي آڏو جيڪا بلڊنگ آهي (نالو ياد نٿو اچي) انجي ٻي ماڙ تي فوڊ ڊپارٽمينٽ جي آفيس هئي.

ان ۾ نوالين جو صفدر صاحب ڪم ڪندو هو، هيڊ يا سينيئر ڪلارڪ ٽائپ پوسٽ تي.قربائتو ماڻهو هو.چانهه سان گڏ پيٽيس ۽ سموسا به کارائيندو هو. منهنجي هڪ دوست جو مائٽ/ واسطيدار هيو. اسان ٻئي منوڙي يا ڪلفٽن ويندي يا ايندي، بولٽن مارڪيٽ، ڪاغذي بازار ۽ الله والا مارڪيٽ ۾ خريداري کان اڳ يا پوءِ، يا رٽز ۽ ميجسٽڪ سينيما جا پوسٽر ڏسڻ کانپوءِ پنڌ وچ ۾ ٿڪ پٽڻ هن وٽ ويندا هياسين

سندس بلڊنگ جون ڏاڪڻيون چڙهندي پان جي پڪ سان ڳاڙهي کان ڪاريون ٿيندڙ ڀتين تي مون پهريون ڀيرو “شفاف تحريڪ” جي چاڪنگ ڏٺي. بعد ۾ اڪثر انهن بلڊنگن/ جاين ۾ جتي سرڪاري دفتر هئا). ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. تحريڪون ته سياسي يا سماجي هونديون آهن. شفاف ڇا معنيٰ. شيشي جهڙي؟ آر پار نظر اچي.؟ ويجهو وڃي ڏٺم ته ننڍن لفظن ۾ فقط نعرا نه پورو منشور لکيل هو، هن دعوت سان گڏ ته آئيي شفاف تحريڪ مين شامل هو جائيي. اها تحريڪ سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن خلاف هئي.

الائي هن تحريڪ جو باني ڪير هو؟ انا هزاري نه بڻجي سگهيو انڪري کيس هن بي مهر شهر ۽ بي قدري ملڪ وساري ڇڏيو. اجتمائي نسيان جي ڍير ۾ دفن ڪري ڇڏيو. اڄ جيئرو هجي ها ته متان سندس شفاف تحريڪ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستاني شاخ هجي ها.

ايڪويهين صدي جي پنهنجي بين الاقوامي ثقافت آهي، پنهنجا وصف آهن، پنهنجا مهانڊا آهن. انهن مان هڪڙي وصف شفافيت آهي. ڳالهيون لڪايو نه، پڌريون ڪيو. چورن وانگر بند دروازن پويان لڪي ماڻهن جي تقدير جو فيصلو نه ڪيو. ميدان تي اچي بيهو. اڇا ڪارا چڱا موچارا پاڻهي پڌرا ٿي ويندا. ماڻهن کي بيوقوف سمجهڻ ۽ بنائڻ بند ڪيو. وڪي ليڪس ذريعي جهان جا پول پڌرا ڪندڙ جولين اسانج (جنهنکي مان پيار وچان اسانجو جولين سڏيندو آهيان) هن دور کي ماضيءَ کان ممتاز بنائيندڙ تبديلين ۽ تبديل ٿيندڙ روين جو اهڃاڻ (icon) آهي. پهريون ته اسان انٽرنيٽ تي ۽ اخبارن ۾ وڪي ليڪس جي بي ڪنار بحر مان عالمي سياست جي مکيه معاملن ۽ مامرن بابت جيڪي سرٻاٽ اقتداري ايوانن ۾ ٿيا اهي ٻڌا ۽ جيڪي ڳالهيون واشنگٽن، رياض، اسلام آباد، لنڊن، راشٽريه پتي ڀون، ڪريملن ۽ وائٽ هائوس وغيرهه ڳجهه ڳوهه ۾ پاڻ ۾ ڪيون اهي پڙهيوسين. پوءِ روزاني “ڊان” وڪي ليڪس جي ڀنڊار مان پاڪستان سان واسطو رکندڙ ڪيبلز (آمريڪي برطانوي سفيرن جي رپورٽن ۽ ٻين خفيه دستاويزن مان ورتل رڪارڊ) جو ڀنڊار حاصل ڪيو ۽ ان مان ميڙي چونڊي اسانجي ملڪ ۽ خطي جي سياست جي نازڪ ۽ ڳنڀير سوالن سان لاڳاپيل اهم انڪشاف ڪيا.

انهن انڪشافن ۾ اهو به هو ته ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم ۽ متحده قومي مومنٽ جي اڀرندڙ اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال آمريڪي عملدارن سان ملاقات ۾ اهي سور سليا آهن ته آمريڪا سندس پارٽي کي “نظر انداز” پيو ڪري.

متحده ۽ اولهه، معنيٰ آمريڪا ۽ برطانيه، جا لاڳاپا اڄوڪا ناهن. دو چار برس کي بات نهين يه ايڪ عمر .ڪا قصه هي. پر انهن لاڳاپن جي نوعيت ڇا آهي؟ ٻئي ڌريون ڪنهن حد تائين هڪٻئي سان ٻڌل آهن؟ ڇا گريٽ گيم ٿري پلان ۾ هن علائقي ۾ جاگرافيائي تبديليون آڻڻ جي رٿا شامل آهي؟ اهي ۽ اهڙا ڪيئي ٻيا سوال جواب جا منتظر هيا.

ڪراچيءَ جي ڪُن ۾ جيڪي گذريل مهيني ٿيو. ان ۾ اهي جواب ڳولي سگهجن ٿا. رحمان ملڪ جي موجودگي ۾ جڏهن متحده اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر عشرت العباد گورنر جو عهدو وري سنڀالي پيو. انجي پٺيان هڪ ڊيل هئي. هن ڊيل جا ٽياڪڙ ۽ ضامن (guaranteer) آمريڪا ۽ برطانيه هئا.

اصل ۾ ٻنهي کي هڪ سمجهڻ گهرجي. پڙاڏو سوئي سڏ ور وائي جو جي لهين. برطانيه کي عام طور آمريڪا جو جونيئر پارٽنر سمجهيو ويندو آهي پر ڏٺو وڃي ته آمريڪا برطانيه جي توسيع آهي. برطانيه ۽ يورپ جي ٻين ملڪن مان لڏي آيل، ‘سون ڪي تلاش’ ۾ پنهنجو وطن ڇڏي آيل، مهم جو، طالع آزما ambitious ۽ ڏوهاري ذهينت جا ماڻهو جن مقامي ماڻهن کي ماري سڃ ڪري سندن سڃاڻپ به کسي ورتي. الائي ڇا ڇا مان ريڊ انڊين بڻائي ڇڏيو.

ڊيل ٿي وئي. عباد وري گورنر ٿي ويو. باقي مامرا پاڻ وڃي نبيريو. وڏڙن چيو پاڪستان پيپلز پارٽي متحده کي چيو ته جيڪي وزارتون اوهان وٽ اڳ هيون اهي وٺو ۽ ‘اچ ته ڀاڪر پايون’. متحده پنهنجي هن پوزيشن کان شروعات ڪئي جيڪا هن ساڍا ٽي سال اڳ اتحادي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ورتي هئي. شپنگ جي وفاقي وزارت ڏيو. سنڌ ۾ تعليم کاتو به ڏيو وغيرهه. آخر ۾ هن ڳالهه تي سُئي اٽڪي پئي ته سڄي سنڌ جي گهرو وزارت ۽ مڪاني ادارن جون وزارتون ڏيو ۽ مشرف جي ٺاهيل شهري حڪومت جي خالق سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊينينس 2001 ٻن ٽن ڏينهن اندر سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو.

ظاهر آهي ته اهو ٽه نڪاتي پروگرام سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي موت جو پروانو آهي. ديڊ لاڪ برقرار رهيو. لاش ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو. برطانوي سفير کي سفارتي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندي چوڻو پيو ته برطانيه کي ڪراچي جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. پر رت جي راند ۾ تيزي ايندي وئي. انکي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا هڪ ڌمڪي هئي/ آهي. ڪراچي ۾ 92 جون حالتون ٻيهر پيدا ڪرڻ جي ڌمڪي. ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ٿيڻ لڳو. اهو مطالبو سڀني کان پهرين ڪنهن ڪيو هو؟ پاڪستاني فوج اڳواٽ ئي پختونخواهه ۽ قبائلي علائقن ۾ مصروف آهي. بلوچستان به سندس فوڪس ۾ آهي. هندستان جي سرحد به خالي نه ٿي ڪري سگهي. هن صورتحال ۾ سندس ڪراچي اچڻ (شهري گوريلا جنگ ڏکي مان ڏکي جنگ آهي) کيس ويتر تقسيم ڪندو ۽ (نام نهاد) دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندس وڙهڻ جي سگهه کي ڪمزور ڪندو.

اها ڳالهه ڀلا آمريڪا کي ڇو وڻندي؟ خاص ڪري جڏهن هو افغانستان ۾ پنهنجي (فوجي) موجودگي کي گهٽائڻ گهري ٿو. هن تناظر ۾ ڏسجي ته ڪراچي جي صورتحال آمريڪا ۽ برطانيه تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش آهي.

ڪي تجزياتي ذهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس کي به آمريڪا تي جوابي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش سمجهن پيا، صدر آصف علي زرداري پاران. هن تجزئي موجب رحمان ملڪ صدر زرداري کي ڏاج ۾ مليل آهي، ۽ کانئس (صدر کان) وڌيڪ طاقتور آهي ڇاڪاڻ ته هو (رحمان ملڪ) بينظير ڀٽو صاحبه ۽ آمريڪا/ جنرل مشرف وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل ۾ آمريڪا/ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ طرف پي پي پي کي مليو آهي ۽ پنهنجي دوست ذريعي صدر آصف زرداري آمريڪا تي دٻاءُ وجهي، رحمان ملڪ مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري پيو. ٻيو خيال ڪراچي جي تاريخي پريس ڪانفرنس کي ذوالفقار مرزا جو انفرادي عمل سمجهي ٿو. گهرو وزارت ڇڏڻ کانپوءِ ذوالفقار مرزا پنهنجي وني۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا سان لنڊن ۾ ترسي پيو هو ته ايئن به ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته هو صدر زرداري کان ناراض آهي.

جو ڪجهه به هجي هن پريس ڪانفرنس سنڌ نه سڄي ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي مقبوليت جي ڪرندڙ گراف کي هٿي ڏني آهي. ٻئي پاسي متحده في الحال هڪ بند گهٽي ۾ڦاسي پئي آهي.

مينهن به هن سال جهجهو پيو پئي. مينهن ته پهريون به ڏٺاسي. ٻه ٻه مهينا ساهي ۾ پنج ست ڏينهن هلندڙ مينهن. پر هي مينهن ٻيو آهي. اوچتو ڪڙڪاٽ ٿو ڪري ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ جهر بر بحر ڪري ڇڏي ٿو. ملڪ ٻوڙيو اٿئين اڃا بس نه ٿو ڪري. شل جهانگيئڙن جي جهوپڙن ۽ ماروئڙن جي ڇپرن جو خير هجي.

جهرڪين جا خدا

بازن کي پر نه ڏي

بند برساتون ڪر

يا ڪچا گهر نه ڏي

(وفا ناٿن شاهي)

ليکڪ روزاني “ڊان” سان لاڳاپيل ۽ سينئر صحافي آهي هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

 

عباس جلباڻي

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو